• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي عوام جي اپيل بنام سنڌي قوپرست پارٽين کي

نثارابڙو

نائب منتظم

http://imageshack.us

سنڌي عوام جي اپيل بنام سنڌي قومپرست پارٽين جي

اسين محترم بشير قريشي سميت سڀني حب الوطن دوستن جي ان عمل جي حمايت ڪريونٿا ته هنن ڪراچيءَ ۾ اچي هيٺيان ڪم ڪري ڏيکاريا

1۔ قومي سگهه جو مظاهرو ڪيو ويو
2۔ سنڌي قوم جي پاران سنڌ ۾ آيل اردو ڳالهائيندڙن کي نياپو مليو ته سنڌي مري ويندا پر سنڌ کي ورهائڻ ڪون ڏيندا ۽ ٻاهران آيل اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌو ڌارا ۾ گڏ ٿيڻ جي صلاح ڏني وئي۔
3۔ سنڌ هاڻ پاڪستان جو بار وڌيڪ دير برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ 1940 واري معاهدي کان موڪلاڻيءَ جو سڏ ڏنو ويو۔

تمام ڀلو، شاباسون، پپيون ۽ سمورو پيار اوهان دوستن لاءِ،

جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون محترم جي ايم سيد جي فڪر ۾ واضح ٿيل آهن پر انهن کي سگهه سان ورجائڻ ضروري هو سو فرض پورو ڪيو ويو ۔۔۔
پر اهو عمل ٿيو ۽ گذري ويو ۔۔۔۔ ۽ هاڻ حب الوطن دوستن تي وڌيڪ ذميورايون وڌن ٿيون۔

1۔ قوم کي انقلاب لاءِ تيار ڪرڻ ۽ انهن جي فلاح لاءِ ڪم ڪرڻ
2۔ تنظيمي ڍانچي کي سگهارو ڪرڻ
3۔ سنڌ جي ايڪي ۽ اتحاد جي طرف قدم وڌائڻ
4۔ قومي ڪارڪنن جي ڪردار کي سهڻو ۽ قابل قبول ٺاهڻ
5۔ سازشي ۽ غدارن تي ڪڙي نظر رکڻ ۽ انهن جي ڪن مهٽ ڪرڻ

ڳالهه آئي وئي نه ڪجي ۔۔۔ قومي تنظيمون قومن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ پاڻ سان گڏ رکڻ لاءِ هر قسم جي جدوجهد ڪنديون آهن، سياڻپ ۽ ڏاهپ سان قومي مسئلن کي حل ڪنديون آهن، قومي ضروريات کي پوري ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙينديون آهن۔

اسين سنڌي قوم جي فرد جي حيثيت سان سنڌي حب الوطن دوستن کان تمام گهڻيون اميدون رکون ٿا، انڪري انهن کي سهڻو، سگهارو ۽ منظم ڏسڻ گهرونٿا ۔۔۔ اميد آهي ته حب الوطن دوست سنڌي قوم کي مايوس نه ڪندا
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين ۔۔۔ آمين​
 
جواب: سنڌي عوام جي اپيل بنام سنڌي قوپرست پارٽين کي

زبردست سائين واقعي سائين وقت جي ضرورت آهي ته ڳالهه آئي وئي نه ڪجي بلڪه اهو سلسلو وڌايو وڃي
 
Back
Top