آزاد نظم

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ڪامران اڪبر سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2009۔

  1. آزاد نظم
    ڪامران اڪبر سومرو
    اڀ ۾ ڏسي،
    کلي کلي،
    جيئڻ واروُ!
    چنڊ ستارن ۽
    آسمانن ۾،
    هر دم محو
    رهڻ واروُ!
    ڪڏهن ڪڏهن ئي
    اوهان پنهنجي
    ارڏي ڪنڌ کي!!!
    ٿورو نوائي،
    ڌرتئ ڏانهن ب
    ڏسندا ڪريو!!!
    ڪٿي اوهان جي
    بيخيالئ ۾!!!
    انسانيت جا گل انوکا،
    ائين توهان جي
    پيرن هيٺان،
    وڃن ن لتاڙجي!!!
    پتيون پتيون ٿي،
    وڃن ن وکري!!!
    اڀ ۾ ڏسي،
    کلي کلي،
    جيئڻ واروُ!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو