قومي قافلو

هلــو قوم ڪاهيــون اهـو قافلو
ســـڄا ساٿ ٿـــي ڪيون ٿــرٿلـــو
ڏيئي سور سختيون بنائي ٿو بانـدي
هـــي زنجيـــر زوري ڀڃــو ڀرجهلـــو
مليــــراڻي مٽي ميارون منجــي ٿـي
سڄو ٿر آ ٿوهر نه ٿيو ڪو سلـــو
وڏي جوش جذبي سان اي جوانـــو
وڙهو ساڻ ويري متان ڪي ڀـلـــو
هي بربادي آهي اسان جي امن جــو
ڀڄايون ته هُن کي ڪيون ڪو بلو
 
جواب: قومي قافلو

جيتوڻيڪ هنن کي ڀڄائڻ هاڻي سولو ناهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر پوء به پاڻ کي اتحاد ٺاهي هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي۔ جيئن ڪجهه ڪري سگهون۔

خوبصورت شاعري
 
Back
Top