شيخ اياز جا لفظ ۽ جي ايم سيد

نثارابڙو

نائب منتظم

http://imageshack.us

مان چاهيان ٿو ته
جي ايم سيد
تي هڪ نظم لکان.

”هي وحدت الوجودي، هي صوفي لاڪوفي، هي اڌو گابرو سماجوادي ۽ پڪو پختو ديش ڀڳت، هي ماکيءَ کان مٺڙو ۽ وه کان ڪڙو ماڻهون مون کي هڪ جهوني بڙ وانگر لڳندو آهي. جڏهن سج ٽامڻي هڻي ويندو آهي تڏهن هن جي ڇانوَ وڌيڪ گھاٽي ٿي ويندي آهي. مون ان ڇانو ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن، پر مان ان وقت جي انتظار ۾ آهيان جڏهن عقاب انهيءَ بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي، تتل سج کي تيز نظرن سان گھوري ڏسندا.“

ڪپر ٿو ڪن ڪري
شيخ اياز
 
جواب: شيخ اياز جا لفظ ۽ جي ايم سيد

سنڌ جي سائين سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد تي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي، ، سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئا.
سنڌ جي سائين ۽ سنڌ جي سيد لاء موجوده صدي جي سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز صاحب هي سٽون به چيون آهن جيڪي سائين جي ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي ( عدالتي بيان ) ۾ پڻ موجود آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔
هي جو پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾،
اڃا ڏمر ڏاڍ تــــــي آڻ نه مـــڃي مــــــور،
سوچي ڏسي ڏور ، آڏو آرڻ ڏينهڙا (اياز)
 
جواب: شيخ اياز جا لفظ ۽ جي ايم سيد

دوستو! هن ننڍڙي ليک ۾ ٻه وڏيون ڳالهيون ڪيل آهن، هڪ ته سائين محترم جي ايم سيد جي واکاڻ آهي ۽ ٻيو هي جملو آهي؛

”مون ان ڇانو ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن، پر مان ان وقت جي انتظار ۾ آهيان جڏهن عقاب انهيءَ بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي، تتل سج کي تيز نظرن سان گھوري ڏسندا.“
جيڪڏهن مٿئين ٽڪري تي غور ڪبو ته هڪ تمام وڏي ڪيل ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ۔۔۔

سج جي ٽامڻي
بڙ جي گهاٽي ڇانو
پکيئڙن جو پک پسارڻ
وقت جو انتظار
عقابن جو ان بڙ مٿان
تتل سج کي گهور پائي ڏسڻ

انهن اهڃاڻن ۾ جيڪا ڳالهه ڪيل آهي ته جڏهن محترم جي ايم سائين جيئرو هيو ته حب الوطن ۽ سنڌ جا جوڌا حڪومتي ڏاڍ ۽ تڪليفن کان ڀڄي اچي، سائينءَ جي پناه وٺندا هيا ۔۔۔ جڏهن ته سائين پاڻ نظربندي ۽ حڪومتي عتاب جو شڪار هو ۔۔۔ شيخ اياز ان وقت جو انتظار ڪري ٿو، جڏهن ؛ ” اهڙا عقاب، اهڙا جان نثار پئدا ٿين جي پاڻ اچي ان وڻ جي ڇانوَ ۾ آرامي نه ٿين پر پنهنجي سگهه سان هن گهاٽي وڻ جي حفاظت ۾ ظالم ۽ ڏاڍي سامراج سان اکيون اکين ۾ ملائي سنڌ جي آجپي جي ويڙهه وڙهن ۔۔۔“

سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار!، عالم سڀ آباد ڪرين۔
 
جواب: شيخ اياز جا لفظ ۽ جي ايم سيد

اياز سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي عاشق کي خوبصورت ۽ سچن لفظن سان ڀيٽا ڏني آهي۔ سائين جي ايم سيد اياز کي به سڃاڻندو هو۔ جڏهن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي جو وي سي ٿيو ۽ هن خلاف شاگردن هڙتالون شروع ڪيون ۽ هن لاء گار گند ڪندا هئا ته سائين جي ايم سيد گهڻو ڏکارو ٿيندو هو۔ ڇو ته هو اياز کي ۽ اياز سائين جي ايم سيد کي ڄاڻندو هو۔ عظيم شخصيت لاء عظيم شاعر ۽ اديب جا تاريخي جملا آهن۔ مان هتي سائين جي ايم سيد لاء چيل راشد مورائي جون سٽون به پيش ڪندس:

هڪڙو نقشو سنڌ جو، ٻيو آهين تون
جنهن جي ڪري مون جيئڻ جا جتن ڪيا۔
 
Back
Top