وقت جي طاقت ۽ خادو چريو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,888
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڊائريءَ جو ورق
    تاريخ ؛ 18 مارچ 1985

    وقت جي طاقت

    [​IMG]
    ]

    [JUSTIFY]اڄ آفيس کان موٽندي پاڙي واري ناڪي کان گذر ي ، ٿاڻي واري سنهي گهٽيءَ ۾ پهتس ته خادو چريو نظر آيو، ڀت جي ڇانوري ۾ ويٺي گھڙيال جا پرزا پرزا ڪري کين جاچي رهيو هو ... خادم پڙهيل لکيل چريو آهي ... ڪڏهن ڪڏهن ته چريو گهٽ ۽ مفڪر وڌيڪ لڳندو آهي ... کيس ننڍپڻ کان سڃاڻا ۽ هو پڻ مونکي ڪڏهن ڪڏهن کيڪاريندو آهي ... جڏهن کيڪاريندو آهي ته سمجهي ويندو آهيان ته کيس اڄ قلفي کائڻ جو شوق چڙهيو اٿس جو کيس آءُ ننڍپڻ کان قلفي وٺي کارائيندو آهيان ...

    اڄ کيس گهر جو گهڙيال هٿ چڙهي ويو هيس سو ان جو آپريشن ويٺي ڪيائين ... مون ڀر مان گذرندي کائنس سوال ڪيو، ” اڙي خادم هي ڇا گهڙيال جي اهڙي حالت ڪئي اٿئي؟“

    مونڏانهن اڻ ڏٺي ئي جواب ڏنائين، ” وقت جي طاقت پيو ڳولهيان “

    ” وقت جي طاقت ! “ مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي۔

    مونڏانهن غور سان ڏسي چيائين ” ڏٺو نٿي ڇا ته؟ ساڳيو وقت ڪنهن لاءِ خراب ته ڪنهن لاءِ سٺو هوندو آهي، ڪنهن لاءِ ڏک ته ڪنهن لاءِ سک کڻي ايندو آهي، ڪنهن لاءِ موت ته ڪنهن لاءِ زندگي هوندو آهي، ڪنهن سان پيار ته ڪنهن سان نفرت کڻي ايندو آهي ، مطلب ته جيترا ماڻهون اوترا ئي وقت جا نمونا هوندا آهن ... سو جانچ پيو ڪريان ته سندس ايتري طاقت ڪٿي لڪل آهي ؟ “

    ”هل هتان هل، مونکي ڪم ڪرڻ ڏي !!! “مونکي دڙڪو ڏئي وري لڳي ويو گهڙيال جي پرزن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ ۾ “

    آءُ کيس موڳن وانگر ڏسندو ، خادم چرئي جي عقلمندي تي سوچيندو هلندو رهيس، پاڻکي چرئي ٿيڻ کان ۽ سوچن کي ختم ڪرڻ لاءِ سگريٽ دکائي سوٽا هڻندو اچي گهر پهتس ...
    [​IMG]

    [​
    ]
    [/JUSTIFY]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,936
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وقت جي طاقت ۽ خادو چريو

    سائين نثار سلام

    ڳالهيون ته سڀ سچيون ۽ کريون ڪيون اٿس ........

    اهو وقت ئي ته ظالم به ته ويري به رهيو آهي. اهو وقت ئي ته محببتون به ته نفرتون به ڏيندو رهيو آهي۔ اهو وقت ئي ته آهي جنهن جنهن اسان کان سنڌ جو امن کسيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ننڍڙي پر گهرن خيالن سان سميٽيل ڪهاڻي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: وقت جي طاقت ۽ خادو چريو

    سائين خادو چري جي ڳالهين ۾ وزن ته آهي

    مهرباني سائين اهڙو ونڊ جاري رکندا

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: وقت جي طاقت ۽ خادو چريو

    ” ڏٺو نٿي ڇا ته؟ ساڳيو وقت ڪنهن لاءِ خراب ته ڪنهن لاءِ سٺو هوندو آهي، ڪنهن لاءِ ڏک ته ڪنهن لاءِ سک کڻي ايندو آهي، ڪنهن لاءِ موت ته ڪنهن لاءِ زندگي هوندو آهي، ڪنهن سان پيار ته ڪنهن سان نفرت کڻي ايندو آهي ، مطلب ته جيترا ماڻهون اوترا ئي وقت جا نمونا هوندا آهن ... سو جانچ پيو ڪريان ته سندس ايتري طاقت ڪٿي لڪل آهي ؟ “

    ادا نثارابڙو صاحب اسلام عليڪم،خادو چريو جي مٿين ڳالهين ٻڌڻ کانپوء ،هو اسان کي ته گهڻن عقلمندن کان وڌيڪ ڏاهو لڳو،جڏهن ته گهڻا عقلمند هن کان وڌيڪ چريا لڳا۔
    توهان جي ليک جو مرڪزي موضوع پنهنجي اندر هڪ وڏو سبق رکي ٿو،شل ڪو سمجهو ان کي سمجهن۔

    هميشه وانگر توهانجو هڪ بهترين ۽ بامعنئ ليک۔اوهانجون تمام گهڻيون مهربانيون،ننڍين ننڍين ڪهاڻين جي ذريعي اسان جي اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش تي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 سيپٽمبر 2015
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا ڪڏهن اسانکي به اها قلفي کارائجو ، باقي يار پاڻ ته اصل کان عقل جا ويري آهيون ، خبر ناهي اسانجو ڇا ٿيندو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو