آخرڪار 12 سالن کانپوء ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي۔

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    آخرڪار 12 سالن کانپوء ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي۔


    [JUSTIFY]ايشيا ڪپ جي فائنل ميچ ۾ جيڪا ميرپور بنگلاديش ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن ۾ ٿي رهي هئي، آخرڪار پاڪستان 12 سالن کانپوء ميچ جي آخري بال تي 2 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. آخري بال تي بنگلاديش کي کٽڻ لاء 4 رنسن جي ضرورت هئي پر بنگالي رانديگر آخري بال تي صرف هڪ رنس وٺي سگهيا.

    اڄوڪي ميچ ۾ بنگلاديشي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. شروعات ۾ ئي پاڪستاني رانديگر آئوٽ ٿي ويا ۽ صرف 70 رنسن تي هن جا چار رانديگر ائوٽ ٿي ويا. پاڪستان طرفان سرفراز 46، حفيظ 40 رنسون ٺاهيون. پاڪستاني ٽيم جي ٻن اهم بئٽسمينن يونس خان ۽ عمر اڪمل کي امپائرن طرفان غلط آئوٽ ڏنو ويو. مقرر 50 اورن ۾ پاڪستان 236 رنسون ٺاهيون ۽ سندس 9 رانديگر آئوٽ ٿيا. آخري اوور ۾ پاڪستاني رانديگرن 19 رنسون ٺاهيون ۽ ان ئي اوور ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بنگلاديش پاران ثقيب، مرتضٰ ۽ رزاق ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

    جواب ۾ بنگلاديش بهترين شروعات ڪئي ۽ 68 رنسن جي پاڙٽنرشپ ڪئي، پر پاڪستاني اسپنرن خاص ڪري حفيظ، آفريدي ۽ سعيد اجمل شاندار بالنگ ڪندي اسڪور کي روڪي رکيو. آخري اور ۾ کٽڻ لاء بنگلاديش کي 9 رنسن جي ضرورت هئي ۽ آخري بال تي چئن رنسن جي پر نوجوان اعزاز چيمه دٻاو ۾ به سٺي بالنگ ڪندي پاڪستان کي ڪاميابي ڏياري. بنگلاديش پاران ثقيب الحسن 68 ۽ تميم اقبال 60 رنسون ٺاهيون. اعزاز چيمه 3، عمر گُل ۽ سعيد اجمل ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. آفريدي 10 اوورن ۾ صرف 28 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. حفيظ 10 اوورن ۾ صرف 30 رنسون ڏنيون. يونس خان شاندار فيلڊنگ ڪندي ٽي ڪيچ ورتا.

    شاهد آفريدي کي شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ ۽ بنگلاديش جي ثقيب الحسن کي مين آف دي ٽورنامينٽ جو اوارڊ ڏنو ويو.
    [/JUSTIFY]


    شاهد آفريدي مين آف دي ميچ

    [​IMG]

    ثقيب الحسن مين آف دي ٽورنامينٽ

    [​IMG]
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: آخرڪار 12 سالن کانپوء ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي۔

    ٻروچ ضرور چوندو ته هي قسمت جي راند آهي جو پاڪستاني فائينل کٽي ويا۔۔ سندس اها ڳالهه درست به لڳي ٿي۔۔ جو پوري ميچ ۾ حاوي رهندڙ بنگلاديشي آخري اوور ۾ حوصلو هارائي ويٺا ۔۔ چاهي بالنگ هجي يا بيٽنگ بنگلاديش جي شهادت فتح کڻي پاڪستان جي جهولي ۾ فٽو ڪئي۔۔۔
    جهڙي تهڙي نموني پاڪستان بنگلاديش کان هي ميچ کٽي ڪپ به کٽي ويو۔۔۔ پر دنيا ڏٺو ته هارائي به بنگلاديش نه صرف پنهنجي ملڪ جي عوام جون پر ڪرڪيٽ جي شوقينن جون دليون ضرور کٽيون۔۔۔
     
  3. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آخرڪار 12 سالن کانپوء ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي۔

    سچ پڇو ته ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي يار سليمان جڏهن توهان پنجابين جي ڪاميابي جون خبرون هن فورم تي ونڊيندا آهيو۔۔ اها پنجابين جي ڪاميابي اسان سنڌين ۽ بلوچن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ آهي۔
    خير توهان جي مرضي آهي، توهان کي ڇا چئون، مون کي ته پنهنجي حال تي افسوس ٿيندو آهي۔۔ ڪالهه ڏاڍو اٻاڻڪو هوس، پاڻ تي ترس به آيو ته پاڻ کان نفرت به ڪيم پئي۔۔مٿان وري توهان جي پوسٽ باقي رهيل ڪسر به ڪڍي ڇڏي۔۔ توهان کي پنجابين جي ڪاميابي مبارڪ هجي۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آخرڪار 12 سالن کانپوء ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي۔

    ٻروچ سائين اوهان جي ڪاوڙ به صحيح آهي۔

    پر مان ته هڪ خبر ونڊ ڪئي آهي ۽ ڪرڪيٽ سان پاڻ کي به ٿورو شوق آهي۔ ڪرڪيٽ ۽ پاڪستان ٻه الڳ شيون آهن۔ ڪالهه بنگلاديش جي هار تي مون کي به افسوس ٿيو۔ هو جيت جا حقدار هئا ڇو ته هنن پوري ٽورنامينٽ ۾ بهترين راند کيڏي هئي۔ پر هار ۽ جيت ته راند جو حصو آهي۔

    بنگلاديش جي رانديگرن جيتوڻيڪ ميچ ته هارائي پر هنن ڪروڙين ماڻهن جون دليون ضرور کٽيون۔
     
  5. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: آخرڪار 12 سالن کانپوء ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي۔

    آئون به ادا سليمان جي ڳالھ تان متفق آهيان۔ حقيقت ۾ بنگلاديش تمام گهڻي محنت ڪئي آهي۔ مون جڏهن راند دوران پنگلاديش جي ماڻهن جا روئيندڙ چهرا ڏٺا ته دل ۾ سوچيم، بنگلاديش هي ڪپ کٽي وڄي، پر هن ڀيري اسان جي ٽيم جي قسمت سٺي هئي۔ هئا ته ٻئي ملڪ پنهنجا ئي۔

    بنگلاديش اهڙي راند ڪئي هئي جو هو ايشيا ڪم هارائڻ باوجود به کٽي ويا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو