غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
وڏو سچ
(هر ميمبر کي پڙهڻ گهرجي)هزار رپئي جو نوٽ تمام وڏو لڳندو آهي جڏهن مسجد ۾ ڏنو وڃي۔
__پر__
هوٽل ۾ بل ادا ڪندي يا ٻين فضول شين ۾ خرچ ڪرڻ تي تمام ننڍو لڳندو آهي۔
__ ___ ____ ____ _____ ______ ____
نماز پڙهڻ ۾ وقت تمام گهڻو لڳندي محسوس ٿيندو آهي
__پر__
ٽن ڪلاڪن جي فلم اڃا به ننڍي محسوس ٿيندي آهي
__ ___ ____ ____ ______ ______ ____
هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ جي لاء ماڻهون صبح ۽ شام جو ڪيترن ڪلاڪن تائين ٽي وي ۾ اکيون وجهي ويهي رهندا آهن
__پر__
جمع جي ڏينهن مسجد ۾ بيان ٻڌڻ لاء اسان وٽ وقت نه هوندو آهي۔
__ _____ _______ _______ ______ ______ ________
ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڙي ۾ پيل گندگي تي گهٽي ۾ بيهي ڳالهينداسين
__پر__
ڏه منٽ ڪڍي،ڀنگي کي وٺي اچي ان گندگي کي صفا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪنداسين۔
_______ _____________ ________
پنهنجي زندگي کي آرام سان گذاري سگهو ٿا جيڪڏهن ٻن شين کان پاسو ڪيو۔
پهريون:پنهنجي پاڻ کي ٻين سان ڀيٽڻ (ڪمپير) ڪرڻ۔
ٻيو : ٻين کان پنهنجن ذاتي معاملن ۾ اميد ڪرڻ/رکڻ۔
___ ______ ________ ________ _______ ________
ڳالهائڻ بغير غرور جي،پيار ڪرڻ بغير ڪنهن لڪل نيت جي،خيال رکڻ بغير ڪنهن اميد جي،۽ دعا ڪرڻ بغير ڪنهن ذاتي مفاد جي۔نشانيون آهن سچي رشتي جون۔
_____ ____________ _______________ ____________
___ _____ ________ ______________ _______________
سڀ کان وڏو سهارو :- الله پاڪ جو۔
سڀ کان وڏي نعمت :- تندرستي ۔
سڀ کان وڏي دولت :- علم ۔
سڀ کان سٺو هنر :- محنت ۔
سڀ کان وڏو طبيب :- پرهيز ۔
سڀ کان وڏو جنون :- خدا پرستي۔
سڀ کان وڏو مهلڪ مرض :- لالچ ۔
سڀ کان وڏو يقين :- تقوئ ۔
سڀ کان وڏو گناه :- دل آزاري ۔
_____________ ۽ __________
سڀ کان وڏو انعام :- دعا جو گهرڻ ۽ قبوليت
محترم ميمبرس هنن ڳالهن تي غور ڪندا ته اوهان پاڻ انهن جي سچائين جو اندازو لڳئيندا۔توهانجي جوابن جو انتظار رهندو۔