غزل

جاويد نواز

سينيئر رڪن
ٿو امن گهرجي هي نعرا چوڪ تي
ڪن پيا هڙتال سارا چوڪ تي

آجپي جا ها پڙاڏا هر طرف
حوصلا هالار پارا چوڪ تي
...
سنڌ مُرڪي ساٿ پنهنجن جو ڏسي
ها گڏيل هر ذات وارا چوڪ تي

ٻار ٿيو ڪنهن جو آ گُم، ڪنهن جو قتل
ها ڳچيءَ امڙين کي ڳارا چوڪ تي

ظلم جي آ انتها، پيا ٿا ڪُسن
سنڌ جا پٽڙا پيارا چوڪ تي

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
جواب: غزل

سنڌي ماڻهن سان ٿيل ظلم کي اوهان پنهنجي احساسن ۾ بيان ڪيو آهي۔
 
جواب: غزل

ان کي چوندا آهن سماج جو ڪائو۔۔۔ ڀلا سنڌ سموريءَ جي حالت اهڙي هوندي ته ڪائو ڪهڙا منظر ڏيکاريندو ۔۔۔ جاويد نواز جي روپ جو ڪائو سنڌ ۾ گهمندي جن منظرن جا عڪس ڏيکاريا آهن سي رت روئاريندڙ آهن ۔۔۔

دعا آهي ته ڪو سولو واءُ گهلي ۽ سنڌ خوشحال ۽ امن جي ڌرتي ٿئي ۔۔۔ باقي ڦاٿا ٻه ٽنگا آهيون ۔۔

لک قرب
 
جواب: غزل

جاويد نواز صاحب،دل جي گهرائين مان نڪتل احساسن کي الفاظن ۾ شاعري جي انداز ۾ پيش ڪري هڪ ڏوکيندڙ حقيقت کي هن محبتي اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽڻ تي اوهانجا لک لائق۔انهي فڪر کي جاري رکندا۔
 
Back
Top