مُنھن مِٽيءَ ميرا، ھئا بيھودا بڇڙا؛ سمي جي سُھاڳ تي، ٿيا گاندرَ گُنيرا؛ ڏسو ڏھاڙي ڏئي، ٿو در تنين ديرا؛ ساجھُر سويرا، ٿا کائِن طعام خوشيءَ سان. سچل سرمست
ڪري ساٿ سوال، ته ڪيچن جي ڪا ڪَل ڏيو؛ جا ڇڏيائون ڇَپرين، موٽڻ تنھن مجال؛ ھَي ھَي آرياڻيءَ ري، ھھڙا ٿيڙم حال؛ سندي ھِن سنڀال، ڪا ھئي ھوتياڻين ۾؟