دوست عرفان ديشي، اوهان دوستن کي ٻڌا سلام ۽ سڀني حب الوطن دوستن کيرون لهڻيون جن وقتائتو ميڙ ڪٽي ڪري دنيا سميت سنڌ دشمنن تي اهو واضح ڪيو ته سنڌ سنڌين جي آهي ۽ انجي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ يا ميري نظر رکندڙ ياد رکن ته سنڌ جا وارث جيئرا آهن ۽
جنهن وقت هي ڀاڳيا جاڳيا، پو سور نه رهندا ساڳيا
پر منهنجا دوست اسان طرفان پنهنجي قيادت کي اهو نياپو به ڏجو ته ڏاهپ، محنت ۽ سچائي سان سنڌين جي ڀلائي جا ڪم ڪندي، انقلاب جي لا تڪڙي تياري ڪن۔۔۔ هي ميڙ تتل سالن جي غلامي ۾ هڪ ننڍڙي هوا جي جهونڪي جي حيثيت رکي ٿو ۔۔۔ انڪري ان عمل کانپو ڳالهه آئي وئي نه ڪجي ۽ اڳ کان اڳرا ٿي پاڻ ملهائڻو آهي ۔۔۔ ۽ اهو فرض حب الوطن دوستن جي ڪلهن تي آهي ته جو سنڌ کي ڪئين ٿا آزاد ۽ خوشحال ڪرائن۔
تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ ان ڏينهن جڏهن ڪراچي جي هر روڊ تان سنڌ جي حق ۾ لڳل نعرا هيا ۽ لاتعداد سنڌي نوجوان جن جو جذبو ۽ جوش ڏسي سچ ته هر پوڙهو به جوان پئي لڳو۔ ڪراچي جي شهر ۾ سنڌين جو ايڏو وڏو ميڙ گهڻن ڏينهن کانپوء نظر آيو۔ سچ ته ان ڏينهن مان پاڻ به ڪراچي جي مختجف روڊن سان گهميو هيس پر بدقسمتي سان ڪنهن مجبوري سبب مان تقرير ۽ جلسو شروع ٿيڻ کان اڳ گهر لاء روانو ٿيو هوس۔
محترم بشير خان قريشي جي تقرير به سٺي ۽ جامع ۽ کُليل هئي۔ سنڌي ماڻهن سنڌ جي قومپرست ڌرين کي سدائين موٽ ته ڏني آهي پر اهي پاڻ ۾ ڪڏهن به متحد ناهن رهيا ۽ اهائي ئي اسان جي وڏي بدقسمتي رهي آهي۔
محترم بشير خان قريشي کي ڪلھ اھو قوم ٻڌايو ته اسان اوھان سان گڏ آھيون، جسقم جي سڏ ۾ سڏ ڏئي سڀ سنڌي ڪراچي پھچي ويا، آزادي وطن جا نعرا ڪراچيءَ توڙي پوري دنيا ۾ رھندڙ سامراجن ٻڌا انتظار آھي ته نتيجن جو ڏسجي ته نتيجا آخر ڪھڙا ٿا نڪرن.
عوام ۽ سنڌي ماڻهن ته کيس هڪ سٺو نماء ڪري ڏيکاريو ، هاڻي بشير قريشي تي به پهريان کان وڌيڪ ذميواريون عائد ٿين ٿيون ته سنجيدگي کان ڪم وٺندي قومپرست ڌرين کي پاڻ سان ويجهو آڻي ۽ هڪ نئين شروعات ڪري۔ اسان سنڌين صرف هڪ جلسو ڪرڻ سان ڪا جنگ ناهي کٽي، جلسا ته هتي ڪراچي ۾ سڀ ڪو وڏا ٿو ڪري پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مليل سگه ۽ مليل مثبت موٽ کي صحيح رخ سان طاقت ۾ تبديل ڪجي۔ ان لاء هڪ اهم تبديلي جيڪا نوجوانن ۾ هجڻ گهرجي اها آهي پنهنجي اخلاقي قدرن کي بهتر ڪري ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪجي۔ ماڻهن جي ننڍي وڏي ڏک ۽ مصيبتن ۾ انهن سان گڏ هججي۔ پوء ڏسو ته ڪيئن نه اسان هن طاقت کي پنهنجي ڪاميابي ۾ ٿا تبديل ڪيون۔
اڃان منزل پري آهي ۽ اسان کي وڌيڪ سٺي منصوبه بندي سان ڪم ڪرڻو آهي۔
باقي اوهان دوستن سميت جسقم قيادت ۽ سڀ سنڌي مبارڪون لهڻن جن زنجير بنجي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ هڪ وڏو اجتماع ڪيو جنهن جي توقع اردو ميڊيا ۽ مفڪرن کي به نه هئي۔ جيتوڻيڪ انٽرنيشنل ميڊيا ته هن وڏي ميڙ کي سٺي ڪوريج ڏني خاص ڪري بي بي سي ۽ سي اين اين پر پاڪستان جي اردو ميڊيا هن دفعي به پنهنجي تعصبانه رويي کي ورجائيندي هن کي هڪ معمولي اجتماع طور پيش ڪيو۔
مان سمجهان ٿو هن هيڏي وڏي ميڙي کي وري به صدر آصف زرداري پنهنجي لاء ڪيش ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويندو۔ ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح اهو ڪٿي ٻئي هنڌ ذڪر ڪبو۔