سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران سنڌ سلامت جي نائب منتظم، پياري دوست ۽ فيسبوڪ جي مقبول ترين (بدنام ترين) شخصيتن مان هڪ شخصيت انٽرنيشنل ۽ مرلين واري فقير علي علي عرف جهوني جذباتي کي جنم ڏينهن جون واڌايون۔
سائين نثار ابڙو چوندو آهي ته مارچ عاشقن جي ڄمڻ جو مهينو آهي. ان ئي مارچ جي هڪ مقبول شخصيت آهي پيارو دوست علي ظفر. علي ظفر سان واقفيت ته سنڌ سلامت جي ذريعي ٻه سال اڳ ٿي ۽ پوء اها دوستي هڪ اهڙي رنگ ۾ رلجي وئي جنهن کي اوهان ڀائري به سڏي سگهو ٿا. پيارو دوست سدائين مُک تي مرڪ سجايل، پنهنجا غم ۽ ڏک لڪائي به دوستن کي پيو کلائيندو رهندو. سنڌ سلامت لاء هر وقت هر ڪم لاء تيار رهندو. دوستن کي پاڻ ۾ ملائيندو رهندو . هو ڪڏهن ڪڏهن شاعري به ڪري ، جيتوڻيڪ ان ۾ بحر وزن ڊانوا ڊول هوندو آهي پر پيغام سٺو هوندو آهي.
جيتوڻيڪ سندس سنجيدگي کان وڌيڪ سندس مزاحيه انداز مشهور آهي پر هن جي سنجيدگي گهڻي اهميت واري هوندي آهي. جيتوڻيڪ مان سندس ڪيل مذاق تي ڪڏهن ڪڏهن ناراض به ٿي ويندو آهيان پر پوء به پرچائي وٺندو آهي.
دعا آهي ته اسان جو هي دوست سدا خوش رهي ۽ نئون سال سندس زندگيء ۾ نئين بهار جان اچي.