پڙهاڪو عورتن سان پنگو نه وٺو مسعود منور عيد آئي ، آئي لنگھي به وئي. مسلمانن 48 رپيا ڪلو واريون مٺائيون ۽ سوييون به کاڌيون، نوان ڪپڙا به پاتا ۽ سڄڻن ، مٽن مائٽن ۽ دوستن سان مستيون به ڪيون. بس ايترو ئي هو عيد جو شو شا. رب کي ڪو ياد نٿو ڪري. سڄي ڏينهن رب ڪٿي هوندو آهي؟ مسجدن ۾، مولوين جي هوڪن ۾ ، ٻڍڙن ماڻهن جي ڳالهين ۾ . انشاالله ۾، الحمد الله ۾ ، ماشاالله ۾ . مسجدن ۽ ڳالهين ٻولين کان ٻاهر رب جو ڪهڙو ڪم؟ وعظن ۽ ڳالهين ٻولين کان اڳيان دنيا حاڪمن ۽ پيسي وارن جي آهي يا پوءِ عورتن جي . ڪجهه وقت جا پنجابي يا نون نڪ مان ڳالهائيندا آهن پر هڪ عورت کي انهي تي تمام گھڻو اعتراض آهي. هو چوندي آهي ته نڪ سان نڪنڪيون نه وڄائيندو ڪر. هي ٻڌي ته منهنجي ته ٻولتي ئي بند ٿي ويندي آهي. زبان جي اصل مالڪ عورت يا زناني ئي هوندي آهي. علم البيان جي استادياڻي. انهي ڪري ٻولي ماءُ ٻولي هوندي آهي. ماتري ڀاشا. مادري زبان. نارويجين ۾ چوندا آهن ته ، مورشمول. پر ميرا جي عرف ثنا الله ڊار پنهنجا گولا هلائيندي چوندا هئا ته ، منهنجي مادري ٻولي اردو آهي، جيڪا منهنجي ماءُ کي ناهي ايندي. ڪجهه مائرن کي انهن جي پنهنجي مادري ٻولي ناهي ايندي. ڪجهه ٻار بلونگڙا ماءُ ٻولي جي جاءِ تي سائين ٻولي جي چوسڻي منهن ۾ وجھي ڇڏيندا آهن. پاڪستان جو سائين آمريڪا آهي، ۽ انهن جي سائين ٻولي انگريزي آهي. اردو ته ائين ئي نالي جي ئي قومي ٻولي آهي. هي هو ٻولي آهي جنهن کي ٻوليندي جيڪڏهن چوڌري شجاعت حسين جي وات ۾ قاف ڦاسي وڃي ته انهن جي ٻولتي بند ٿي ويندي آهي. پڙهيل لکيل عورت سان زبان اٽڪائڻ گھاٽي جو سودو ۽ تمام ڏکيو ڪم آهي. وٺڻا جا ڏيڻا پئجي ويندا آهن. انهي ڪري ڪنهن پڙهاڪو عورت سان ته تو تو ۾ ۾ جي پنگو وٺڻ ئي نه گھرجي. ڪلهه منهنجي پاڙيسري ايرڪ مون کي هڪ ڳالهه ٻڌائي جنهن کان مون کي پڪ ٿي وئي ۽ يقين اچي ويو ته پڙهاڪو عورت سان بچي رهڻ گھرجي. چوڻ لڳو ته سويري سويري منهنجو پٽ مڇين جي شڪار کان موٽيو، پنهنجي شڪاري ٻيڙي مڇيون جھلڻ واري سامان سان گڏ ڪناري تي بيهاري ۽ وڃي سمهي پيو. انهي جي زال ناشتو ڪري ڪافي پي رهي هئي ۽ گڏو گڏ ڪتاب به پڙهي رهي هئي. هن ٻيڙي کي تيار بيٺل ڏسي سوچيو، ڇو نه ٻيڙي ۾ ويهي ڪتاب پڙهيو وڃي، هن ڇا ڪيو ته ٻيڙي کي پينڊل هنيا ته وڃي ڍنڍ جي وچ ڪنڌي تي وڃي پهتي ۽ ڪتاب ۾ ٽٻي هڻي ڇڏي. ٿورڙي دير کان پوءِ ماهي گير جي کاتي جو هڪ گارڊ هتي وڃي پهتو ۽ چوڻ لڳو ته موتين وارا ! توهان هتي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ انهي علائقي ۾ مڇيون جھلڻ جي اجازت ناهي. هن عورت چيو ته ” سرڪاري چوڪيدار ! مان مڇيون نه پئي جھليان، مان ته ڪتاب پڙهي رهي آهيان.“ ”هي ته تنهنجو بيان آهي پر مان ڏسي رهيو آهيان ته ٻيڙي ۾ مڇيون جھلڻ جو سامان موجود آهي. هتي توهان ڪنهن به وقت مڇي جھلڻ شروع ڪري سگھو ٿا“ هن افسر چيو. مون کي توهان جو چالان ڪرڻو آهي ۽ گرفتار ڪري حوالات ۾ بند ڪرڻو آهي. “ هن افسر هن عورت تي ڪاوڙ ڪندي چيو. عورت چيو ته جيڪڏهن تو اهو ڪم ڪيو ته مان تنهنجي مٿان جنسي زيادتي جي دعوي ڪندس. ” پر مون ته توهان کي هٿ به ناهي لاٿو“ افسر چيو. عورت ورندي ڏني ته ” هو ته ٺيڪ آهي پر تون وٽ ته جنسي دست درازي جو ته سڄو سامان موجود آهي ۽ تون ڪنهن وقت به زيادتي ڪري سگھين ٿو. سو تنهنجي خلاف دعوي جائز آهي.“ افسر چيو. ”.تمام سٺو مائي جي، توهان هاڻ ڪتاب پڙهڻ جاري رکو، اسلام عليڪم.“ سبق : ڪڏهن به ڪنهن پڙهي لکي عورت سان زبان نه هڻو، ڇو جو هو به سوچڻ ڄاڻي ٿي ويچار ڊاٽ ڪام جي ٿورن سان
ٻيلي چڱو ٿيو جو اسان کي آگاهي ڏيئي ڇڏي اٿئو۔ نه ته هن اسلام آباد ۾ ته ڇڙو عورتون ئي عورتون۔ عورتون وري اهڙيون جو مردن کي مرغو بڻايون وتيون آهن۔ ٻيلي پاڻ آهيون سادا سنڌي پنگو ته پري جي ڳالهه نهاريون به
مطلب ته قمبراڻي کي اسلام آباد جي مائين جا هٿ لڳي ويا، سمجهي وياسين پڪ سان اسان وارو ادو وهاب ايڊيٽر اسلام آباد جي ڪنهن گلي يا ڪنهن شاهه راهه تي ڪڪڙ ضرور بنيو آهي، تڏهن ته ويٺو بچڻ جا انڊيڪيشن ڏي۔ تجربو شيئر ڪرڻ سُٺي ڳالهه آهي۔ سچ ته بيٺو نچ!!!!۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
هل قمبراڻي لئي ٿي ٻيو ڇا اهي مزا به ماڻيون ويٺو آهين ڀلا يار مون کي ڪن ۾ ٻڌاء ته گهڻآ دفعا مرغو بڻجڻ جو شرف حاصل ٿيو آهي ۔ مطلب ته حاجي نه ته غازي گهڻا دفعيا ٿيو آهين
hall charihall charihall charihall charihall charihall chari asul mattasul mattasul mattasul mattasul matt
ادا رشيد توبه ڪونه وٺهنداسين پنگو ڪافي عورتو ڏينگيون هونديون آهي جئين اسان جي ميڊم ميڊيڪل ۾ روز مونکي کي چئيندي آهي اپريٽر صاحب سڃو ڏينهن نيٽ تي بهلا ڇا ڪندا آهيو نيٽ تي ته ڪابه شيء صحيح نٿي هوجي هاهاهاههاهاههاها