حليم باغي : سنڌي ٻولي جو انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]



    سنڌ سلامت سٿ پاران سنڌي ٻوليء جي انقلابي، مزاحمتي ۽ عشقيه شاعريء جي سرواڻ حليم باغي کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔


    رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
    منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي


    [JUSTIFY]
    سنڌي ٻوليءَ جي مزاحمتي شاعر حليم باغيءَ جو اصل نالو عبدالحليم ولد محمد سومار ساند آهي . هن 13 مارچ 1963ع تي تاريخي ڳوٺ روحل واءِ لڳ عمرڪوٽ ، ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو . ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول حاجي ڪالي خان کوسي ۽ ثانوي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ مان ورتائين . ايم . اي ( سنڌي ) ۽ بي . فارميسي ، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين . بي . ايڊ ۽ ايم . ايڊ پڻ ( 95- 1996ع ۾ ) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين . سندس مامو جمن دربدر پڻ شاعر آهي . اهڙيءَ طرح ڄڻ ته شاعري حليم باغيءَ کي گهران ئي ورثي ۾ ملي . هن 78- 1977ع ڌاري شاعري شروع ڪئي . غزل ، نظم ، وائي ۽ بيت هن جي پسند جون صنفون آهن . حليم باغيءَ جا نظم مزاحمت ۽ رومان جا شاهڪار آهن ، جن سنڌ جي ڪيترن نوجوان شاعرن کي متاثر ڪيو آهي ، پر عام پڙهندڙن کي به اهي ڏاڍا پسند اچن ٿا . حليم باغيءَ جو نالو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوجوان ٽهيءَ اندر نمائنده شاعر طور مڃيو وڃي ٿو . سندس شاعريءَ جو مجموعو ” شهرِ جانان “ ٽي ڀيرا شايع ٿيو آهي . حليم باغي هاءِ اسڪول عمرڪوٽ ۾ H . S . T آهي . تازو سندس ڳوٺ ’ روحل واءِ ‘ ۾ ضلعي انتظاميه ’ حليم باغي لئبرري ‘ قائم ڪئي آهي .

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان


    ................................................

    حليم باغي جيڪو سنڌ جي ڪـنڊ ٿـر کان وٺي سنڌ جي دل ڄامشوري جي تائين مقبول شاعر آهي، سندس انداز ۾ مهراڻ جي ڇولين جهڙي ڪشش آهي ۽ سندس شاعري ڪمال جي ٻولي، رواني ۽ تخيل آهي. شايد حليم باغي جي شاعري انهي ڪري بيحد پسند ڪئي وڃي ٿي جو اها هن وقت جي ترجمان آهي، حليم باغي جي شاعري ۾ عشق به آهي ته بغاوت به آهي، جيڪو اسان جي معاشري جو فطري ردعمل آهي. جيئن سندس هڪ نظم ڪجھ سٽون ياد اچن ٿيون، جيئن ڪجھ هن ريت هيون:

    ”او چري، توکي ڪهڙي خبر
    هن ديس جي دانهن،
    چمني جي کڙ کڙ ۾ دٻجي وئي.“

    يا جيئن هي سٽون آهن ته:

    هــاءِ! اســان جــي راهه نه روڪ،
    هــاءِ! پــــرين جــي چنچـل چــڳ.

    عبدالواحد آريسر حليم باغي جي باري ۾ چيو هو ته ”آئون حليم باغي جي شاعري لاءِ اهي لفظ چوان ٿو ته اها انقلاب لاءِ احساس جي شدت آهي، لطيف جي مُـڌ آهي، ڪارونجھر جي ڪامـڻي، ڪينجھر جي ڪنڌي جو نيل ڪنول آهي. ڇاڇري جو سج آهي ۽ ڄامــشوري جي شام آهي. اهو سڀ پڙهندڙ سندس شاعري ۾ محسوس ڪري سگهندا.“

