آخرڪار 12 سالن کانپوء ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي۔
ايشيا ڪپ جي فائنل ميچ ۾ جيڪا ميرپور بنگلاديش ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن ۾ ٿي رهي هئي، آخرڪار پاڪستان 12 سالن کانپوء ميچ جي آخري بال تي 2 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. آخري بال تي بنگلاديش کي کٽڻ لاء 4 رنسن جي ضرورت هئي پر بنگالي رانديگر آخري بال تي صرف هڪ رنس وٺي سگهيا.
اڄوڪي ميچ ۾ بنگلاديشي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. شروعات ۾ ئي پاڪستاني رانديگر آئوٽ ٿي ويا ۽ صرف 70 رنسن تي هن جا چار رانديگر ائوٽ ٿي ويا. پاڪستان طرفان سرفراز 46، حفيظ 40 رنسون ٺاهيون. پاڪستاني ٽيم جي ٻن اهم بئٽسمينن يونس خان ۽ عمر اڪمل کي امپائرن طرفان غلط آئوٽ ڏنو ويو. مقرر 50 اورن ۾ پاڪستان 236 رنسون ٺاهيون ۽ سندس 9 رانديگر آئوٽ ٿيا. آخري اوور ۾ پاڪستاني رانديگرن 19 رنسون ٺاهيون ۽ ان ئي اوور ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بنگلاديش پاران ثقيب، مرتضٰ ۽ رزاق ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
جواب ۾ بنگلاديش بهترين شروعات ڪئي ۽ 68 رنسن جي پاڙٽنرشپ ڪئي، پر پاڪستاني اسپنرن خاص ڪري حفيظ، آفريدي ۽ سعيد اجمل شاندار بالنگ ڪندي اسڪور کي روڪي رکيو. آخري اور ۾ کٽڻ لاء بنگلاديش کي 9 رنسن جي ضرورت هئي ۽ آخري بال تي چئن رنسن جي پر نوجوان اعزاز چيمه دٻاو ۾ به سٺي بالنگ ڪندي پاڪستان کي ڪاميابي ڏياري. بنگلاديش پاران ثقيب الحسن 68 ۽ تميم اقبال 60 رنسون ٺاهيون. اعزاز چيمه 3، عمر گُل ۽ سعيد اجمل ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. آفريدي 10 اوورن ۾ صرف 28 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. حفيظ 10 اوورن ۾ صرف 30 رنسون ڏنيون. يونس خان شاندار فيلڊنگ ڪندي ٽي ڪيچ ورتا.
شاهد آفريدي کي شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ ۽ بنگلاديش جي ثقيب الحسن کي مين آف دي ٽورنامينٽ جو اوارڊ ڏنو ويو.

شاهد آفريدي مين آف دي ميچ
ثقيب الحسن مين آف دي ٽورنامينٽ