رب ڏاڍو يا شيطان....

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    رب ڏاڍو يا شيطان
    مسعور منور


    منهنجي پٽ پڇيو ته : ٻڌ پراڻي زماني جا بابا ! ٿورو هي ته ٻڌايو ته هر روز رب جي نالي سان گڏ شيطان جو نالو وٺڻ ڇو ضروري آهي؟ مون پڇيو اوهو وري ڪيئن؟ چوڻ لڳو، توهان جي وقت ۾ ڪنهن کي سوچڻ ۽ سوال ڪرڻ جي ڪا اجازت ڪانه هئي يا پوءِ توهين ڊڄڻا هئا؟ مون پڇيو، اوهو وري ڪيئن؟ ڇوڪرو چوڻ لڳو : ساجھري اٿي ڪري، وينجھي سينجھي روز مون کي ” اعوذ باالله من الشيطان الرجيم “ پڙهائيندا رهيا آهيو. انهي جو ڪارڻ ڇا هو؟ شيطان ايترو زور آور آهي جو روز ئي رب کان انهي جي پناھ گھرڻي پوندي آهي. هڪ ڀيرو به رب انهي کي پناھ نٿو ڏئي سگھي، ۽ ٻيو وري هي ته رب کي اهي شيطان، سوئر، وڇون ۽ کوتا پيدا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟

    مون چيو ته رب سان جڏهن ملاقات ٿيندي ته پڇي ضرور ٻڌائيندس.

    ڇوڪرو چوڻ لڳو ته جيڪڏهن تو اڌ صدي لنگھائي، وقت وڃائي، انهي کان هي ڳالهه ناهين پڇي سگھيو ته هاڻ وري ڇا پڇندئين؟

    مون چيو، يار ! اسان جي دور ۾ پنهنجي مائٽن جي اڳيان ڳالهائڻ جي اجازت ڪونه هوندي هئي.

    اسان جي ماءُ پي اسان کي دڙڪا ڏيندا هئا ۽ اسان جو مٽ نڪري ويندو هو.

    اهي مائيٽ هئا يا پوءِ........ . جيڪي ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ ماءُ پي جو روپ ڌارڻ ڪندا هئا؟ ڇوڪري پڇيو.

    مون چيو، ڪاڪا ! تون جنهن دور ۽ وقت ۽ سماج ۾ پيدا ٿيو آهين، انهي ۾ اهڙا سوال ڪرڻ جي سکيا ۽ تعليم ڏني ويندي آهي. اسان جي دور ۾ ٻار مائٽن جي پراپرٽي هوندا هئا. ابا بي بي اينڊ سنز.

    ۽ پوءِ ڌيئرون ؟

    ڌيئون ته پرايو ڌن هونديون آهن، انهن کي ڇا ڳڻڻو.

    انهي جو مطلب آهي ته منهنجي ماءُ پرايو ڌن آهي جيڪا تو سان سڄي زندگي گزاري رهي آهي.

    يار ! مان پراڻو ماڻهو آهيان، مون کي انهن ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪونه پئي هئي.

    انهي جو مطلب هي ٿيو جو سڄي حياتي سمهي سمهي ئي گزاري آهي. ڪڏهن اک کولي ناهي ڏٺي ته تنهنجي سماج ۾ ماڻهو ڪيئن حياتي گزاري رهيا آهن.

    يار ! ڇڏ هاڻ تون ئي سمجھائي ڇڏ، ته رب جي نالي سان گڏ شيطان جو نالو ڇو ورتو ويندو آهي؟

    ته پوءِ ٻڌ بابا ! ها ڪائنات ونڊيل آهي. آسمان رب جو ۽ ڌرتي شيطان جي، رب انهي جي معاملي ۾ دخل ناهي ڏيندو ۽ هو رب جي معاملي ۾ دخل نٿو ڏي. تون پاڻ ئي ته ٻڌايو ته شيطان جي آسمان تي داخلا بند آهي. هي ڌرتي تي رهي ڪري ابن کي ابتي متي ڏيڻ تي لڳل آهي ۽ ابا هن جي امت آهن.

    هن ڌرتي تي رب کان شيطان زور آور آهي. ڏسي وٺ هر پاسي انهي جو ئي راڄ آهي. مسجدن ۾ به هو آهي جيڪو حاڪم ٿي ويٺو آهي. هي برقي بازي ۽ ٻين مذهبن جي بي عزتي ۽ انهن تي تنقيد ۽ انهن کي گھٽ ڏيکارڻ به انهي جو ئي منشور آهي.انهي جا مڃڻ وارا قران کي ڪلاشنڪوفن جي نالن تي ٽنگي گھمندا آهن.

    آپگھاتي بم باري انهي جي خاص ايجاد آهي، هو پنهنجي ”مين“ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ننڍڙن ننڍڙن ٻارن جي قرباني وٺندو آهي ۽ سڀ ڪجهه توهان سڀ انهي سان ملي ڪري رهيا آهيو. آئي سمجھ ! چڱو پاپا ! مان هاڻ هلان ٿو.


    ويچار ڊاٽ ڪام جي ٿورن سان
     
  2. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423

هن صفحي کي مشهور ڪريو