سڀني سنڌي دوستن کي سلام ..........
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي ان سلسلي جو هي اٺون ڪتاب قرآن شريف جي آخري ڏهائي جو سنڌي تفسير جيڪو ڪتاب “ تفسير العشر الاخير ” جو سنڌي ترجمو آهي پيش آهي. هي ڪتاب دنيا جي 40 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ ڪروڙين ڪاپيون ڇپجي چڪيون آهن. اسين ٿورائتا آهيون محترم ڊاڪٽر عبدالقيوم سنڌي صاحب جن جا جن نه صرف هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي پر پاڻ ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي به پيش ڪندا رهيا آهن ۽ هن ڪتاب جي مڪمل ڪاپي اي ميل ڪري موڪلي اٿن ته سنڌ سلامت جي زينت بڻائي سڀني سنڌين تائين پهچائجي. هي ڪتاب تازو ئي سنڌي ترجمي سان گڏ رياض سعودي عرب ۾ چپيو آهي.
قرآن شريف جي آخري ڏهاڪي جي خوبي اها آهي ته اڪثر نمازن ۾ پڙهجندڙ آيتون يا سوره ان آخري ڏهاڪي مان هونديون آهن، انڪري انهن جي معني ۽ تفسير پڙهڻ به فائدي وارو آهي ته جيئن ماڻهون جڏهن نماز ۾ اهي آيتون پڙهي ته مڪمل ڄاڻ سان پڙهي ۔
هن ڪتاب ۾ ٻيا ديني سوال ۽ انهن جا جواب به آهن جيڪي بنيادي آهن، عبادتون ۽ انهن جا مسئلا ۽ انهن جي سمجهڻ سان انسان صحيح طرح سان فرائض سرانجام ڏئي سگهي ٿو۔ الله جا مبارڪ نالا ۽ انهن جي سمجهاڻي ۽ ٻيا ڪئي موضوع هن ڪتاب ۾ شامل آهن، ڏسڻ ۾ ننڍڙو پر پنهنجي اندر سمنڊ ۾ سمنڊ سمايل هي ڪتاب هر سنڌي مسلمان جي گهر جي زينت هجڻ يقيني آهي۔
هڪ دفعو وري ٿورا سائين ڊاڪٽر عبدالقيوم صاحب جا جن اعتماد ڪندي ڪتاب جي ڊجيٽل ڪاپي سنڌ سلامت جي زينت بنائڻ لاء اسان تي اعتماد ڪندي اسان ڏانهن موڪلي آهي۔