نثارابڙو
نائب منتظم
http://imageshack.us
سليمان، سان دوستي ڪا ايتري پراڻي به ناهي جو چئجي ته ٻڌڻن جا دوست آهيون، ڪجهه سال اڳ جڏهن سچل ڳوٺ ۾ اچ وڃ ٿي ته وساڻن جي اوطاق تي اچڻ وڃڻ شروع ٿيو، ۽ سليمان وساڻ سان ملاقات ٿي وئي ... ائين لڳو ڄڻ بهارن ۾ کُليل گلن سان ڀريل گلدستي سان ڏيٺ ٿي هجي ....
هي دوست، سنڌ ۽ سنڌيت جي خوشبوئن سان ڀريل لڳو، ۽ ڪڏهن دوستي ٿي وئي خبر ئي نه پئي ... ۽ هاڻ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ پاڻ هڪٻئي کي ڄم کان سڃاڻُون ... تمام پيارو دوست، سهڻو انسان، محبتن سان ڀريل، دل جو اهڙو ڪومل جو ٿورڙي به تتل اس تي مرجهائجي ويندو آهي، پر وري جڏهن پيار جا پاڇا پوندا اٿس ته اڳ کان به وڌيڪ کُلي پوندو آهي.
بهارن جي رنگن جهڙو دوست، مينهن جي ميهونڳيءَ جهڙو منٺار، مکڻ ۾ ماکيءَ جهڙو ماڻهونءَ ، ساڻيهه سان سلهاڙيل، سڄڻ سليمان جو 13 مارچ ڄم ڏهاڙو آهي.
ڄم کانپوءِ جي ملوڪائي ۽ سرس سونهن جون واڌايون
ڄم کانپوءِ جي حسناڪين جــون واڌايــون قبــول پون
رب العالمين دوست سليمان کي سونهن ۽ سوڀيا سان سلامت رکي ... آمين