    ــــ آتـــش قربان علي بلوچ

    سندس شاعريء مان ڪجهه چونڊ پيش آهي۔۔۔

    اسان جيئن به ، جيئي ڪو جھان ۾
    سدائين نشان تي سدا امتحان ۾
    ڪڏهن آنڌي الڙي، ڪڏهن ڪڙڪي بجلي
    ڪٿي ڪکَ رهيو آ منهنجي آشيان ۾
    پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا
    هليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀان ۾
    نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آ
    ڪٿي ڪاروان وقت نا مهربان ۾
    ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگھه مورک
    اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾
    وري جي ولوڙن منجھائي رکيو آ
    غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾
    هو هالار جا پٽ هُوءَ مياڻي، هُوءِ ٽلٽيءَ
    اسان جون نشانيون سڄي گلستان ۾
    اهي ئي ڪٽارا اهي ئي الارا
    اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾
    ستارا نه چوندا ته ڇا تون نه ايندين
    اڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾
    ٻه ٽي گيت واريم ٻه ٽي ديپ ٻاريم
    ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجيءَ آجيان ۾
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
    منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي
    اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان
    اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.
    گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو
    ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي.
    سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
    اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي.
    مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي
    هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي
    اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون
    جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي.
    ــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي
    ڪو نانگ سراپي ويو نت نينهن نظارن کي
    هن راهه تي جي رميا رولاڪ ئي سمجھن ٿا
    ڳري رات مٿن گذري سا ساک ستارن کي
    نت نيريءَ سانجھيءَ جو اڄ روهه ۾ رڻ جھڻ آ
    ڪو سانگ کان ڪيئن روڪي ڪونجن جي قطارن کي
    هوءَ ڇوليءَ ڇوليءَ ساڻ هڪ ناءُ رواني ٿي
    چنڊ چمندو اڄ ناکئا ڪينجھر جي ڪنارن کي
    ڪنهن چڳَ جي ڪڙي کلندي ڪنهن چَپَ تي مُشڪ مڙندي
    ڀورا! نه اجايو ڄاڻ رت جي ته اوڇارن کي.
    بادل به هٽي ويندا پڻ باک ڦُٽي پوندي
    تون مرڪ ڇنڊي منهن تان کڻ ڪارن وارن کي
    جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي
    مئاسين ته ڏئي ڇڏبا هي رڳو هزارن کي
    ـــــــــــــــــــــــــــ
    جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ
    هي جيون جيون آهي ڇا ــ ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ
    هن ڪاڪ منڊل کي ڊاهيندي ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون
    اُس کان ته اجھو ٿو گھرجي، هي سنسار ته تپندڙ کوري آ
    هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم ٽٽو سڀ سانگ رچاءِ به سمجھون ٿا
    تو ٺوري ٺاهي آڏ رکي مون ڪالهه جا ڍونڍي ٻوري آ.
    ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو
    جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.
    قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا
    هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو جلاد جي لئه مجبوري آ
    اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
    مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ
    ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي،
    جي سر تان گذري ڄاڻن ٿا تن مور نه ڀاڙيو اٽڪل تي.
    جو رات رَتي نيلام ڪري ۽ گھور گھڙيون قتلام ڪري
    جو ويٺو ٿو وسرام ڪري مون ٽهڪ ڏنا هن توڪل تي.
