دل جهنگ ته ناهي جو ساڙي ڇڏيان

'استاد بخاري' فورم ۾ ڄام احمد سمون طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2012۔

  1. ڄام احمد سمون

    ڄام احمد سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    137
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    وس ۾ ناهي جو مان وساري ڇڏيان،
    رات ناهي جو مان گذاري ڇڏيان،
    درد آهن ته دل ڏکائين ٿا،
    پکي هجن ته مان اڏاري ڇڏيان،
    هو اچي نه اچي مرضي ان جي،
    مان رستا ته سينگاري ڇڏيان،
    ڏاڍو ٿو جهليان پر نٿي جهلجي،
    دل جهنگ ته ناهي جو ساڙي ڇڏيان۔
    استاد بخاري​
     
    بهاول خان، عبدالغني لوهار ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دل جهنگ ته ناهي جو ساڙي ڇڏيان

    هو اچي نه اچي مرضي ان جي،
    مان رستا ته سينگاري ڇڏيان،


    واهه ۔۔۔ استاد جي بهترين شاعري

    جڏهن محبوب جو انتظار هوندو آهي ته بلڪل اهڙي ئي ڪيفيت هوندي آهي۔

    بقول امداد حسيني جي:

    هڪڙو ماڻهو ئي آهي اچڻو پر
    مون سڄو گهر کڻي سجايو آ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دل جهنگ ته ناهي جو ساڙي ڇڏيان

    ڪيترن ته سهڻن ۽ سادن لفظن اسان سڀني جي دل جي ڳالهه چئي ويو آهي استاد ۔۔۔

    درد آهــن تــه دل ڏکــائيــن ٿـــا،
    پکي هجن ته مان اڏاري ڇڏيان،

    اصل واه واه ڪرڻ تي دل ٿو ڪري
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: دل جهنگ ته ناهي جو ساڙي ڇڏيان

    ڏاڍو ٿو جهليان پر نٿي جهلجي،
    دل جهنگ ته ناهي جو ساڙي ڇڏيان۔
    و ڃ استاد اصل قهر ڪري ڇڏيو پر مسئلو هي آهي ته جي دل ساڙيون ته به پيڙپک کپندو ۽ هن مهانگائي جي دور ۾ ۔۔۔۔ دل به نٿا ساڙي سگهون بس سور آهين ته سهڻآ پوندا
     
  5. منير احمد ڏيرو

    منير احمد ڏيرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين ڇا ڳاله ڪجي بخاري جي
     
  6. بهاول خان

    بهاول خان
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2021
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    پرائيوٽ استاد. ٽيوشن ھولڊر
    ماڳ:
    ڳوٺ شھداد خان برھماڻي (سچارو) ضلعو تعلقعو دادو
    بهترين
     
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    بيشڪ اوهان صرف الله جي در جا فقير آهيو.
    جي ادا انسان کي اهو ملي وڃي جنهن کي هو چاهي ٿو ته يقين ڪريو پوء وري ڪنهن ٻي جي تمنا ڪندو ڇو جو اها هڪ حقيقت آهي ته هن دل ۾ ڪنهن جي ڳولا رکي وئي آهي ء اها صرف الله جي ئي ذات آهي. جنهن لاء مولانا رومي فرمايو بانسري جي تمثيل ڏئي ڳاله ڪئي آهي ته بانسري جون صداؤن ان ڏينهن کان جاري آهن جڏهن کان هو پنهنجي اصل کان وڇڙي آهي يعني جڏهن کان پنهنجي ان لام کان جدا ٿي آهي. هاڻي ان جي دانهن درد ڀري ايسيتائين رهندي جيسيتائين پنهنجي ان لام سان نٿي ملي.
    باقي اها شاعري جا شهوت ڪي اڀاري سا حرام آهي اها ڪير به ڪري.
    وسلام اسان ائين ئي سمجهيو آهي.
     
  8. حافظ عثمان

    حافظ عثمان
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2021
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    زبردست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو