سڄي سنڌ سون آ پر منهنجو ڳوٺ لاڙڪاڻو۔۔۔۔۔۔

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2012۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سڄي سنڌ سون آ پر منهنجو ڳوٺ لاڙڪاڻو۔۔۔۔۔۔
    [​IMG]
    منهنجو ڳوٺ
    [​IMG]
    منهنجي گهر جو اڱڻ
    [​IMG]
    ٻني ۽ ٻارا۔۔
    [​IMG]
    سارين جي فصل جو من موهيندڙ منظر۔۔
    [​IMG]
    [​IMG]
    مان ۽ منهنجا دوست
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سڄي سنڌ سون آ پر منهنجو ڳوٺ لاڙڪاڻو۔۔۔۔۔۔

    واهه سائين واهه دل خوش ٿي وئي۔

    ڪنهن زماني ۾ مشهور هيو ته هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو۔ جيتوڻيڪ هاڻي جيڪڏهن هجي ناڻو ته ڀڄي جان ڇڏايو

    پر اوهان مهين جو دڙو، چانورن جي فصل جا بهترين سين اسان سان ونڊ ڪيا آهن۔ دل خوش ٿي وئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سڄي سنڌ سون آ پر منهنجو ڳوٺ لاڙڪاڻو۔۔۔۔۔۔

    عباسي صاحب اسلام عليڪم۔توهانجون مهربانيون جو لاڙڪاڻي سان گڏ موهن جي داڙي جون به تصوريون ونڍ ڪري هن تاريخي ورثه جي اهميت کي اجاگر ڪيو اٿئو۔تواهان جي گهر جي اڳڻ ۾ پيل ساريون ڏاڍيون سٺيون لڳي رهيون آهن۔لاڙڪاڻو اسان جوبه گمهيل آهي ۽ ڪجه تعليم اسان اتان به حاصل ڪئي آهي۔
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سڄي سنڌ سون آ پر منهنجو ڳوٺ لاڙڪاڻو۔۔۔۔۔۔

    لک ٿورا سائين ميمڻ صاحب ۽ محترم سائين وساڻ ساحب توهان کي منهنجي اها ڪاوش تمام گهڻي پسند آئي۔۔۔ مون وٽ تمام گهڻو ذخيرو تصويري شڪل ۾ موجود آهي ،توهان سٍڄڻن سان ونڊ ڪندو رهندس،،،، باقي سائين پنهنجو ماڳ ڪير به نه ڇڏيندو آهي ڀل پوء ناڻو هجيس يا نه هجيس پر ها پنهنجي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاء هڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ اچ وڃ ضرور ڪرڻي پوندي آهي۔۔۔پر ڇا به هجي پنهنجو اباڻو ڳوٺ يا ماڳ ۾ جيڪا اڪير ۽ مهڪ سمويل آهي سا ڪنهن به ٻئي ماڳ مان نه ايندي، ۽ اها مهڪ ۽ اڪير توهان منهنجي عنوان مان ڀلي ڀت محسوس ڪري سگهو ٿا۔۔۔باقي منهنجي سنڌ سدا سوڀاري آ۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سڄي سنڌ سون آ پر منهنجو ڳوٺ لاڙڪاڻو۔۔۔۔۔۔

    واه يار عباسي صاحب، اصل دل ٿي چوي ته اوهانجي دعوت کائڻ اوهانجي ڳوٺ اچجي، پر خئير آ ” نينگر به ننڍي جمع به گهڻا“ الله ڪندو ته ميلا ٿيندا

    آءُ پڻ هن حج واري عيد تي ڳوٺ آيو هيس ۽ ڪيترن دوستن، مائٽن سان ميلا ڪري ويس، لاڙڪاڻي شهر کان ڪراچيءَ واري روڊ سان ڪو لڳ ڀڳ 4 ڪوهن تي منهنجو ڳوٺ آهي رتوڪوٽ، يوسف شاه جيلانيءَ ۽ جهڪر جي دڙي کان ٿورو اڳتي، مزو به آيو پر روڊن جي حالت ڏسي ڏک به ٿيو، سنڌ جي ترقيءَ جي سست رفتاريءَ تمام گهڻو تنگ ڪيو، پر پوءِ به اوهانجي ڳالهه جيئان پنهنجو ڳوٺ ۽ پنهنجا ٿاڪ ڪير وساري

    منهنجي ڳوٺ جو ديدار ڪريو، جڏهن ساريون لابارو ٿي چڪيون هيون ،،،، حج جي عيد

    [​IMG]


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سڄي سنڌ سون آ پر منهنجو ڳوٺ لاڙڪاڻو۔۔۔۔۔۔

    ابول! سائين منهنجو ڳوٺ به تمام ويجهو آهي توهان جي ڳوٺ کان، ۽ وڏي ڳالهه ته مان به ان حج واري عيد تي ڳوٺ ئي هيس پر افسوس جو انهن ڏينهن۾ توهان سان ڪو اهڙو رابطو نه هيو، اسان اڪثر سائين يوسف شاه جيلاني رح جي درگاهه تي حاري ڀرڻ ايندا آهيون،، توهان وڌيڪ تصويرون وڊيو جي صورت ۾ ڪمپوزٿيل آهن جيڪي ڪالهه مون اپلوڊ ڪيون هيون، جنهن ۾ توهان رهنمائي ڪئي اهي ڏسي سگهو ٿا۔۔۔۔توهان جي ڳوٺ جو نظاروهوبهو منهنجي ڳوٺ جهڙو آهي۔۔۔ڇوته اهو ساڳيو ئي تَر آهي۔ سدائين گڏ
     
  7. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: سڄي سنڌ سون آ پر منهنجو ڳوٺ لاڙڪاڻو۔۔۔۔۔۔

    مٺڙا منظور واهه جي خوشي ڏياري ٿي سنڌ جي سرسبز ڌرتي ڏيکاري ڏک لاهي ڇڏيئي ۔ پاڻ ته هت سڪل ٺوٺ جبل ڏسي ڏسي اسان جون دليون به ڪٺور ٿي ويون آهن ۔ جيڏي سهپ جواني ۾ هئي اوڏي اسهپ ٿي وئي آ ۔ مالڪ سائين جا بي حد احسان آهن رزق ڪشادو ڏنو اٿائين ۔ پر توهان جي خوشنصيبي اِها آهي جو صبح و شام پنهنجي ڌرتي تي پنهنجا رنگ ڏسو ٿا ۔ يقين ڪريو اسان کان ته سنڌي ۾ چرچا ڀوڳ وسري ويا آهن ۔ حضرت يوسف عليه سلام به مصر جي بادشاهي پنهنجي وطن ڪنعان جي فقيري کي پسند ڪيو هو ۔
    لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو باغن جو شهر
     
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سڄي سنڌ سون آ پر منهنجو ڳوٺ لاڙڪاڻو۔۔۔۔۔۔

    ادا توهان اسان جي احساسن ۾ شامل آهيو۔ شل جتي به هجو شاد ۽ آباد هجو، اها به توهان کي شابس آهي جو پنهنجي ڌرتي جو اتم پيار ساهه سان سانڍيون ويٺا آهيو، بس سائين باقي اڄ اهي چرچا گهوٻا ئي مورڳو ختم ٿي ويا آهن، اهي وندر جيڪي شام جو ڳوٺ جي ڪنهن چوئنڪ تي مچندا هئا، اڄ اهي نه رهيا آهن، سڀڪنهن کي پنهنجي پنهنجي هورا کورا لڳي پئي آهي۔۔بس سائين جتي به آهيو پنهنجي روزي رزق ۾ لڳا پيا هجو۔۔باقي ميلا پيا ٿيندا، اسين پو به ڪراچي کان هر عيد سعيد تي ڳوٺان چڪر هڻي مند مٽائي ٿا اچون، جيڪي منهنجا سڄڻ اوهان وانگيان ڏور رهن ٿا انهن لا هي سنڌ جا نظارا ونڊ ڪيون ٿا ته جئين اهي به پنهنجي وجود کي سنڌ سان سانڍيل سمجهن، وڌيڪ منهنجي ڳوٺ جون وڊيوز ڏسندا سنڌ سلامت جي تصويرون  وڊيوز واري سيڪشن ۾ ۔۔سدائين گڏ
     
  9. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سڄي سنڌ سون آ پر منهنجو ڳوٺ لاڙڪاڻو۔۔۔۔۔۔

    توهان هيٺ وڊيوز ۾ ڏسي سگهو ٿا منهنجو ماڳ، منهنجا دوست، منهنجيون ٻنيون۔ منهنجي سنڌ جا سهڻا رنگ










    :bounce-grn:

    :BVICTORY:

    :dancinglock:

    :chilli:
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو