وس ۾ ناهي جو مان وساري ڇڏيان، رات ناهي جو مان گذاري ڇڏيان، درد آهن ته دل ڏکائين ٿا، پکي هجن ته مان اڏاري ڇڏيان، هو اچي نه اچي مرضي ان جي، مان رستا ته سينگاري ڇڏيان، ڏاڍو ٿو جهليان پر نٿي جهلجي، دل جهنگ ته ناهي جو ساڙي ڇڏيان۔ استاد بخاري
جواب: دل جهنگ ته ناهي جو ساڙي ڇڏيان هو اچي نه اچي مرضي ان جي، مان رستا ته سينگاري ڇڏيان، واهه ۔۔۔ استاد جي بهترين شاعري جڏهن محبوب جو انتظار هوندو آهي ته بلڪل اهڙي ئي ڪيفيت هوندي آهي۔ بقول امداد حسيني جي: هڪڙو ماڻهو ئي آهي اچڻو پر مون سڄو گهر کڻي سجايو آ
جواب: دل جهنگ ته ناهي جو ساڙي ڇڏيان ڪيترن ته سهڻن ۽ سادن لفظن اسان سڀني جي دل جي ڳالهه چئي ويو آهي استاد ۔۔۔ درد آهــن تــه دل ڏکــائيــن ٿـــا، پکي هجن ته مان اڏاري ڇڏيان، اصل واه واه ڪرڻ تي دل ٿو ڪري
جواب: دل جهنگ ته ناهي جو ساڙي ڇڏيان ڏاڍو ٿو جهليان پر نٿي جهلجي، دل جهنگ ته ناهي جو ساڙي ڇڏيان۔ و ڃ استاد اصل قهر ڪري ڇڏيو پر مسئلو هي آهي ته جي دل ساڙيون ته به پيڙپک کپندو ۽ هن مهانگائي جي دور ۾ ۔۔۔۔ دل به نٿا ساڙي سگهون بس سور آهين ته سهڻآ پوندا
بيشڪ اوهان صرف الله جي در جا فقير آهيو. جي ادا انسان کي اهو ملي وڃي جنهن کي هو چاهي ٿو ته يقين ڪريو پوء وري ڪنهن ٻي جي تمنا ڪندو ڇو جو اها هڪ حقيقت آهي ته هن دل ۾ ڪنهن جي ڳولا رکي وئي آهي ء اها صرف الله جي ئي ذات آهي. جنهن لاء مولانا رومي فرمايو بانسري جي تمثيل ڏئي ڳاله ڪئي آهي ته بانسري جون صداؤن ان ڏينهن کان جاري آهن جڏهن کان هو پنهنجي اصل کان وڇڙي آهي يعني جڏهن کان پنهنجي ان لام کان جدا ٿي آهي. هاڻي ان جي دانهن درد ڀري ايسيتائين رهندي جيسيتائين پنهنجي ان لام سان نٿي ملي. باقي اها شاعري جا شهوت ڪي اڀاري سا حرام آهي اها ڪير به ڪري. وسلام اسان ائين ئي سمجهيو آهي.