سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست (جنم ڏڻ تي واڌايون)

'جنم مبارڪ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]


    سليمان، سان دوستي ڪا ايتري پراڻي به ناهي جو چئجي ته ٻڌڻن جا دوست آهيون، ڪجهه سال اڳ جڏهن سچل ڳوٺ ۾ اچ وڃ ٿي ته وساڻن جي اوطاق تي اچڻ وڃڻ شروع ٿيو، ۽ سليمان وساڻ سان ملاقات ٿي وئي ... ائين لڳو ڄڻ بهارن ۾ کُليل گلن سان ڀريل گلدستي سان ڏيٺ ٿي هجي ....

    هي دوست، سنڌ ۽ سنڌيت جي خوشبوئن سان ڀريل لڳو، ۽ ڪڏهن دوستي ٿي وئي خبر ئي نه پئي ... ۽ هاڻ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ پاڻ هڪٻئي کي ڄم کان سڃاڻُون ... تمام پيارو دوست، سهڻو انسان، محبتن سان ڀريل، دل جو اهڙو ڪومل جو ٿورڙي به تتل اس تي مرجهائجي ويندو آهي، پر وري جڏهن پيار جا پاڇا پوندا اٿس ته اڳ کان به وڌيڪ کُلي پوندو آهي.

    بهارن جي رنگن جهڙو دوست، مينهن جي ميهونڳيءَ جهڙو منٺار، مکڻ ۾ ماکيءَ جهڙو ماڻهونءَ ، ساڻيهه سان سلهاڙيل، سڄڻ سليمان جو 13 مارچ ڄم ڏهاڙو آهي.

    ڄم کانپوءِ جي ملوڪائي ۽ سرس سونهن جون واڌايون
    ڄم کانپوءِ جي حسناڪين جــون واڌايــون قبــول پون

    رب العالمين دوست سليمان کي سونهن ۽ سوڀيا سان سلامت رکي ... آمين

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست

    محترم سائين محمد سليمان وساڻ صاحب ٽوهان کي جنم ڏينهن جون لک لک مبارڪون.. منهنجي اها دعا آهي ته الله سائين توهان کي اهڙيون ڪروڙ خوشيون نصيب عطا فرمائي آمين....ثم...آمين
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست


    سائين محمد سليمان وساڻ جن واقعي هڪ با اخلاق انسان، خوش مزاج ۽ سهڻي ڪردار جا مالڪ آهن الله تعالى کين وڏي ڄمار بخشي سدا گلاب جيان مهڪندا رهن هن عاجز طرفان به سائين جن کي مبارڪون هجن.
    ۽ ادي جي لاء
    [​IMG]
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست

    سنڌ سلامت جو مخلص دوست، نه لالچ نه لوڀ اهڙا سهڻا دوست سنڌ سلامت جي اوطاق تي هوندا آهن ته اسانجي به دل وڏي ٿي ويندي آهي ۽ سنڌ سلامت تي ڪهي ايندا آهيون ۔۔

    رب کيس بري نظر کان بچائي ۔۔۔ باقي لکڻيون هزار يا لک حساب ئي ناهي ۔۔۔ جڏهن ياري ڪئيسون ته حساب ڪهڙا ۔

    سهڻا سائين ، اسانجو دل واريون مبارڪون قبول پون ۔۔ ۽ دعائون نيڪ تمنائون قبول پون

    سائين هن فقير طرفان هي تحفو قبول ڪندا

    [​IMG]
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست

    محترم سائين محمد سليمان وساڻ صاحب مخلص دوست، نه لالچ نه لوڀ، بي لوث، ھمدرد، ھر دل عزيز، ھِئين جي ھار، اکين جي ٺار کي جنم ڏينهن جون لک لک مبارڪون.. منهنجي اها دعا آهي ته الله سائين ادا سليمان کي اهڙيون ڪروڙ خوشيون نصيب عطا فرمائي آمين....ثم...آمين
     
  6. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست

    جنم ڏينهن جو لک لک مبارڪون ۔۔۔۔!
    الله اوهان کي هر خوشي عطا فرمائي۔ آمين
     
  7. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست

    محترم محمد سليمان وساڻ کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون
    نيڪ تمنائون ۽ دعائون ۔
     
  8. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    محمد سليمان وساڻ جنم ڏڻ مبارڪ ۔

    [​IMG]


    سنڌ سلامت جي جاکوڙي ڪردار
    علم ادب سان چاھ رکندڙ
    باشعور دوست

    محترم
    محمد سليمان وساڻ
    کي جنم ڏينهن جون
    کوڙ ساريون واڌايون .

    محترم محمد سليمان وساڻ هڪ سٺي انسان سان گڏ همدرد ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب سان انتهائي چاھ رکندڙ شخص آهي ، سادي طبيعت جي مالڪ سليمان وٽ دوستن لئه اڻ کُٽ پيار ۽ سچائي آهي ،
    ساڻس منهنجي ملاقات “ صاف “ جي پهرين سالگره ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي سيمينار ، ممتاز مرزا هال ڪراچي ۾ ٿيل پروگرامن ۾ ٿي ، پهرين ملاقات ۾ ائين مليو ڄڻ ساڻس اڳ به کوڙ ساريون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيل هجن ، وڏي سڪ ۽ پيار منجهان ڀاڪر ڀري پنهنجائپ منجهان ملندڙ شخص سليمان وساڻ هر دوست سان ائين ئي مليو ، قرب ۽ پيار ڏنو ، سندس ملاقات ۽ پيار کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي ،

    سوشل ميڊيا جي دور ۾ سرگرم دوستن ۽ خدمتگارن ۾ سندس نالو هميشه لئه سونن اکرن سان لکجي چڪو آهي ، سليمان جون ادبي حوالي سان ڪيل خدمتون ۽ مختلف ادب دوستن جون لکڻيون سهڻي ڊزائين ۾ سجائڻ ۽ دوستن سان ونڊڻ وارو ڪم ساراھ جوڳو آهي ،

    سنڌ سلامت سميت مختلف گروپن ۾ سرگرم رهندڙ سليمان وساڻ جي اڄ 13 مارچ تي سالگره آهي ، سندس جنم ڏڻ جي موقعي تي کوڙ سارو پيار ، نيڪ تمنائون ۽ دعائون ته شال سدا خوشيون ماڻي .
     
  9. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست

    سنڌ سلامت جي من مهڻي دوست محمد سليمان وساڻ کي جنم ڏڻ جون واڌايون

    [​IMG]
     
  10. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: محمد سليمان وساڻ جنم ڏڻ مبارڪ ۔

    سائين لک لک واڌيون
    [​IMG][/IMG]
     
  11. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست (جنم ڏڻ تي واڌايون)

    [​IMG]
    دوستن سليمان وساڻ لا خاص محبت مان اھڙا ته ڪارڊ چٽيا آھن جو مان پريشان ٿي ويس ته مان ڀلا ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني سان سائين جن لا ڪارڊ ٺاھيان سائين جن پاڻ اسان جي ھر پوسٽ تي رھنمائي ۽ نشاندھي ڪرائيندا آھن صلاحون ڏيندا آھن اوصلاافزائي ڪندا آھن پاڻ سائين جن دوستن لا اھڙا محبت مان ڪارڊ ٺاھيندا آھن جو اسان جا وات ئي پٽجي ويندا آھن سائين سليمان جن جون سنڌسلامت لا ڪيل خدمتون فخر لائق آھن
    سائين جن کي مون پاران جنم ڏينھن جو واڌايون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔شل قبول پون۔

    [​IMG]
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست (جنم ڏڻ تي واڌايون)

    [JUSTIFY]منهنجي مَدايُنِ جِي، جي ڪَلَ پِرِيان پيئِي،
    ته ڪَڏهِن ڪوسا نه ٿِيا، ڏوراپو ڏيئِي،
    ساجنَ سَڀِيئي، ڍَڪِيم ڍول ڍِلائِيُون.
    [/JUSTIFY]

