نثارابڙو
نائب منتظم
ڪراچي (رپورٽ : شڪيل نائچ) پوليس جي ٽن سينيئر پوليس آفيسرن عمران يعقوب منهاس، عبدالخالق شيخ ۽ خادم رند پوليس ۾ ڀرتين لاءِ مقرر ڪيل معيار تي پورو نه لهندڙ هڪ تنظيم جي هڪ هزار ڪارڪنن کي ڀرتي ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي آهي. جنهن تي ان تنظيم ڄاڻايل ٽنهي پوليس آفيسرن کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻوڪي سرڪار جي اچڻ وقت ان وقت جي آءِ جي بابر خٽڪ هڪ پوليس جي ڀرتين بابت هڪ قانون منظور ڪرايو هو جنهن موجب عمر 28 سال، قيد 5 فٽ 5 انچ ۽ باڊي وچولي ۽ تعليم انٽر مقرر ڪئي هئي ۽ ان قانون ۽ مقرر ڪيل معيار موجب ڀرتيون ڪيون پيون وڃن. تازو هڪ تنظيم سنڌ سرڪار کي هڪ هزار اهڙن ڪارڪنن جي لسٽ پيش ڪئي جن جي عمر 28 سالن کان مٿي هئي. انهن جو قد به ننڍو هو. تعليم به گهٽ هئي ۽ ميڊيڪل جي لحاظ کان هو فٽ نه هئا. ان بنياد تي جڏهن اها لسٽ سنڌ سرڪار ڄاڻايل ٽنهي آفيسرن کي ڌار ڌار موڪلي کين هدايت ڪئي ته هنن کي ڀرتي ڪيو وڃي ته انهن آفيسرن اهو چئي قطعي انڪار ڪيو آهي ته هو مقرر ڪيل معيار کان گهٽ ڪنهن کي به ڀرتي نه ڪندا. ڀلي اهي ڪنهن به تنظيم جا ڇو نه هجن.
هنن ٽنهي آفيسرن ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار توڙي ان تنطيم کي صلاح ڏني آهي ته هو هنن ڀرتين لاءِ قانون تبديل ڪرائين نه ته هاڻوڪي قانون موجب هي ڀرتيون ٿيڻ ممڪن ناهن. ان کتي جواب ملڻ کانپوءِ ڄاڻايل تنظيم ڪاوڙجي وئي آهي ۽ هن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ٽنهي آفيسرن کي هٽايو وڃي. پر سنڌ سرڪار اڃا تائين هن مطالبي تي ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته اها تنظيم، ان لسٽ ۾ ڪيترن ئي اهڙن ويڙهاڪن کي به شامل ڪيو آهي جن تي گهڻا ڪيس آهن ۽ هو پوليس کي گهربل آهن.
عوامي آواز