ڪنهن کي ساريندين

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
وائي

ڪنهن کي ساريندين
منهنجي وڃڻ کان پو پرين

روئي روئي لڙڪ تون
ڪنهن لئ هاريندين
منهنجي وڃڻ کان پو پرين

سهڪي سهڪي چاه مان
رستا واريندين
منهنجي وڃڻ کان پو پرين

رات انڌاري ڪنهن کي تون
سيني لائيندين
منهنجي وڃڻ کان پو پرين

ايڏو ٺاهي پاڻ کي
ڪنهن لئ آڻيندين
منهنجي وڃڻ کان پو پرين


420933_279345145462968_100001624545876_783059_314129071_n.jpg
 
جواب: ڪنهن کي ساريندين

روئي روئي لڙڪ تون
ڪنهن لئ هاريندين
منهنجي وڃڻ کان پو پرين


مزمل چانڊيو گهڻن ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت تي آيو ۽ هڪ سهڻي وائي ونڊ ڪري ويو۔

تمام سهڻا خيال
 
جواب: ڪنهن کي ساريندين

روئي روئي لڙڪ تون
ڪنهن لئ هاريندين
منهنجي وڃڻ کان پو پرين


ادا مزمل کي سنڌ سلامت تي گهڻن ڏينهن کانپوء ڀيرو ڀڃڻ تي ڀليڪار

بهترين وائي، جنهن کي سهڻي احساسن سان چيل لفظن ذريعي پيش ڪيو ويو آهي
 
Back
Top