پڙهاڪو عورتن سان پنگو نه وٺو....

'مقالا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پڙهاڪو عورتن سان پنگو نه وٺو
    مسعود منور

    عيد آئي ، آئي لنگھي به وئي. مسلمانن 48 رپيا ڪلو واريون مٺائيون ۽ سوييون به کاڌيون، نوان ڪپڙا به پاتا ۽ سڄڻن ، مٽن مائٽن ۽ دوستن سان مستيون به ڪيون. بس ايترو ئي هو عيد جو شو شا. رب کي ڪو ياد نٿو ڪري. سڄي ڏينهن رب ڪٿي هوندو آهي؟

    مسجدن ۾، مولوين جي هوڪن ۾ ، ٻڍڙن ماڻهن جي ڳالهين ۾ . انشاالله ۾، الحمد الله ۾ ، ماشاالله ۾ . مسجدن ۽ ڳالهين ٻولين کان ٻاهر رب جو ڪهڙو ڪم؟

    وعظن ۽ ڳالهين ٻولين کان اڳيان دنيا حاڪمن ۽ پيسي وارن جي آهي يا پوءِ عورتن جي . ڪجهه وقت جا پنجابي يا نون نڪ مان ڳالهائيندا آهن پر هڪ عورت کي انهي تي تمام گھڻو اعتراض آهي. هو چوندي آهي ته نڪ سان نڪنڪيون نه وڄائيندو ڪر.

    هي ٻڌي ته منهنجي ته ٻولتي ئي بند ٿي ويندي آهي. زبان جي اصل مالڪ عورت يا زناني ئي هوندي آهي. علم البيان جي استادياڻي. انهي ڪري ٻولي ماءُ ٻولي هوندي آهي. ماتري ڀاشا. مادري زبان. نارويجين ۾ چوندا آهن ته ، مورشمول. پر ميرا جي عرف ثنا الله ڊار پنهنجا گولا هلائيندي چوندا هئا ته ، منهنجي مادري ٻولي اردو آهي، جيڪا منهنجي ماءُ کي ناهي ايندي. ڪجهه مائرن کي انهن جي پنهنجي مادري ٻولي ناهي ايندي. ڪجهه ٻار بلونگڙا ماءُ ٻولي جي جاءِ تي سائين ٻولي جي چوسڻي منهن ۾ وجھي ڇڏيندا آهن. پاڪستان جو سائين آمريڪا آهي، ۽ انهن جي سائين ٻولي انگريزي آهي. اردو ته ائين ئي نالي جي ئي قومي ٻولي آهي. هي هو ٻولي آهي جنهن کي ٻوليندي جيڪڏهن چوڌري شجاعت حسين جي وات ۾ قاف ڦاسي وڃي ته انهن جي ٻولتي بند ٿي ويندي آهي.

    پڙهيل لکيل عورت سان زبان اٽڪائڻ گھاٽي جو سودو ۽ تمام ڏکيو ڪم آهي. وٺڻا جا ڏيڻا پئجي ويندا آهن. انهي ڪري ڪنهن پڙهاڪو عورت سان ته تو تو ۾ ۾ جي پنگو وٺڻ ئي نه گھرجي.

    ڪلهه منهنجي پاڙيسري ايرڪ مون کي هڪ ڳالهه ٻڌائي جنهن کان مون کي پڪ ٿي وئي ۽ يقين اچي ويو ته پڙهاڪو عورت سان بچي رهڻ گھرجي. چوڻ لڳو ته سويري سويري منهنجو پٽ مڇين جي شڪار کان موٽيو، پنهنجي شڪاري ٻيڙي مڇيون جھلڻ واري سامان سان گڏ ڪناري تي بيهاري ۽ وڃي سمهي پيو. انهي جي زال ناشتو ڪري ڪافي پي رهي هئي ۽ گڏو گڏ ڪتاب به پڙهي رهي هئي. هن ٻيڙي کي تيار بيٺل ڏسي سوچيو، ڇو نه ٻيڙي ۾ ويهي ڪتاب پڙهيو وڃي، هن ڇا ڪيو ته ٻيڙي کي پينڊل هنيا ته وڃي ڍنڍ جي وچ ڪنڌي تي وڃي پهتي ۽ ڪتاب ۾ ٽٻي هڻي ڇڏي.