    ٿو دونهون دونهون وگھري آ ۽ ڪرڻو ڪرڻو وکري آ
    جو ٽم ٽم ٽم ٽم پڄري آ، پر مير نه آيو مشعل تي.
    تو پور بندر سين پانارو، جت لهرون لهرون اجيارو
    هت نگر نگر جو وڻجارو اڻ ڪوٺيو ايندو ڦرڦل تي.
    ڪجھه تارن جي اوجارن مان، ڪجھه ڪونجن جي اوڏارن تان
    ڪجھه گلڙن جي هوٻارن سان هي منڊ منڊيو ٿئون محفل تي.
    جت ڏونگر ۾ ٿو ڏينهن ٻڏي ۽ دور دڳن ۾ ڌوڙ اڏي
    جت هٿ هٿ ۾ ٿو جام لڏي ڪو جھلجي پو ڪيئن جهلپل تي.
    جي سپنا آئي رات کڻي ڏسجان نه وڃن ڇپرن مان ڇڻي
    ڪا گھات ملي، ڄڻ بات بڻي، ڪو موڙ نه آڏو منزل تي.
    ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ
    چپن جي رڦڻي هتي جرم آ ــ اکين جي کينچل هتي ڏمر آ
    اها وکن ۾ ڍرائي ڇو ڇو؟، اڃان ته تنهنجي چري وهي آ،
    رکين جي پيرا رتيون ٿي ڏونگر، پٿر به تنهنجي اڳيان پتر آ.
    اهي ته طوفان وڌيا پيا وڌندا، هينئر ته مانجھي هنيان نه هاريو،
    سڌن سان ساگر سڪا نه ڪڏهن، گھرڻ سان گھٽبي نه ڪا لهر آ.
    لڦن جي لالي ڀري ترين ۾ ــ گسن جي مٽي ڌري اکين ۾
    هلي هلي بس ٿڪجي پياسين ــ گھڻو ٻڌايو اڃان سفر آ
    ڪلين مان اکتا هڏين ۾ پيٺا، هڏين مان نڪتل جگر تي بيٺا،
    والله! غضب ٿو ڪرين وڍيندڙ! اڃان به چئين ٿو گٿي نظر آ.
    ڪرين پيو سو ڀلين ڪندو رهه، پڇاڻا ڇا جا؟ وراڻا ڇا جا؟
    گھڙي جي آئي پڄي به وٺبو، اڃان ته توکي وڏي ڳهر آ.
    اسان جا هي وڍ اسان جو پورهيو، اسان ته تن من سنڌوءَ تان واريو،
    اڏيون اجاريو آڙاهه ٻاريو، اسان جو نينهن ڀي اڃان نٺر آ.
    اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين ــ اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين
    طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ ــ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ
    تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي!
    اڃان ته ڪوڙين ڪليون به ٽڙنديون ــ سنڌوءَ جي مٽي نه ٿي ڪلر آ
    ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    اڙي شهرِ جانان، ڪي تو کي سنڀارون،
    ته شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون.
    هي جوڌن جي سينن جا فراخ رستا،
    هي يوڪلپٽس جون نه کٽندڙ قطارون
    هي تنهنجي گلين ۾، اسان جا حوالا
    هي تنهنجي پٽن تي اسان جون پچارون.
    هتي ٻن دلين جي به ڌڙڪن هئي گونجي
    هيون جل پريءَ ڪنهن جھڪايون نهارون
    اڃان ڪجھه نه بدليو آهي اڙي دل!
    تصور ۾ اڀرن ٿيون ساڳيون پڪارون.
    هي وک وک تي منهنجيءَ پياريءِ جا پاڇا
    ۽ دڳ دڳ تي آنچل سندس جون اُڏارون
    اٿلندڙ اکين ۾ ڪنهن چاهت جي پوڄا
    ۽ پنبڻين ۾ اٽڪيل ڪي سجدا سپارون
    ۽ هن جي هلڻ ۾ هئي سارنگ جي رم جھم
    کلڻ ۾ ته ميران جي سرندي جون تارون
    ڇڙيون ۽ اسان کي ڪري ويون ويراڳي
    ”او بلما! ڪنهيا! ڪي اٻلا جيون سارون“
    اڃان ڀي ته ساڳي ئي آ فارميسي
    سپر هاءِ وي لڳ هو پيليون ديوارون
    صبح پهريان ڪرڻا جھٽي سنڌالاجي
    هوائن ۾ مهڪن گلابن جون ڏارون
    اُتر واءُ آڻي ٿو گينڊي تي جوڀن
    ڪري ماڪ ڏاڙهون پنن تي پسارون
    چڪائي وجھن چاڪ ٿا سارا مارڳ
    وري ڪنهن لنگهه تان سڏن هن جون سارون
    نه مٽجي سگھيون سي ته دل جي پٽيءَ تان
    ڪنهن شرميليءَ وينگس جون چُڪندڙ نهارون
    نه ڀلجي سگهيس هن جي گونگي ڪلپنا
    نه وسري سگھيس هن جيءَ اک جون الارون
    تصور ۾ اڀري اچن ٿا سي ڏينهڙا
    جڏهن هن جي چوٽيءَ مان ڦٽيون به ڌارون
    نه اُڪليل محبت جا رنگين جذبا
    نه سليل تنهن چاهت جون ڳجهيون ميارون
    اڃان ڀي ته هردو اسان جو ڇِلن ٿيون
    نه پوري ٿيل پيار جون سي پچارون
    ”سو اڙي شهر دلدار، تنهنجي دڳن تي
    ڪا سفيد ڪپڙن سان ايندي ته هوندي.“
    ۽ هوءَ اپسرائن جي ٽولي جي راڻي
    ڏسي تو کي اداس ٿيندي ته هوندي.“
    ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    [​IMG]
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: حليم باغي : سنڌي ٻولي جو انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

    مان تقريبن هڪ ڪلاڪ کان هن پوسٽ کي پڙهي رهيو آهيان ۽ وقت جي گزرڻ جي خبر ئي نه پئي۔۔۔۔

    بهترين چونڊ۔۔ بهترين شاعر۔۔۔۔

    انقلاب زنده آباد۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حليم باغي : سنڌي ٻولي جو انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

    مهربانيون سائين

    حليم باغي اسان جي دور جي نوجوانن جو گهڻو مقبول ۽ نمائنده شاعر رهيو آهي۔

    شال سدا خوش رهي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ
    هي جيون جيون آهي ڇا ــ ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ

    سنڌ جي انقلابي ۽ رومانوي شاعر ، حليم باغي کي سنڌ سلامت سٿ پاران جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔
     
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,719
    ورتل پسنديدگيون:
    3,877
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين سليمان صاحب اوهان جو لک لک مهربانيون جو اسان کي سنڌ ڌرتي ارڏن ڪردارن بابت ڄاڻ به ڏيو ٿا انهن جون تخليقون به ونڊ ڪيو ٿا۔ سنڌ جي هن ارڏي ڪردار کي جنم ڏينهن جو واڌايون پيش ڪيون ٿا۔

    نه مٽجي سگھيون سي ته دل جي پٽيءَ تان
    ڪنهن شرميليءَ وينگس جون چُڪندڙ نهارون
    نه ڀلجي سگهيس هن جي گونگي ڪلپنا
    نه وسري سگھيس هن جيءَ اک جون الارون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي نامياري شاعر حليم باغي جي جنم ڏينهن تي سندس شاعري پيش ڪجي ٿي

