ڪالھ جيڪو هيو روشنين جو شهر،

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔
هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

هو ڪلاچيءَ ۾ محشر سڀني ڏٺو،
۽ منهنجي جند تي جيڪي هاڃا ٿيا۔
...
ڪالھ جيڪو هيو روشنين جو شهر،
اڄ هو بيروت ، بغداد ، ڍاڪا ٿيا۔

ڪيئي جوڌا جوان ها جاڳي اٿيا،
۽ ڪي ڌرتي جا ڄايا اڀاڳا ٿيا۔

ناهي نڪتو اڃان به درمان ڪو،
رڳو سياست جا آهن فسانا ٿيا۔

اچ امن کي تلاشيون ساحر ملي،
۽ دڳ پيچرا جي پراوا ٿيا۔۔۔


543226_357195357656597_169411959768272_1021532_1391256431_n.jpg
 
جواب: ڪالھ جيڪو هيو روشنين جو شهر،

اچ امن کي تلاشيون ساحر ملي،
۽ دڳ پيچرا جي پراوا ٿيا۔۔۔


تمام سهڻو اظهار ۽ عاشق سائين خوبصورت ڊزائن۔

پراون دڳن ۽ پيچرن تي امن ڳولڻ ڏکيو ڪم آهي۔ اچو ته انهن پيچرن کي وري پنهنجو بڻايون۔
 
جواب: ڪالھ جيڪو هيو روشنين جو شهر،

اچ امن کي تلاشيون ساحر ملي،
۽ دڳ پيچرا جي پراوا ٿيا۔۔۔


تمام سهڻو اظهار ۽ عاشق سائين خوبصورت ڊزائن۔

پراون دڳن ۽ پيچرن تي امن ڳولڻ ڏکيو ڪم آهي۔ اچو ته انهن پيچرن کي وري پنهنجو بڻايون۔

سائين سليمان وساڻ صاحب پسند ڪرڻ جي مھرباني۔
 
جواب: ڪالھ جيڪو هيو روشنين جو شهر،

عاشق سائين! اسانجي شاعرن کي شابس آهي جو ماحول ۽ سماج جي ڪروڌي تصوير چٽي پنهنجي ۽ اسانجي جذبن جي ترجماني ڪنٿا ۔۔۔

انڌير ننگري چرپٽ راجا ۔۔۔ اڄ ئي ڪراچي ۽ حيدرآباد کي باهه جو سمنڊ ڪيو ويو ۔۔۔ ايم ڪيو ايم جا ٻه ماڻهون مئا ته انهن جي بدلي ۾ ڊزن ماڻهون ماريا ويا ڪيترا زخمي ڪيا ويا ۽ لکن جون گاڏيون ساڙيون ويون، ٻيون ملڪيتون تباهه ڪيو ويون پر هن ماڻهون کي مارڻ واري کي امن جو دشمن ۽ شر پسند چئي پوري پاڪستان جي سگهه ان جي پويان لڳائي وئي ۽ باقي سموري سنڌ ۾ دهشتگردي ڪندڙن کي امن پسند چئي کانئن سڀني حڪمرانن معافيون ورتيون، هٿ جوڙيا ۽ سندن جي هٿن ۾ پنهنجيون ڏاڙهيون ڏنيون۔

آهي نه انصاف جي ما ڀيڻ هڪ ڪرڻ ۔۔۔؟؟؟؟ هاڻ هاڃا نه پر ناانصافين جا سمنڊ پيا وهن، ڪهڙن تي روئي ڪهڙن تي روئجي۔

الله ڏاهي مَ ٿيان
 
Back
Top