• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لياري آپريشن

نثارابڙو

نائب منتظم

http://imageshack.us

ڇا ڪراچيءَ ۾ صرف لياريءَ جي علائقي ۾ ڀته خور رهن ٿا؟

لياريءَ ۾ ٿيندڙ آپريشن تي صرف ايم ڪيو ايم سڪون ۾ ڇو آهي؟

ڇا لياريءَ جي ماڻهن جو اهو ڏوهه آهي ته هو پ پ پ کي ووٽ ڏيندا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي اکين ۾ اکيون ملائيندا آهن؟

سنڌ جي سهڻي شهر لياريءَ جي سنڌي ٻروچ آباديءَ تي ٿيندڙ وحشياڻه تشدد جي مذمت ڪجي ٿي. ۽ لياريءَ جي مظلوم عوام سان سنڌي قومپرستن کي ساٿ ڏئي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

پ پ پ کي پنهنجن علائقن ۾ آپريشن ڪرائڻ تي شرمده ٿيڻ گهرجي ۽ معافي وٺڻ گهرجي ۽ سموري ڪراچيءَ ۾ آپريشن ڪري ايم ڪيو ايم جي گهرن ۾ پيل ڪروڙن روپين جا هٿيار ۽ ڀته خور گرفتار ڪرڻ گهرجن
 
جواب: لياري آپريشن

يار نثار صفا ڪو درويش صفت مولائي آهين جو قومپرستن کان ساٿ ڏيڻ جي اميد ٿو رکين۔۔ اهي قومپرست پنهنجو پاڻ ۾ ساٿ ڪو نه ٿا ڏيئي سگهن، اهي وري ٻين جو ساٿ ڏيندا۔۔

انهن ۾ جيڪر داڻا هجن ها ته پنهنجو هي حال نه ٿئي ها ادا۔۔
 
جواب: لياري آپريشن

لياري هميشه پ پ پ جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ پ پ پ اتان نبيل گبول جهڙن کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن جيڪي ڊفينس ۾ رهندا آهن۔ پ پ پ ڀٽو صاحب کان وٺي لياري مان کٽندي رهي آهي ۽ بدلي ۾ اتي ڪم به ٿيا آهن پر ماڻهن جي تقدير بدلائڻ لاء تعليم طرف ڌيان نه ڏنو ويو آهي۔ وقت سان گڏ لياري وڏن ڏوهاري گروپن ۽ گينگ وار سان گڏ ڀتا خوري جو به ڳڙهه رهيو آهي۔ جيتوڻيڪ ڪراچي جا ٻيا علائقا به ڪارئيمس جي حساب سان ٽاپ تي آهن پر لياري کي سياسي طور بدنام ڪيو ويو آهي۔

نه صرف اهو پر هڪ مخصوص سياسي پارٽي کي خوش ڪرڻ لاء لياري جي ماڻهن مٿان آپريشن ٿيو آهي۔ آپريشن ڏوهارين جي خلاف ٿيڻ گهرجي پر برابري هجڻ گهرجي ۽ سڀني علائقن ۾ ٿيڻ کپي۔ صرف مخصوص علائقن ۾ آپريشن ڪري پ پ پ پنهنجي ساک عوام ۾ وڃائي چڪي آهي۔ آپريشن ته انهن جي خلاف ترجيحي بنيادن تي ٿيڻ کپندو هو جن سنڌي ماڻهن سان گڏ هاڻي سنڌ جي وزيرن ۽ ايم پي ايز کي به ڪراچي ڇڏڻ جا خط لکيا آهن۔

مفاد جي نالي ۾ سنڌي ماڻهن سان نا انصافين سان گڏ هاڻي تذليل ڪئي پئي وڃي ۽ حڪمران پنهنجون ڪرسيون بچائڻ جي فڪر ۾ آهن۔
 
جواب: لياري آپريشن

ادا سليمان اها ڳالهه ته سورنهن آنا صحيح آهي ته پي پي ساک وڃائي چڪي آهي۔۔ نه صرف شهرن ۾ ٻهراڙين ۾ بدامني ڪا گهٽ ڪانهي۔۔ بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ڪري کاڌي ۽ صحت جي مسئلن ۾ جڪڙيل ماڻهو پي پي جي هٿان هٿرادو ٻوڏ ۾ ٻڏي چڪا، زندگي جي ڪا به سهوليت ميسر نه هجڻ برابر آهي۔۔ ۽ تڪليفن ۾ تڙپي تڙپي مرن ٿا پيا۔۔۔
انهن سڀني حقيقتن جي باوجود جڏهن ووٽ ڏيڻ جو وقت اچي ٿو ته سنڌي ماڻهن وٽ پ پ جي متبادل ڪا به پارٽي ڪانهي جنهن لاء ماڻهو سوچي به سگهن۔ قومپرستن جي پاڻ ۾ ويڙهاند لڳي پئي آهي۔۔هر ڪنهن تي ليڊر سڏائڻ جو ڀُوت سوار آهي ۔۔۔ ايڏا سور سهي وري به اها ئي پي پي مٿي تي لڳندي۔۔ روئڻ جو مقام اهو آهي ته سنڌين وٽ ڪا قيادت ڪانهي، ڪا سياسي پارٽي ڪانهي۔۔ هر ڪو چوي ته اتحاد هجڻ کپي پر عمل ڪٿي به نظر ڪو نه ٿو اچي۔۔ جڏهن مٿي تي هٿ رکڻ وارو ڪير نه هجي ته دنيا ان کي يتيم چوندي آهي۔۔اهڙي حالت ۾ اهي پي پي جي اڳواڻ جيڪي آهن ته سزا جا مستحق پر هيرو لڳا پيا آهن۔۔ ڪنهن کي ميار ڏجي۔۔ صرف ڪراچي تي ڇا روئجي هتي تي سڄي سنڌ سڏڪن ۾ آ۔۔۔

وري به اها ئي پي پي هوندي، اهي ئي سور هوندا۔۔ اهي آپريشن هوندا، لاش کڄندا۔۔سنڌ روئيندي رهندي۔۔  دانشور، اديب لکندا رهندا ته اتحاد ٿيڻ کپي ۔۔ پر عمل دفن ٿي چڪو آ۔۔
 
جواب: لياري آپريشن

پي پي هجي ايم ڪيو ايم وارا هجن يا قومپرست ليڊر سڀ چور آهين ڪوبه سنڌ جي حق ۾ ناهي بلڪي پهنجي مفادن جي جنگ پيا لڙن
 
جواب: لياري آپريشن

انهن سڀني حقيقتن جي باوجود جڏهن ووٽ ڏيڻ جو وقت اچي ٿو ته سنڌي ماڻهن وٽ پ پ جي متبادل ڪا به پارٽي ڪانهي جنهن لاء ماڻهو سوچي به سگهن۔

اوهان جي اها ڳالهه سورنهن آنا صحيح آهي۔ اسان وٽ بدقسمتي سان ڪا به متبادل قيادت موجود ناهي جنهنڪري پ پ پ پنهنجا من پسند فيصلا ڪري سنڌي ماڻهن کي سولائي سان بيوقوف بڻائيندي رهي آهي۔ قومپرست قيادت جڏهن پاڻ ۾ ويهڻ لاء تيار ناهي ته پوء سمجهو ته وري پ پ پ ئي کٽندي ۽ نه چاهيندي به ان کي ووٽ ڏيڻا پوندا آهن۔
 
جواب: لياري آپريشن

پي پي هجي ايم ڪيو ايم وارا هجن يا قومپرست ليڊر سڀ چور آهين ڪوبه سنڌ جي حق ۾ ناهي بلڪي پهنجي مفادن جي جنگ پيا لڙن

ايم ڪيو ايم وارا پنهنجي ڪميونٽي جي ترقي ۽ تحفظ لاء هر جائز ۽ ناجائز قدم کڻندي تمام اڳتي آهن۔۔ انهن وٽ پلاننگ به آهي، وسيلا به آهن، حڪومتي ۽ فيصلا ڪرڻ جي قوت به سندن جي هٿ ۾ آهي، رياستي طاقت تي به هو قابض آهن ته قيادت به هنن وٽ آهي ۽ اتحاد به۔۔

هنن جي اوڻاين کي هڪ پاسي رکي، انهن جي خوبين ۽ تنظيمي حڪمت عملي کان سبق سکڻ گهرجي ها۔۔ ۽ جيئن هو پنهنجي برادري سان مخلص آهن، سنڌين سان سچائي لاء به ائين ڪا جماعت عملي طور ميدان ۾ هجي ها ته ٻيڙا ئي پار هئا۔۔
پي پي ۽ قومپرستن جو هنن سان ڪهڙي ڀيٽ ڏئي سگهجي ٿي؟ پر وري به توهان جهونن جي مرضي۔۔ توهان جو حڪم هوندو ته ٻلي کي شينهن جو استاد سمجهي خوش ٿيندا رهندا سون ۔۔بابلا۔۔
 
Back
Top