• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌسلامت تي غيرحاضري جو سبب

پيارا ڀائرو اسلام عليڪم
نهايت ڏک مان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي پياري سنڌ کي بد امني ،ڌاڙيل ڪلچر ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي ۔۔۔۔۔ منهنجو ليپ ٽاپ به پنهنجن سنڌين سٻاجهن رات جو سفر ڪندي ادا ڦري ويا جنهن سبب مان پنهنجي سوچ پنهنجو تحريرون توهان سان شعر نه ڪري سگهيس۔۔۔۔ ٻيو ڪل خير۔۔۔۔هي واقعو ضلعي شڪارپور ۾ پيش آيو 11 فيبروئري تي ۔۔۔۔
 
جواب: سنڌسلامت تي غيرحاضري جو سبب

ڏک واري ڳالهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

پنهنجائي سنڌي آهن جيڪي اسان کي ئي پيا ڦرين لٽين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙي سماج ۾ ڪنهن ٻئي دشمن جي ڪهڙي ضرورت ۔۔۔

خير اوهان کي سهڻي فورم تي ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌسلامت تي غيرحاضري جو سبب

ادا سليمان حوصلو ٻڌائڻ جا لک ٿورامان وري به پنهنجن سنڌي ماڻهن مان نا اميد نه آهيان اهي ائين آهن جيئن ڪو نشي جي هالت ۾ هوش ۾ نه هوندو آهي سو تعليم ،جاڳرتا سان اهي هوش ۾ ايندا ۔۔۔۔۔ مان انهن تي ارهو به نه ٿو ٿي سگهان منهنجي جبلت ائين چئي ٿي۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌسلامت تي غيرحاضري جو سبب

ڏک واري ڳالهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

خير اوهان کي سهڻي فورم تي ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌسلامت تي غيرحاضري جو سبب

ٻڌي ڪري ڏک ٿيو ته توهان سان اهو واقعو شڪارپور ۾ پيش آيو

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌسلامت تي غيرحاضري جو سبب

ٻڌي ڪري ڏک ٿيو ته توهان سان اهو واقعو شڪارپور ۾ پيش آيو

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ها ادا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فقيرن ۽ ان جي ايجنسين کي ته سڀ خبر هوندي

اڄڪلهه فقيرن کي ليپ ٽاپ جي ضرورت ڪجهه وڌيڪ آهي۔
 
جواب: سنڌسلامت تي غيرحاضري جو سبب

ادا اوهان سڀن ڀائن جي مهرباني خاص ڦلپوٽو فقير ادا واحد سومرو صاحب ۽ منهنجو مان وارو محمد سليمان صاحب جن منهنجي ڏک ۾ شريڪ ٿي منهنجو ڏک هلڪو ڪري ڇڏيو ۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌسلامت تي غيرحاضري جو سبب

محترم رسول بخش جن جي ان ڏک واري خبر تي بيحد صدمو رسيو بس اهڙيون حالتون ڏسي ٻڌي دل بي چين ٿيندي آهي ته اسان سنڌين جو شعور ڪڏهن بيدار ٿيندو هي به ڪا انسانيت آهي جو پنهنجي ئي مسلمان سنڌي ڀاء کي لٽجي اسلام ته غير مسلمان کي به لٽڻ اجازت نه ٿو ڏئي پر ڪجهه ته حيا واري اک هجي جو پنهنجي ڀاء کي لٽڻ ۾ ڪجهه ته شرم ڌارجي افسوس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس وري به دعا آهي ته شال رب ڪريم اسان سڀني کي اهڙين براين کان بچائي سڌي رستي تي هلائي محنت جو جذبو عطا فرمائي۔
 
جواب: سنڌسلامت تي غيرحاضري جو سبب

ادا اوهان سڀن ڀائرن جي مهرباني مونکي پڪ ۾ يقين آ اڄ نه ته صبح هي منهنجا مارو ضرور سمجه ڪندا ۽ پنهنجو ن تونايون دشمن تي صرف ڪندا۔۔۔۔
 
Back
Top