فقير بخت شر
سينيئر رڪن
السلام عليڪم و رحمت الله وبرڪاته : دوستن تفسير ، تفسيرالعشر الاخيره ، جي متعلق تمام گھڻي تعريف ڪئي پوءِ اسان کي به شوق جاڳيو ته جيڪر ان تفسير جو مطالعو ڪجي ڪوشش ڪيم سنڌي ۾ ڊائنلوڊ ڪريان پر نه ٿي پوءِ ڪنهن عربي ويب سائيٽ تان عربي ۾ پهريون جلد لوڊ ڪيم مطالعو ڪيم بهرحال جيتري تعريف ٻڌي هيم اهڙي نه لڳي تمام سادي تفسير آهي جنهن ۾ پنهنجا عقائد بيان ڪرڻ ۽ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي اهي به سعودي وهابي عقائد سو اسان کي ان ۾ اعتراض ناهي سڀ ڪنهن کي پنهنجي عقائد بيان ڪرڻ جو حق آهي بهرحال ان تفسير کي دقت ۽ نقد ۽ بررسي جي نگاه سان پڙهيو وڃي ان کي حرف آخر نه سمجھڻ گھرجي پهريون ته ان کي تفسير نه چئجي بلڪه اهو هڪ دائرت المعارف آهي جنهن ۾ هر شي پاتي وڃي ٿو جيڪو مون ڏٺو ان پوري قرآن جي به تفسير نه آهي بلڪه ڪجھ چونڊيل آيتن جي آهي ان جو ڇا راز آهي ان جي مون کي ڄاڻ ناهي ....... بهرحال اهو منهنجو مطالعو هو ممڪن آهي دوستن جو ڪو ٻيو نظريو هجي يا سنڌي ۾ ان جو ڇاپو ڪئين آهي اها مون کي خبر ناهي جيڪڏهن سنڌي ۾ مطالعو ڪيو جيڪڏهن نظريه ۾ تبديلي آئي ته اها به ضرور بيان ڪبي .... سدائين گڏ .... سنڌ سدا سلامت رهي