ڊائريءَ جو ورق تاريخ ؛ 18 مارچ 1985 وقت جي طاقت ] [JUSTIFY]اڄ آفيس کان موٽندي پاڙي واري ناڪي کان گذر ي ، ٿاڻي واري سنهي گهٽيءَ ۾ پهتس ته خادو چريو نظر آيو، ڀت جي ڇانوري ۾ ويٺي گھڙيال جا پرزا پرزا ڪري کين جاچي رهيو هو ... خادم پڙهيل لکيل چريو آهي ... ڪڏهن ڪڏهن ته چريو گهٽ ۽ مفڪر وڌيڪ لڳندو آهي ... کيس ننڍپڻ کان سڃاڻا ۽ هو پڻ مونکي ڪڏهن ڪڏهن کيڪاريندو آهي ... جڏهن کيڪاريندو آهي ته سمجهي ويندو آهيان ته کيس اڄ قلفي کائڻ جو شوق چڙهيو اٿس جو کيس آءُ ننڍپڻ کان قلفي وٺي کارائيندو آهيان ... اڄ کيس گهر جو گهڙيال هٿ چڙهي ويو هيس سو ان جو آپريشن ويٺي ڪيائين ... مون ڀر مان گذرندي کائنس سوال ڪيو، ” اڙي خادم هي ڇا گهڙيال جي اهڙي حالت ڪئي اٿئي؟“ مونڏانهن اڻ ڏٺي ئي جواب ڏنائين، ” وقت جي طاقت پيو ڳولهيان “ ” وقت جي طاقت ! “ مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي۔ مونڏانهن غور سان ڏسي چيائين ” ڏٺو نٿي ڇا ته؟ ساڳيو وقت ڪنهن لاءِ خراب ته ڪنهن لاءِ سٺو هوندو آهي، ڪنهن لاءِ ڏک ته ڪنهن لاءِ سک کڻي ايندو آهي، ڪنهن لاءِ موت ته ڪنهن لاءِ زندگي هوندو آهي، ڪنهن سان پيار ته ڪنهن سان نفرت کڻي ايندو آهي ، مطلب ته جيترا ماڻهون اوترا ئي وقت جا نمونا هوندا آهن ... سو جانچ پيو ڪريان ته سندس ايتري طاقت ڪٿي لڪل آهي ؟ “ ”هل هتان هل، مونکي ڪم ڪرڻ ڏي !!! “مونکي دڙڪو ڏئي وري لڳي ويو گهڙيال جي پرزن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ ۾ “ آءُ کيس موڳن وانگر ڏسندو ، خادم چرئي جي عقلمندي تي سوچيندو هلندو رهيس، پاڻکي چرئي ٿيڻ کان ۽ سوچن کي ختم ڪرڻ لاءِ سگريٽ دکائي سوٽا هڻندو اچي گهر پهتس ... [] [/JUSTIFY]
جواب: وقت جي طاقت ۽ خادو چريو سائين نثار سلام ڳالهيون ته سڀ سچيون ۽ کريون ڪيون اٿس ........ اهو وقت ئي ته ظالم به ته ويري به رهيو آهي. اهو وقت ئي ته محببتون به ته نفرتون به ڏيندو رهيو آهي۔ اهو وقت ئي ته آهي جنهن جنهن اسان کان سنڌ جو امن کسيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ننڍڙي پر گهرن خيالن سان سميٽيل ڪهاڻي
جواب: وقت جي طاقت ۽ خادو چريو سائين خادو چري جي ڳالهين ۾ وزن ته آهي مهرباني سائين اهڙو ونڊ جاري رکندا سدائين گڏ
جواب: وقت جي طاقت ۽ خادو چريو ” ڏٺو نٿي ڇا ته؟ ساڳيو وقت ڪنهن لاءِ خراب ته ڪنهن لاءِ سٺو هوندو آهي، ڪنهن لاءِ ڏک ته ڪنهن لاءِ سک کڻي ايندو آهي، ڪنهن لاءِ موت ته ڪنهن لاءِ زندگي هوندو آهي، ڪنهن سان پيار ته ڪنهن سان نفرت کڻي ايندو آهي ، مطلب ته جيترا ماڻهون اوترا ئي وقت جا نمونا هوندا آهن ... سو جانچ پيو ڪريان ته سندس ايتري طاقت ڪٿي لڪل آهي ؟ “ ادا نثارابڙو صاحب اسلام عليڪم،خادو چريو جي مٿين ڳالهين ٻڌڻ کانپوء ،هو اسان کي ته گهڻن عقلمندن کان وڌيڪ ڏاهو لڳو،جڏهن ته گهڻا عقلمند هن کان وڌيڪ چريا لڳا۔ توهان جي ليک جو مرڪزي موضوع پنهنجي اندر هڪ وڏو سبق رکي ٿو،شل ڪو سمجهو ان کي سمجهن۔ هميشه وانگر توهانجو هڪ بهترين ۽ بامعنئ ليک۔اوهانجون تمام گهڻيون مهربانيون،ننڍين ننڍين ڪهاڻين جي ذريعي اسان جي اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش تي۔
ادا ڪڏهن اسانکي به اها قلفي کارائجو ، باقي يار پاڻ ته اصل کان عقل جا ويري آهيون ، خبر ناهي اسانجو ڇا ٿيندو!