وڏو سچ (هر ميمبر کي پڙهڻ گهرجي)

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    [JUSTIFY]وڏو سچ[/JUSTIFY] (هر ميمبر کي پڙهڻ گهرجي)


    هزار رپئي جو نوٽ تمام وڏو لڳندو آهي جڏهن مسجد ۾ ڏنو وڃي۔

    __پر__

    هوٽل ۾ بل ادا ڪندي يا ٻين فضول شين ۾ خرچ ڪرڻ تي تمام ننڍو لڳندو آهي۔
    __ ___ ____ ____ _____ ______ ____

    نماز پڙهڻ ۾ وقت تمام گهڻو لڳندي محسوس ٿيندو آهي

    __پر__

    ٽن ڪلاڪن جي فلم اڃا به ننڍي محسوس ٿيندي آهي
    __ ___ ____ ____ ______ ______ ____

    هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ جي لاء ماڻهون صبح ۽ شام جو ڪيترن ڪلاڪن تائين ٽي وي ۾ اکيون وجهي ويهي رهندا آهن

    __پر__

    جمع جي ڏينهن مسجد ۾ بيان ٻڌڻ لاء اسان وٽ وقت نه هوندو آهي۔

    __ _____ _______ _______ ______ ______ ________

    ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڙي ۾ پيل گندگي تي گهٽي ۾ بيهي ڳالهينداسين

    __پر__

    ڏه منٽ ڪڍي،ڀنگي کي وٺي اچي ان گندگي کي صفا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪنداسين۔

    _______ _____________ ________

    پنهنجي زندگي کي آرام سان گذاري سگهو ٿا جيڪڏهن ٻن شين کان پاسو ڪيو۔
    پهريون:پنهنجي پاڻ کي ٻين سان ڀيٽڻ (ڪمپير) ڪرڻ۔
    ٻيو : ٻين کان پنهنجن ذاتي معاملن ۾ اميد ڪرڻ/رکڻ۔
    ___ ______ ________ ________ _______ ________


    ڳالهائڻ بغير غرور جي،پيار ڪرڻ بغير ڪنهن لڪل نيت جي،خيال رکڻ بغير ڪنهن اميد جي،۽ دعا ڪرڻ بغير ڪنهن ذاتي مفاد جي۔نشانيون آهن سچي رشتي جون۔

    _____ ____________ _______________ ____________


    ___ _____ ________ ______________ _______________


    سڀ کان وڏو سهارو :- الله پاڪ جو۔
    سڀ کان وڏي نعمت :- تندرستي ۔
    سڀ کان وڏي دولت :- علم ۔
    سڀ کان سٺو هنر :- محنت ۔
    سڀ کان وڏو طبيب :- پرهيز ۔
    سڀ کان وڏو جنون :- خدا پرستي۔
    سڀ کان وڏو مهلڪ مرض :- لالچ ۔
    سڀ کان وڏو يقين :- تقوئ ۔
    سڀ کان وڏو گناه :- دل آزاري ۔
    _____________ ۽ __________
    سڀ کان وڏو انعام :- دعا جو گهرڻ ۽ قبوليت



    محترم ميمبرس هنن ڳالهن تي غور ڪندا ته اوهان پاڻ انهن جي سچائين جو اندازو لڳئيندا۔توهانجي جوابن جو انتظار رهندو۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: وڏو سچ (هر ميمبر کي پڙهڻ گهرجي)

    سون برابر سڳڙا ٻاهن ٻڌائون

    سهڻا ادا غلام مصطفيٰ صاحب، سڀ ڳالهيون هيرن جي کاڻ آهن ۔۔۔ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن لاءِ تمام وڏيون ڳالهيون آهن، هڪ هڪ نقطو زندگيءَ جو اڻملهه تجربو بيان ڪري ٿو ۔۔۔

    عمل سان ٺهندي آهي جنت به دوزخ به اسين سٺا عمل ڪري پنهنجي زندگي باغ و بهار ڪري سگهونٿا ۔۔۔

    لک ٿورا ۽ قرب جو اوهان ڏاهپ ڀريا ٻول ونڊ ڪري اسانجي زندگيءَ ۾ سونهن جو اضافو ڪيو آهي

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وڏو سچ (هر ميمبر کي پڙهڻ گهرجي)

    سائين تمام اهم ۽ ڪارائتيون ڳالهيون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪاش سڀ پڙهن، سمجهن ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته ان تي عمل به ڪن۔ اسان سماجي ڪم ۾ رهندي ماڻهن جا ڪيڏا سور سهون ٿا اها اسان کي خبر آهي ۔۔۔۔۔۔ ؟؟؟

    تمام بهترين شيئرنگ آهي۔
     
  4. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: وڏو سچ (هر ميمبر کي پڙهڻ گهرجي)

    ادا تمام بهترين معلومات ۽ عمل ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون آهن۔ اسين واقعي ۾ اهڙن ڪمن ۾ پنهنجو وقت برباد ڪندا آهن ان کان بهتر آهي ته اسين ڪجھ چڱا ڪم ڪري پنهنجي رب پاڪ کي راضي ڪريون۔

    ادا توهان جا لک ٿورا اهڙا انمول قول اسان سان ونڊ ڪيا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو