• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

علم ۽ حڪمت جو قدر

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ سلطان
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

سلطان

سينيئر رڪن
علم جو قدر

9513233_n.jpg
 
جواب: علم ۽ حڪمت جو قدر

ان قوم کي علم ۽ حڪمت جو ڪهڙو قدر جيڪا مهانگو جوتو خريد ڪرڻ ۾ فخر ۽ سستو ڪتاب خريد ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري، ائين کڻي چئجي ته اهڙي قوم کي علم کان وڌيڪ جوتن جي ضرورت آهي“

هي مٿيون قول ڪجهه ڏينهن کان فيسبڪ تي پڻ ونڊ ٿيو آهي ۽ سنڌ جي عالم، ڏاهي ۽ مفڪر علامه آ آ قاضي سان منسوب ٿيل آهي۔

قول ڏاهپ ڀريو آهي، قول سنڌين جي حالت تي ٺهڪندڙ آهي، بيشڪ اسين علم جي جا تي ٻين ضرورتن کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهيون، ڪيتريون ئي خاميون آهن جيڪي قوم ۾ موجود آهن، ڪهڙيون ڳڻائي ڪهڙيون ڳڻائجن ۔۔۔؟ اهي سڀ خاميون آهن به ڪم علمي سبب، انڪري اهڙي قوم کي جوتن جي ضرورت آهي، جيئن چين پنهنجي قوم کي سڌارڻ لا جوتو هٿ ۾ ڪري ثقافتي انقلاب آندو، تيئن سنڌ کي به سڌارڻ لا ثقافتي، اخلاقي ۽ علمي انقلاب جي ضرورت آهي۔

پر هميشه قومن ۾ سگهاريون ۽ ڏاهيون طاقتون ئي جوتو هٿ ۾ کڻي قومن کي سڌارينديون آهن۔ پر سنڌي قوم جي موجوده حالت يا موجوده ملڪ پاڪستان ۾ اهڙي ڪنهن به سڌاري يا اهڙي ڪنهن به انقلاب جي ڪا به اميد نظر نٿي اچي۔

50 سالن جي عمر ٿي آهي، جنهن مان لڳ ڀڳ 40 سال شعوري گذريا آهن، ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه ۽ باقي ڪجهه سال عمر جا بچيا آهن،پر اميد نظر نٿي اچي ۽ ساڳين چگهن ۾ ساڳيا لاٽون ڦرندي نظر پيا اچن ۔۔۔

ڏسجي ته اهو سلسلو ڪيستائين ٿو هلي؟

سلطان، ايندو گهٽ آهي پر آڻيندو لاجواب شئي آهي ۔۔۔

ادا سلطان ڀليڪار، ممڪن اوهان نقاب پائي سنڌ سلامت جي پاسي مان لنگهي ويندا هجو پر اوهانجي خوشبو اچي ويندي آهي۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: علم ۽ حڪمت جو قدر

مهرباني سائين اوهان هڪ اهم سچ اسان سان ونڊ ڪيو آهي۔

ڪجهه دوست بشمول سائين هدايت بلوچ جي چون ٿا ته هي سٽون علامه آء آء قاصي جون نه پر ناليواري ليکڪ امر جليل جون آهن۔

بحر حال جنهن جون به سٽون آهن ، سئو فيصد سچ آهن۔ هي قوم علم لاء خرچ ڪرڻ لاء تيار ناهي، ٻارن جي سڄي تربيت لاء تيار ناهي پر هوٽلنگ ، بوٽن ۽ ڪاٽن جي سوٽن تي فالتو پيسا لڳائي، گاڏين تي خرچ ڪري خوش پئي ٿيندي آئي آهي۔
 
Back
Top