    ڄامشوري جو پٿر

    حليم باغي

    سنڌ ورسٽيءَ مان جنهنجوگذر ٿيو وڃي،
    ڄامشوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي،
    ها! هتان جا سفيدا ٿا گھايو وڃن،
    ها ! هتان موتئي جون ڪليون به کڻو،
    هڪڙو گل مهر سندس چوٽلي ۾ هڻو،
    هوءَ ڪيڏي نه سهڻي اٿس سوڀيا،
    هوءَ جا پنهنجي خوابن جي آ ساڀيا،
    هوءَ اسانکي ڏسڻ ڏيو شرم ٻوٽڙي،
    جيڪا هٿ ڇا نظر سان ٺريو ٿي وڃي.
    ڇا، چئون دل سان هوءَ ڪجهه ڪريو ٿي وڃي،
    ڏينهن ڏٺي جا لٽيندڙ هٿيارن سان بلڪل،
    اسان ڀي ٻڌا هن وڏا ڌاڙيوال،
    مگر هو ڌاڙا هڻي ٿي دلين تي،
    جو نظرن ئي نظرن ۾ ڌاڙا هڻي ٿي،
    ملي ٿونه سڳ،
    هو جا مرڪڻي موهڻي ڇوڪري،
    سا وڏن وينٽريڪلس ۽ آرڪيلس وچ مان،
    سڌا سائينس وينوسس تي هٿ ٿي وجھي
    مروڙي ڇڏي ٿي والو هرٽ(Valve Heart ) جا
    هوءَ جا هرروز هڪڙي نئين ڍنگ سان،
    دلجا در ٻيڪڙيل ٿي اکوڙيوڇڏي،
    ڏاڍن ڏاڍن جا ڇڪا ڇڏايو ڇڏي،
    هن کي ڀيٽيون ته ڪنهن سان ڀلا ڀيٽيون،
    جي ٿا ڀيٽيون خدا سان ڪفر ٿيو وڃي،
    سنڌ ورسٽي مان جنهن جوگذر ٿيو وڃي،
    ڄامشوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي.
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    حليم باغي

    سرمدي گيتي منصور جو همنشان هن جي نالي کان ڏڪندڙ منات ۽ عذا
    هن سان لشڪر خزاني سان راڪش لڙيا هن چيو مون لاءِ ڪافي آ منهنجو خدا

    هن زماني جي کوٽي روايت ڀڳي هن چيو ماڻهو ماڻهو آ يزدان نه آ
    سر خدا جي اڳيان جو جھڪي سو جھڪي ٻيو پرستش جي لائق انسان نه آ

    هن جي ڏينهن ۾ سفيد پڳڙيون ٻڌهل اهل_تسبيع به ها اهل_تقوا به ها
    بت پرستي سان اٽڪڻ جي جرت نه هئي اهل_منسب به ها رڻ جا جوڌها به ها

    هڪڙو مرد_قلندر صفا ناتوا جنهن جي دستار ڦاٽل ۽ ليرون هئي
    جنهن جي ڪپڙن تي چتيون ۽ پيوند ها جان تانن جي تيرن سان سيرون به هئي

    هن جي للڪار سان لرزيا بت قدا چنڊوخانن جي چانٺ به ڌڏڪڻ لڳي
    ڪن ته سجاد پوشن جا پٽڪا ڏريا دل فقيرن جي پيرن جي ڦٿڪڻ لڳي

    اي مسند نشينو گھڻو هي ٿيو هاڻي درگھائون تڪيا به خالي ڪريو
    ٿو ملائڪ جو مسجود انسان اچي ان جي بهيجي ۾ گانجيا نه آفيم ڀريو

    لاڙ تنهنجي لٽيل سينڌه لٽبي رهي ڪاله جليو ٺٽو اڄ ڪلاچي به وئي
    اڄ تماچي جي تڙ تان مهاڻا تڙيا اڄ آميءَ پاپيءَ جي ميت اٿي

    اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو خون_ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ
    تنهنجي اوڇي روش جي نه پرواه اٿم خون_عاشق ۾ ليڪن حرارت نه آ

    مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پڙه ٻي شهيدن جي رت جي ڪهاڻي نه آ
    هڪ بلاول هيو جيڪو ڪٽجي مئو هڪڙو سيد آ جنهن جي پڄاڻي نه آ​
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين حليم باغي جي جنم ڏڻ تي سنڌ سلامت پاران کيس سلام ۽ جنم ڏڻ جون واڌايون
     
  9. نثار ٻلھڙو سنڌي

    نثار ٻلھڙو سنڌي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏21 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ڳوٺ ٻلھڙا، لاڙڪاڻو
    تمام بھترين چونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو