
سنڌ سلامت سٿ پاران خوبصورت شاعر ، پياري دوست، سماجي ورڪر، ادب دوست، فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي محترم مجيب سنڌي ڪورائي کي جنم ڏينهن جون واڌايون۔ مجيب سنڌي سان ملاقات ته ٻه دفعا ٿي آهي پر پهرين ملاقات ۾ هن سادي ۽ سچي انسان سان ملندي ايئن لڳو ڄڻ هن سان ڪو جنمن جو واسطو آهي۔
مجيب سنڌي جو اصل نالو مجيب الرحمان ڪورائي آهي جڏهن ته سندس ادبي نالو مجيب سنڌي آهي۔ مجيب سنڌي جو جنم 5 مارچ 1982ع تي دوڙ شهر ضلع شهيد آباد (نوابشاهه) ۾ ٿيو. مجيب سنڌي جو شروع کان ئي ادب ۽ شاعريء ڏانهن لاڙو رهيو ۽ هن 1998 ع کان ٻاراڻي ادب ۽ ٻاراڻي نظم لکڻ جي شروعات ڪئي. خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت دوڙ جي بنياد ۾ سندس وڏو هٿ رهيو آهي ۽ هو سنگت دوڙ جو ڪافي سالن تائين سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.
مجيب سنڌي تمام سٺو شاعر آهي خاص ڪري وائي ۽ غزل جي صنفن ۾ هن سٺو نالو ڪمايو آهي. مجيب شاعريء سان گڏ ڪهاڻيون، مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا آهن جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن.
ادبي سرگرمين سان گڏ مجيب سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهي. سماج سڌار سنگت، سنڌي ادبي فورم . گرين ويلفيئر ايسوسئيشن ۽ ٻين مختلف ادبي ۽ سماجي تنظيمن ذريعي سنڌي عوام جي خدمت ۾ اڳڀرو رهيو آهي. مجيب سنڌي جي هڪ ٻي سڄاڻ سوشل ميڊيا ، خاص ڪري فيسبوڪ ۽ ٻين سنڌي ويبسائيٽس تي سنڌي شاعري کي سهڻي رنگن سان پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي ڏاهي شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ آهي. هو صحافت سان به لاڳاپيل آهي ۽ دوڙ ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪري گذر سفر ڪري رهيو آهي. سندس سهيڙيل ادبي ڪم جلد ڇپائي جي مرحلي مان گذري اسان جي هٿن ۾ هوندو.
دعا آهي ته سنڌ جو نوجوان ادب دوست سدا خوش رهي ۽ هي جنم ڏينهن سندس زندگيء ۾ هڪ نئين بهار جو پيغام آڻي.
سندس شاعريء مان هڪ چونڊ غزل پيش آهي:
نيڻ تنهنجا ٻئي مئخانا
چپ تنهنجا آهن پيمانا
تنهنجو ٿو مرڪڻ وڻي
ٿي پيا آهيون ديوانا
قرب جو ڪو جام پيار
يار ڪيون ڪي شڪرانا
ناهي پيتو ناهي پيتو
گذري ويا آهن زمانا
پيار ڏئي پيار تون وٺ
ڏي ڇڏي هاڻي بهانا
پيار ڏي مجيب کي تون
ڪين گهرجن ٻيا خزانا
چپ تنهنجا آهن پيمانا
تنهنجو ٿو مرڪڻ وڻي
ٿي پيا آهيون ديوانا
قرب جو ڪو جام پيار
يار ڪيون ڪي شڪرانا
ناهي پيتو ناهي پيتو
گذري ويا آهن زمانا
پيار ڏئي پيار تون وٺ
ڏي ڇڏي هاڻي بهانا
پيار ڏي مجيب کي تون
ڪين گهرجن ٻيا خزانا
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: