مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستو سلام

    [JUSTIFY]ان ڏينهن شهيد بينظير ڀٽو چيئر ڪراچي پاران ڪراچي عجائب گهر ۾ شهيد بينظير تي ڪرايل سيمينار جي موقعي تي سنڌي ٻولي جي نالواري ساعر ۽ ليکڪ سائين ادل سومرو سان ملاقات ٿي۔ ان موقعي تي ڪچهري ڪندي ذوالفقار بهڻ سائين کان سندس نظم مشورو جي فرمائش ڪئي۔ ساڳيو نظم پيش آهي۔ ادل سومرو جي ترقي پسند هجڻ جو ثبوت سندس هي نظم آهي۔ جنهن ۾ هو سچيون کريون ڳالهيون پيو ڪري:[/JUSTIFY]

    مشورو : ادل سومرو

    نور خاتون
    توکي شاعريء سان
    دلچسپي آهي
    اها چڱي ڳالهه آهي
    پر تون ڪنهن شاعر سان
    ملڻ جي خواهش نه رکجان
    ڇو ته شاعر ڪتابن ۽ رسالن ۾ ئي
    وڻندڙ ۽ دلڪش لڳندا آهن
    جيڪڏهن تون
    ڪنهن شاعر سان ملندينء
    ته اهو توکي
    شاعر بنائڻ جي ڪوشش ڪندو
    ۽ پوء
    قافين ۽ رديفن جي
    گهٽين ۾ گهمائي
    تنهنجو پنهنجو
    بحر ۽ وزن ئي بدلائي ڇڏيندو


    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    ها ها ها ۔۔۔ هل ته سهي ادل سومري جي صلاح ،،،، مشورو آهي ته وڏي ڪم جو ۔۔۔ ۽ شاعرن جي ڪردار تي آڱر به کنيل آهي ۔۔۔ پر ماڻهون سڀ نه سهڻا ۔۔۔ انڪري ائين به ناهي ته سڀ شاعر ائين هجن پر پوءِ به ادل پاڻ شاعر آهي انڪري سندس انڪشاف به مڃڻ جهڙو چئبو۔

    هونءَ به جيڪي فن ۽ فنڪاري يا اڄڪلهه جا ميڊيا جا ماڻهون آهن سي هوندا ته تمام گهڻا تڪڙا ۽ تيز آهن۔

    سوچ ۾ وجهي ڇڏيو آهي سائين محترم ادل ؛!!!!!!

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    پر تون ڪنهن شاعر سان
    ملڻ جي خواهش نه رکجان
    سچ چيو آهي سائين عدل سومري صاحب
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    ادا سليمان وساڻ صاحب ۔محترم ادل سومرو جو مٿيون مشوري پڙهي ۔اسان کي هڪ پراڻو واقعو ياد اچي ويو آهي۔جيڪو توهانجي نظر:-

    هڪ بازار مان هڪ ماڻهون تيز تيز ڀڄي رهيو هو۔هن جي پٺيان / ڪڍ هڪ ٻيو همرا به ڀچندو ۽ رڙيون ڪندو پئي آيو ته پڪڙيوس ۽ نه وڃڻ ڏيوس۔ڪنهن ماڻهون پوئين همراه کان پڇو ته ڇو پڪڙيونس ،هن ڇا ڪيو آهي ؟۔ته هن شخص چيو ته اسان ٻئي شاعر آهيون۔هن پنهنجو ڪلام ته مونکي ٻڌايو آهي پر منهنجي شاعري نه ٿو ٻڌي ۽ ڀڄي ٿو۔ادل سومرو به مشوري ۾ شاعر کان ملڻ کان منع ٿو ڪري۔وڌيڪ توهان پاڻ سمهنجو آهيو۔(مذاق)
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    سائين نثار سلام

    ادل پاڻ هڪ ترقي پسند سوچ جو مالڪ شاعر آهي۔ سچو ۽ کرو ۔۔۔۔۔۔۔۔ سندس مشاهدو به وسيع آهي۔ ضرور هن نظم لکڻ کان اڳ هن سوچيو هوندو ۽ نظم لکڻ کانپوء کيس ڪيترن ئي شاعرن جي تنقيد ۽ دشمني کي به منهن ڏيڻو پيو هوندو۔

    ضروري ناهي ته هر شاعر ايئن هجي پر اڪثريت جي ڪمن کي ڏسي ئي هن هي نظم لکيو هوندو۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    بهترين ونڊ آهي سائين
     
  7. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔

    يار سچ ته چيو اٿائين
     
  8. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    ھل مري وياسين۔۔۔۔۔۔

    ٿورو گھڻو آسرو ھيو اھو به ختم ٿي ويو۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    هاهاها ۔۔۔

    شاعر ئي سندس ڳالهه جي شاهدي ڏئي سگهن ٿا نه ته اسان جهڙا اعتبار ڪيئن ڪندا۔

    ڇو ته شايد اوهان به اهڙن ئي شاعرن مان آهيو جن جو ذڪر سائين ادل ڪيو آهي ۔۔۔۔ هاهاها
     
  10. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    جيڪڏهن تون
    ڪنهن شاعر سان ملندينء
    ته اهو توکي
    شاعر بنائڻ جي ڪوشش ڪندو
    ۽ پوء
    قافين ۽ رديفن جي
    گهٽين ۾ گهمائي
    تنهنجو پنهنجو
    بحر ۽ وزن ئي بدلائي ڇڏيندو

    ڪڙو سچ ۔ بهترين نظم ، سهڻي چونڊ + ڊزائين
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    سائين شال سدا خوش هجو ۔۔۔۔۔

    سائين ادل سومرو مذاق ۾ يا سنجيدگي ۾ شايد اهڙو ڪڙو سچ ڳالهائي ويو آهي جو گهڻا ئي شاعر مٿس ناراض هوندا ته هي ڇا لکيو اٿائين۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    مهربانيون ادا رياض
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    ها سائين چيو ته سچ اٿس پر اهو سچ گهنن کان برداشت ڪونه ٿيندو ۽ ڪٿي ڏين نه ادل سائين خلاف ڪي فتوائون
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    هاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ابا ايڏو به مايوس نه ٿي۔ لڳي ٿو گهڻا ئي ان بحر ۽ وزن جي چڪر ۾ هيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاها
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    سائين اوهان بلڪل سچ چيو ته ادل هي ڪڙو سچ بيان ڪيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  16. محمد عامر سومرو

    محمد عامر سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جنوري 2012
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    66
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    اڃان شاگرديءَ وارو زمانو پيو هلي
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    واه سائين واه
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مشورو : ادل سومرو جو شاهڪار نظم

    مهربانيون سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو