• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مهاجر صوبي جي حامين جو سنڌي ايم پي ايز کي لکيل ڌمڪي آميز خط

يونس ملڪاڻي

سينيئر رڪن
مهاجر صوبو الڳ ٺاهڻ جي حوالي سان سنڌي ايم پي ايز کي ڌمڪي آميز خط لکيا ويا آهن انهن خطن مان هڪ خط حميرا علواڻي کي به لکيو ويو آهي جيڪو هڪ اردو اخبار شايع ڪيو آهي ، جيڪڏهن هن خط جو متن واقعي اصل آهي ته سنڌين کي انتهائي سنجيدگي سان سوچن گهرجي
ih4h1y.jpg
[/IMG]
 
جواب: مهاجر صوبي جي حامين جو سنڌي ايم پي ايز کي لکيل ڌمڪي آميز خط

سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت هن اهم واقعي کي سنجيدگي سان ناهي ڏٺو۔ بلوچستان ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙن کي ته سر عام ماريو ٿو وڃي پر هن اهم واقعي تي اسان جا انٽيلجنس ادارا ۽ وقت جا حڪمران الائي ڇو اکيون بند ڪيو ويٺا آهن۔

ياد رکو اوهان جي اهڙي رويي سبب سنڌ تباهي طرف وئي آهي ۽ اڳتي اوهان سميت سڀني لاء ڪراچي جا رستا تنگ ڪيا ويندا۔ خدارا اکيون کوليو ۽ مفاهمت جي آڙ ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ وارن هٿن کي وائکو ڪري انهن خلاف ڪاروائي ڪيو۔

حميرا علواڻي ۽ سسئي پليجو صاحبه حڪومت ۾ رهندي به هميشه سنڌ جي مسئلن تي ڳالهايو آهي تنهنڪري هنن کي اهڙا خط لکيا وڃن ٿا۔
 
جواب: مهاجر صوبي جي حامين جو سنڌي ايم پي ايز کي لکيل ڌمڪي آميز خط

ادا اها وڏي افسوس جي ڳاله آهي ته ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي ئي گهر مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون پيون ڏنيون وڃن ۔
 
جواب: مهاجر صوبي جي حامين جو سنڌي ايم پي ايز کي لکيل ڌمڪي آميز خط

حڪومت کي سڀ خبر هئڻ باوجود به چپ آهي ، ڇو جو اگر ڪو ايڪشن کڻندي ته ڪرسي ويندي۔
اگر اسان جا حڪمران ڪرسي جي پچر ڇڏي عوام ڏانهن ڌيان ڏين ته ڪنهن کي به طاقت ناهي جو ڪراچي ٽوڙڻ جي ڳاله ڪري۔
 
جواب: مهاجر صوبي جي حامين جو سنڌي ايم پي ايز کي لکيل ڌمڪي آميز خط

حڪومت کي سڀ خبر هئڻ باوجود به چپ آهي ، ڇو جو اگر ڪو ايڪشن کڻندي ته ڪرسي ويندي۔
اگر اسان جا حڪمران ڪرسي جي پچر ڇڏي عوام ڏانهن ڌيان ڏين ته ڪنهن کي به طاقت ناهي جو ڪراچي ٽوڙڻ جي ڳاله ڪري۔

صحيع ٿا چئو ادا۔
 
جواب: مهاجر صوبي جي حامين جو سنڌي ايم پي ايز کي لکيل ڌمڪي آميز خط

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه اصل ۾ پاڪستان کي ورهائڻ جي سازش آهي ڇو ته سنڌ ئي پاڪستان کي ٺاهيندڙ آهي، سنڌ پاڪستان کان اڳ به هڪ وحدت هئي. پاڪستان سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ جي تحت ئي ٺهيو هو. هن چيو ته اڃا تائين مهاجر صوبي جو مطالبو ڪنهن به ڌر وٽان نه آيو آهي. پر آئون اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏڻ چاهيان ٿو سنڌ ۾ ڌار صوبي جي ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ جي وحدت سان ڪابه ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي. مهاجر صوبي جي ڳالهه شرارت آهي، سنڌ جو عوام ان کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪندو اهڙي ڪابه حرڪت نه ڪئي وڃي جنهن سان پاڪستان کي نقصان رسي.ڪراچيءَ ۾ وڏي عرصي کان مهاجر صوبي جي لاءِ چاڪنگ ٿيندي رهي آهي. اڳي ان کي جناح پور جو نالو ڏنو ويندو هو ۽ پوءِ ڪڏهن ”مهاجرستان“، ته ڪڏهن ”اردو صوبو“ ته ڪڏهن ”مهاجرن جي صوبي“ جي لاءِ چاڪنگ ڪري سنڌ جي عوام ۾ اشتعال پکيڙڻ ۽ لساني فساد ڪرائڻ جي لاءِ ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. سنڌي قوم جو اهو طئه ٿيل اصول آهي ته ڪنهن به ڌارئي کي تيستائين برداشت ڪيو ويندو آهي جيستائي انهيءَ ۾ انسانيت هوندي آهي پر جڏهن هو پنهنجي خول مان ٻاهر نڪري ايندو آهي ۽ هن جو اصل چهرو سامهون اچي ويندو آهي ته پوءِ انهيءَ سان اهڙو حشر ڪيو ويندو آهي جهڙو سنڌ ۾ سڪندر اعظم سان ٿيو هو پوءِ ڪڏهن به منهن موڙي پوئتي نهارڻ جي جرائت به ڪري نه سگهندا آهن. جيتوڻيڪ سنڌين جو ماضي شاندار ضرور رهيو آهي پر اڄ به سنڌ مان سنڌ پرستي مُئي نه آهي، سنڌ ڌرتي مخدوم بلاول، سورهيه بادشاهه، هوشو، هيمون، دودو ۽ دولهه درياهه خان جهڙن ارڏن، بهادرن کي ڄڻڻ ۾ سنڍ نه بڻجي ويئي آهي، اڄ به سنڌ جا تاريخي ڪردار نئون روپ وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن جيڪي سنڌ جون جاگرافيائي حالتون بچائڻ جي لاءِ پنهنجي رت جو آخري ڦڙو ۽ پنهنجي سڀني پيارن جي جانين جو نذرانو ته ڏيئي سگهن ٿا، پر ڌرتيءَ جو هڪ انچ به ڪنهن غير جي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ تيار نه ٿيندا، پوءِ ڀلي سنڌ جي ورهاست جي لاءِ ڪا ڌر سنڌ دوست جو ٻهروپ ڪري ڇو نه اچي پر اڄ به سنڌ ۾ شاهه لطيف، استاد بخاري، شيخ اياز، سرڪش سنڌي، ابراهيم منشي جهڙي نظر رکندڙ سنڌي، سنڌ دوست ۽ سنڌ دشمن، ڌرين جي فرق کي سمجهن ٿا. سنڌ جو وارث صرف سنڌي آهي جيڪڏهن ڪا ڌر هٿيارن جي زور تي شهرين کي يرغمال بڻائي ايجنسين جي منهن ۾ ڌوڙ وجهي ٻه چار سيٽون کٽي اچن ٿا ته انهيءَ جو مقصد اهو هرگز نه آهي ته آمريت جي ٻل تي کنڀي جيان اڀرندڙن جي عمر به کنڀي جيتري هوندي آهي، پر سنڌ واسي پرامن آهن سندن رڳ رڳ ۾ انسان دوستي شامل آهي، اهي ڪنهن به صورت ۾ نه ٿا چاهين ته انسانن جو لابارو به ڪڻڪ جي لاباري جيان ڪري ڇڏين. لطيف جي وارثن ڪڏهن به امن کي هٿان نه ڇڏيو آهي پر ”تنگ آيد ته جنگ آيد“ تي عمل ضرور ٿيندو. سنڌين جي صبر جو ايترو امتحان نه ورتو وڃي جو اهي اٿي پون ۽ ڌارين جي لاءِ ڌرتي تنگ ٿي پوي ۽ ڪنهن به پليت کي ڌرتيءَ تي پير کرڻ ئي نه ڏنو وڃي.
سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ کي پنهنجي ماءُ سمجهن ٿا ڪوبه حلالي پٽ پنهنجي ماءُ جي ورهاست ۽ ماءُ تي گار برداشت نه ڪندو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي ورهاست جي لاءِ ڪڏهن قومي اسيمبلي ۾ ”صوبن جون جاگرافيائون اهم نه آهن“، جهڙا بل پيش ڪري ڌرتي ڌڻين کي آپي کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڄڻ نانگ جي ٻر ۾ هٿ وڌو ٿو وڃي ته ڪڏهن هزاره صوبي جون ڳالهيون ڪري پنهنجا مفاد ماڻڻ جي لاءِ عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، ته ڪڏهن ماءُ جي دادلي ڪندڙ فردن کي پاڻ سان ملائي ثابت ڪيو ٿو وڃي ته ڌرتي ڌڻي به مهاجر صوبي جي لاءِ راضي آهن، بي ضمير، ويڪائو ۽ دلال هر قوم ۾ هوندا آهن پر انهن کي ڪڏهن به ڌرتي ڌڻين نه مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ نه اهي سنڌ جا وارث آهن جيڪي جنهن کي چاهين سنڌ ڏئي ڇڏين. وڏي وقت کان انقلاب، انقلاب جون ڳالهيون ڪندڙن جون بدصورت شڪليون ”مهاجر صوبي“ جي چاڪنگ ۾ پڌريون ٿي پيون آهن. گذريل هفتي ساڳئي ڏهاڙي تي هڪ طرف هزاره صوبي جي لاءِ جلسو ٿي رهيو هو ته ٻئي طرف ڪراچي ۾ ”مهاجر صوبي“ جي لاءِ چاڪنگ ڪئي پئي وئي. هاڻي گهڻو ٿيو هاڻي اهو ناٽڪ بند ٿيڻ گهرجي. اهي فرد جيڪي هزاره ۾ 15 ماڻهو به گڏ ڪري نه ٿا سگهن اهي ڪراچيءَ ۾ هزاره صوبي جي لاءِ هزارين ماڻهو ڪيئن گڏ ڪري سگهندا!. سنڌ ۾ هاڻي خيبر پختون خواهه کي ٽڪرا ڪرڻ وارا ناٽڪ بند ڪرڻ گهرجين. جن به ماڻهن کي هزاره صوبي بابت ڪا تحريڪ هلائڻي آهي اهو خيبر پختون خواهه ۾ وڃي تحريڪ هلائين. سنڌ ڪراچي ۾ هزاره ۽ پٺاڻن جي ڪا نئين رتو ڇاڻ برداشت ڪرڻ جي سهپ رکي نه ٿي سگهي.
مهاجر صوبي جي ڳالهه ڪندڙن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ ڀلي ڪيترا به صوبا ٺهن ٿا يا نه ٿا ٺهن، سنڌين جي انهيءَ ۾ نه دلچسپي آهي ۽ نه سنڌين کي ڪو فائدو آهي ۽ نقصان آهي پر ڪابه ڌر پاڪستان ۾ نون صوبن جي ڳالهه ڪري سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪندي ته پوءِ اهڙن سازشين کي به ڌرتي ڌڻي سنڌ ۾ برداشت نه ڪندا. سنڌ ۾ اهو فرد رهي پوءِ چاهي اهو ڪهڙي به ٻولي ڳالهائي، سنڌ ۾ رهندڙ جي جيستائين سڃاڻپ سنڌي نه هوندي ته انهيءَ کي سنڌ ڌرتيءَ تي رهڻ جو ڪوبه حق نه آهي، جيڪو سنڌ جو کائي ٿو، سنڌ جو پيئي ٿو ۽سنڌ ۾ رهي ٿو ۽ ڳالهه مهاجر صوبي جي ڪري ٿو انهيءَ کي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ مهاجر نالي آ نه ڪا زمين، نه ڪو علائقو ۽ نه ڪا قوم آهي. ملڪ ۽ صوبا انهن ڌرتين تي ٺهندا آهن جن وٽ پنهنجي ٻولي، پنهنجي زمين، پنهنجي تهذيب، ثقافت، تاريخ هجي پر سنڌ ۾ مهاجر نالي نه ڪا ڌرتي آهي، نه ڪا ٻولي آهي، نه ثقافت آهي، نه تاريخ آهي ۽ نه ڪو تهذيبي ورثو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن ڌر جو خيال آهي ته سنڌ ۾ ڪو نئون اسرائيل ٺهندو ته اها شايد ان جي ڀل يا خوش فهمي ئي آهي. جيڪڏهن هڪ هفتي جي لاءِ ڪراچيءَ جي هر رسد بند ڪئي وڃي ته ڪراچي گند جو ڍير بڻجي ويندو، جيڪڏهن هڪ مهينو رسد بند ڪئي ويئي ته پوءِ ڪراچيءَ ۾ صرف بلڊنگون ئي باقي وڃي بچنديون.
سنڌ جي وڏي وزير جهڙيءَ طرح ڌرتيءَ جي حلالي پٽ جو ثبوت ڏيندي سنڌ جي حفاظت جي لاءِ سينو سپر ڪري بيٺو آهي ۽جيڪي جملا هن وڏي واقعي چيا آهن اهو صرف سنڌ جي وڏي وزير ئي نه پر سڄي سنڌ جي عوام جو گڏيل آواز آهي.
جيڪڏهن ڪنهن فرد کي مهاجر صوبو اڏڻو آهي ته پوءِ اهي ڪنهن ٻي ڌرتيءَ تي هليا وڃن ۽ ائين نه ٿئي ته سنڌ جو عوام پنهنجي مهمان نوازي واپس وٺي ڇڏي.ڪالهه جيڪي سنڌي پاڪستان جا خالق هئا اهي جيڪڏهن پاڪستان ٺاهڻ جي لاءِ عظيم قربانيون ڏيئي سگهن ٿا ته اهي سنڌ جي حفاظت جي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ قربانيون ڏيندي پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪندا بشڪريه عوامي آواز