    رب پاڪ جو شڪر گذار آهيان جنهن ڪرم ڪيو آهي ۽ زندگيء جو هڪ ٻيو سال ڏنو آهي ته جيئن سندس نعمتن تي شڪر گذار رهان ۽ سندس بندن جي خدمت ڪيان۔

    سائين نثار ابڙو صاحب جون گهڻيون مهربانيون جنهن منهنجي جنم ڏينهن تي سهڻو ڪرڊ ٺاهي اهڙي ته لفظن سان پيش ڪيو آهي جو سندس ٿورا لاهڻ لاء ڪي لفظ ئي ڪونه ٿا ملن۔

    هونئن به جڏهن سائين ڪنهن پوسٽ تي پنهنجا ڪمينٽس ڏيندو آهي ته پوء اسان وٽ وڌيڪ ڪجهه چوڻ لاء ڪونه هوندو آهي۔ سائين اوهان جون مهربانيون جو اوهان پنهنجي پيار، خلوص، محبتن، يادن ۽ دعائن سان گڏ پنهنجائپ ۾ ياد رکيو آهي۔ سچ ته اوهان جي شخصيت اسان جهڙن لاء هڪ رهنما جو ڪردار ادا ڪيو آهي۔

    سنڌ سلامت سميت سڀني دوستن جي سڪ ۽ پيار لاء سندن احسانمند آهيان۔
     
  13. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست (جنم ڏڻ تي واڌايون)

    السلام عليڪم محترم دوست سليمان وساڻ صاحب جن کي الله پاڪ هر موڙ تي ڪاميابي و ڪامراني عطا فرمائي ، دعا آهي ته رب سائين سندس دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب فرمائي ، مولا ڪريم سندن هر خوشي عطا فرمائي۔ آمين
     
  14. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست (جنم ڏڻ تي واڌايون)

    منهنجي به طرفان جنم ڏينهن مبارڪون
     
  15. هاشم شورو

    هاشم شورو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2012
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست (جنم ڏڻ تي واڌايون)

    پياري ساٿي سليمان وساڻ کي دل جي گهراين سان جنم ڏينهن جون واڌايون هجن۔
     
  16. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست (جنم ڏڻ تي واڌايون)

    سائين محمد سليمان جن کي سندن جنم ڏينهن جي نسبت سان کوڙ ساريون دعائون آهن ته شال رب ڪريم کين صحت و عافيت واري وڏي ڄمار بخشي هميشه گلاب جي گل جيان ٻهڪندا ۽ مهڪندا رهن ۔
     
  17. مزمل چانڊيو

    مزمل چانڊيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 مئي 2011
    تحريرون:
    149
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست (جنم ڏڻ تي واڌايون)

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي مينيجنگ ايڊيٽر
    ۽ اسان جي پياري دوست
    محترم محمد سليمان وساڻ
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست

    ممتاز سائين مهربانيون

    شال سدا خوش رهو
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست

    پياري ڀاء علي ظفر المعروف علي علي ۽ مرلين واري انٽرنيشنل فقير جون مهربانيون جنهن هڪ ڏينهن اڳ ئي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيو هيون ۔۔۔۔۽ ڪالهه به فيسبوڪ تي ڇانيل رهيو۔

    دوستن جو پيار ۽ محبت سدائين ياد رهندو۔
     
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۔۔۔ گلن جهڙو دوست

    لک ٿورا ڀاء عبدالوحيد ڦلپوٽي المعروف لوڪل فقير شڪارپوري جا ۔۔۔۔۔۔۔

    دوستن جو قرب هوندو آهي جو فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت تي موجود هوندا آهيون۔ اوهان ڀائرن پاران ڏنل موٽ، مان ۽ خلوص اڻ ميو آهي۔

    شال سدا خوش رهو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو