دوستو سلام
مشورو : ادل سومرو
نور خاتون
توکي شاعريء سان
دلچسپي آهي
اها چڱي ڳالهه آهي
پر تون ڪنهن شاعر سان
ملڻ جي خواهش نه رکجان
ڇو ته شاعر ڪتابن ۽ رسالن ۾ ئي
وڻندڙ ۽ دلڪش لڳندا آهن
جيڪڏهن تون
ڪنهن شاعر سان ملندينء
ته اهو توکي
شاعر بنائڻ جي ڪوشش ڪندو
۽ پوء
قافين ۽ رديفن جي
گهٽين ۾ گهمائي
تنهنجو پنهنجو
بحر ۽ وزن ئي بدلائي ڇڏيندو
ان ڏينهن شهيد بينظير ڀٽو چيئر ڪراچي پاران ڪراچي عجائب گهر ۾ شهيد بينظير تي ڪرايل سيمينار جي موقعي تي سنڌي ٻولي جي نالواري ساعر ۽ ليکڪ سائين ادل سومرو سان ملاقات ٿي۔ ان موقعي تي ڪچهري ڪندي ذوالفقار بهڻ سائين کان سندس نظم مشورو جي فرمائش ڪئي۔ ساڳيو نظم پيش آهي۔ ادل سومرو جي ترقي پسند هجڻ جو ثبوت سندس هي نظم آهي۔ جنهن ۾ هو سچيون کريون ڳالهيون پيو ڪري:
مشورو : ادل سومرو
نور خاتون
توکي شاعريء سان
دلچسپي آهي
اها چڱي ڳالهه آهي
پر تون ڪنهن شاعر سان
ملڻ جي خواهش نه رکجان
ڇو ته شاعر ڪتابن ۽ رسالن ۾ ئي
وڻندڙ ۽ دلڪش لڳندا آهن
جيڪڏهن تون
ڪنهن شاعر سان ملندينء
ته اهو توکي
شاعر بنائڻ جي ڪوشش ڪندو
۽ پوء
قافين ۽ رديفن جي
گهٽين ۾ گهمائي
تنهنجو پنهنجو
بحر ۽ وزن ئي بدلائي ڇڏيندو