 
جواب: مهاجر صوبي جي حامين جو سنڌي ايم پي ايز کي لکيل ڌمڪي آميز خط

صبر ڪريو سنڌي دوستو 10 سال کانپوءِ هي مهاجر پاڻ کي ڪراچي ته ڇا پر سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ اچڻ نه ڏيندا۔
 
جواب: مهاجر صوبي جي حامين جو سنڌي ايم پي ايز کي لکيل ڌمڪي آميز خط

ٻڏي مرڻ جو مقام آهي ، ڌاريا ماڻهو اسان جي ڌرتي ، اسان جي گهر ۾ ويهي اسان کان ڌمڪيون ٿا ڏين
۽ پنهنجي خاموشي کي ڪهڙو نالو ڏجي ۔ ؟؟؟
 
جواب: مهاجر صوبي جي حامين جو سنڌي ايم پي ايز کي لکيل ڌمڪي آميز خط

اچو سڀ سنڌي ساٿيو گڏ ٿيون ۽ مهاجرن کي منهن توڙ جواب ڏيون ته مهاجرن جو صوبو اگر آهي ته سمنڊ ۾ ٻڏڻ جو صوبو آهي ٻڏي مرن سمنڊ ۾ جيڪي چون ٿا ته مهاجر صوبو ٺهڻ گهرجي صوبو نه ڏيجي پر سمنڊ ۾لوڙهي ڇڏجي مهاجرن کي جڏهن ممتاز ڀٽو سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏي ها ته اڄ ائين نه ٿئي ها۔
 
Back
Top