    ٿورڙي دير کان پوءِ ماهي گير جي کاتي جو هڪ گارڊ هتي وڃي پهتو ۽ چوڻ لڳو ته موتين وارا ! توهان هتي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ انهي علائقي ۾ مڇيون جھلڻ جي اجازت ناهي.

    هن عورت چيو ته ” سرڪاري چوڪيدار ! مان مڇيون نه پئي جھليان، مان ته ڪتاب پڙهي رهي آهيان.“

    ”هي ته تنهنجو بيان آهي پر مان ڏسي رهيو آهيان ته ٻيڙي ۾ مڇيون جھلڻ جو سامان موجود آهي. هتي توهان ڪنهن به وقت مڇي جھلڻ شروع ڪري سگھو ٿا“ هن افسر چيو.

    مون کي توهان جو چالان ڪرڻو آهي ۽ گرفتار ڪري حوالات ۾ بند ڪرڻو آهي. “ هن افسر هن عورت تي ڪاوڙ ڪندي چيو.

    عورت چيو ته جيڪڏهن تو اهو ڪم ڪيو ته مان تنهنجي مٿان جنسي زيادتي جي دعوي ڪندس.

    ” پر مون ته توهان کي هٿ به ناهي لاٿو“ افسر چيو.

    عورت ورندي ڏني ته ” هو ته ٺيڪ آهي پر تون وٽ ته جنسي دست درازي جو ته سڄو سامان موجود آهي ۽ تون ڪنهن وقت به زيادتي ڪري سگھين ٿو. سو تنهنجي خلاف دعوي جائز آهي.“

    افسر چيو. ”.تمام سٺو مائي جي، توهان هاڻ ڪتاب پڙهڻ جاري رکو، اسلام عليڪم.“


    سبق : ڪڏهن به ڪنهن پڙهي لکي عورت سان زبان نه هڻو، ڇو جو هو به سوچڻ ڄاڻي ٿي


    ويچار ڊاٽ ڪام جي ٿورن سان
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ٻيلي چڱو ٿيو جو اسان کي آگاهي ڏيئي ڇڏي اٿئو۔ نه ته هن اسلام آباد ۾ ته ڇڙو عورتون ئي عورتون۔
    عورتون وري اهڙيون جو مردن کي مرغو بڻايون وتيون آهن۔
    ٻيلي پاڻ آهيون سادا سنڌي پنگو ته پري جي ڳالهه نهاريون به
     
  3. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    رشيد سائين مهرباني، هتي ممبئي ۾ ته رڳو عورتون اهڙيون ئي آهن. لڳي ٿو هاڻي بچي هلڻو پوندو
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مطلب ته قمبراڻي کي اسلام آباد جي مائين جا هٿ لڳي ويا، سمجهي وياسين پڪ سان اسان وارو ادو وهاب ايڊيٽر اسلام آباد جي ڪنهن گلي يا ڪنهن شاهه راهه تي ڪڪڙ ضرور بنيو آهي، تڏهن ته ويٺو بچڻ جا انڊيڪيشن ڏي۔ تجربو شيئر ڪرڻ سُٺي ڳالهه آهي۔ سچ ته بيٺو نچ!!!!۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    هل قمبراڻي لئي ٿي ٻيو ڇا اهي مزا به ماڻيون ويٺو آهين
    ڀلا يار مون کي ڪن ۾ ٻڌاء ته گهڻآ دفعا مرغو بڻجڻ جو شرف حاصل ٿيو آهي ۔

    مطلب ته حاجي نه ته غازي گهڻا دفعيا ٿيو آهين :D:D:D
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    hall charihall charihall charihall charihall charihall chari


    asul mattasul mattasul mattasul mattasul matt
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين مضمون نصيحت آميز آهي
     
  8. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ادا رشيد توبه ڪونه وٺهنداسين پنگو ڪافي عورتو ڏينگيون هونديون آهي جئين اسان جي ميڊم ميڊيڪل ۾ روز مونکي کي چئيندي آهي اپريٽر صاحب سڃو ڏينهن نيٽ تي بهلا ڇا ڪندا آهيو نيٽ تي ته ڪابه شيء صحيح نٿي هوجي هاهاهاههاهاههاها
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڳالهه بروبر صحيح ٿا چئو۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو