منهنجو ڳوٺ! 2011 واري ٻوڏ کان پو

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,825
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [JUSTIFY] سيپٽمبر2011 جي اها رات مون کان ڪڏنهن به نه وسرندي جنهن رات سنڌ هڪ دفعو وري ٻڏي هئي هڪ مها ٻوڏ ۾ جڏنهن اڃان 2010 جي ٻوڏ جا سور ڇُٽا ئي نه هئا. ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ انهي ڏينهن شام جو عيد جون موڪلون پوريون ڪري پنهنجي فئملي وٺي بابا سان گڏجي پنهنجي ڪار ۾ سچل ڳوٺ پهتا هئاسين. سفر ۾ يونس به گڏ هو ۽ رستي ۾ جهڏو کان وٺي گولاڙچي تائين روڊ جي ٻنهي پاسي ڇوليون هڻندڙ پاڻي ڏسندا پئي آياساين ۽ هڪ خوف به ته هاڻي پاڻي خطري جي مٿين آخري حد کي ڇهي بيٺو آهي ۽ وڌيڪ برسات ڪنهن به صورت ۾ افورڊ نه پئي ٿي سگهي. پر انهي ڏينهن موسميات کاتي پاران برسات جي پيشنگوئي هئي. ۽ پوءِ انهي رات هيٺين سنڌ ۾ 22 ڪلاڪ لاڳيتو وسندڙ برسات ڄڻ سڀ ڪجهه ٻوڙي ڇڏيو. نه رهيا غريبن جا ڪکاوان گهر ته نه رهيا نه رهيا پچي راس ٿيل فصل. انهي رات ٿڪ ڪري شايد اسان کي ته هتي ننڊ اچي به وئي هئي پر تصور ئي ڀيانڪ ٿو لڳي انهن ماڻهن جي انهي گذريل رات جو جن اکين اڳيان پنهنجا ڪچا گهر ڊهندي ڏٺا ۽ رڳو پنهنجي ۽ ٻچن جي جان بچائي ڪنهن پرائي گهر يا سرڪاري عمارت ۾ پناهه ورتي. ٻي ڏينهن صبح اٿي جيڪي اطلاع ملڻ لڳا اهي ٻُڌي هانوءُ ٿي فاٽو. مون کي ياد آهي ته بابا انهي رات جي وارتا ٻڌي صبح روئي ڏنو هو. هڪ عجيب ڪيفيت هئي. ڪجهه ڏينهن ۾ بابا وارا ۽ ٻيون ڪجهه فئمليز هتي سچل ڳوٺ آيون. (هِتي دوست سليمان وساڻ “مئنيجنگ ايڊيٽر، سنڌ سلامت” جا سدا ڳائڻ جهڙا ٿورا ڳڻائڻ فرض ٿيئ ٿو جنهن جي ڪوشش سان ڏتڙيل ٻوڏ ستايلن لاءِ سچل ڳوٺ ۾ اجهو ٿي سگهيو. ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔انهي کان پوءِ پويان ٽي چار مهينا ڏکڻ سنڌ واسين لاءِ ڏاڍا ڪٺن گذريا. جيڪي پنهنجي گهرن (جن جا گهر سلامت هئا) رهيا تن لاءِ راشن ۽ چر پر جو مسئلو رهيو، جيڪي شهرن ڏانهن ويا تن لاءِ خرچ پکو ڏکيو ٿي ويو، جيڪي وڃي کلئي آسمان هيٺ يا امدادي تنبوئن ۾ رهيا تن کي سردي ستايو پر سئولو ڪو به نه هو. انهي وچ ۾ دل ڏاڍو چيو ته وڃي هُتان ٿي اچجي جتي دردن ۾ زندگيون پلن پيون. ۽ هڪ دفعو بدين شهر تائين وڃڻ به ٿيو ۽ فلاحِ انسانيت فائونڊيشن طرفان لڳايل ڪئمپ جو دورو به ڪيوسين ۽ 100 کن فيئمليز لاءِ اٽي اجهي جو جوڳو انتطام ڏسي دل کي آٿت ملي پر اها ڪاهلي چئبي جو اڳتي نه وڃي سگهياسين.
    چوندا آهن ته وقت وڏي ۾ وڏو مرهم آهي. وڏا وڏا زخم وقت ڀريندو آهي. ۽ ڪجهه اهڙي هي زخم به آهستي آهستي ڀرجڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي رونقون بحال ٿين لڳيون. ۽ ٺيڪ ڇهن مهينن کان پوءِ هن سست سخص همت ٻڌي ته وڃي چڪر هڻي اچجي ته تازن ڇٽل فٽن کان پوءِ هاڻي پنهنجا علائقي واسي ڪيئن آهن؟ ۽ موقعو به ٺهي آيو جو پنهنجي اداري ۾ موڪل ڏينهن به منسٽر جي وزٽ سبب ڪيل ڊيوٽي عيوض ڪجهه موڪلون مليون ۽ اهڙي طرح 9 ڏينهن جو پروگرام ٺاهي ال آصف وايا حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ جهڏو 6 ڪلاڪن جو سفر ڪري وڃي پنهنجي ڳوٺ ملڪاڻي (نزد درگاهه سمن سرڪار) پهتس. اهو ڏسي خوشي ٿي ته پي پي دور جو هڪ وڏو ڪم تڪميل تي آهي. جي ها حيدرآباد ميرپورخاص روڊ ڊبل ٽريڪ تي ٺهي تقريبا مڪمل ٿي چڪو آهي. ..ڳوٺ ۾ گذاريل 9 ڏينهن ڪيئن گذريا ۽ ٻوڏ کان پوءِ جا حالات اوهان ڀائرن سان وند ڪرڻ تي دل چيو. ٿي سگهي انداز بيان نه وڻي پر شايد ڪجهه ڳالهيون اوهان جي پسند وٽان هجن.

    ڳوٺ پهچي ڏٺم ته هر بچي ويل ديوار تي ٽي کان ڍار فوٽ اوچائي تائين يا ته پلستر اکريل هو يا وري هڪ نشان جنهن مان صاف ظاهر هو ته هتي هڪ وڏي وقت تائين پاڻي بيٺل رهيو آهي. پنهنجي گهر جو به ساڳيو حال هو. گهر ۾ پيل فرنيچر ته ڪڏهوڪو خراب ٿي اڇلائيجي به ويو هو. پر ٻيون ڪافي شيون جيڪي لڏپلاڻ وقت کڻڻ ممڪن نه هيون سي به خراب ٿي ويون هيون جهڙوڪ فرج وغيره. پر پوءِ به سڀني وقت هڪ مخصوص اطمنان هو. سڀ ڄڻ ته سراپاءِ شڪر هئا ته ڪجهه به نه ٿيو. هڪ امتحان هو جو گذري ويو. هي دنيوي نقصان ۽ فائدا آهن جن جا اثر عارضي آهن. وري به شڪر آهي ته ڪو وڏو جاني نقصان ناهي ٿيو. اهڙي اطمناني ڏسي آئون به مطمئن ٿيس ته هي هضرت انسان روزِ اول کان سختيون سهي سهي سخت ٿي ويو آهي. وڏي کان وڏو لوڏو به هن کي عارضي طور لوڏي ٿو بس رڳو جان جي امان هجي.

    ٻي ڏينهن تي سوير اٿي ڳوٺ جي رويتن موجب ناشتو ڪيو. ڪجهه دير ۾ لسي تيار ٿي اها به پيتي.

    [​IMG]
    هن تصوير ۾ امان پوڙهي پاران ٺاهيل لسي جي مٽڪي آهي جيڪا منهنجي ننڍڙي فائقه به ولوڙڻ جي ڪوشش ڪري ڏٺي. منهنجي بيبي سچل ڳوٺ ۾ رهندي به ڳوٺ کي اسان جيترو ئي مس ڪندي آهي ۽ ڳوٺ پهچي اهو سڀ انجواءِ ڪندي آهي جيڪو ڳوٺانا ٻار ڪري سگهن ٿا. خاص ڪري اهي شيون وڌيڪ اٽريڪٽ ڪنديون اٿس جيڪي هتي ناهن. ان کان پوءِ يونس کي ڪال ڪيم ته اچ ته گڏجي ٻنين تي چڪر هڻي اچون. يونس صبح سوير پنهنجي بائيڪ کڻي پهتي ۽ ڪچن رستن تان لٽ ڌوڙ اڏائيندا ڳوٺ کان اڀرندي پاسي نڪتاسين پنهنجين زمين ڏي جيڪي ٽي کان چار مهينا ٽي چار فوٽ پاڻي بيهڻ کان پوءِ نومبر ۾ وڃي آجيون ٿيون هيون. ڳوٺ کان نڪرڻ تائين ڪو به گهر اهڙو نظر نه آيو جنهن لاءِ چوجي ته اهو ڪنهن نقصان کان آجو رهيو. جيڪڏنهن موجده گهرن کي ورهائجي ته ٽي ڪيٽيگريز ٿينديون. هڪ اهي جن کي ٿورو نقصان رسي ۽ سرندي وارن اهي ريپيئر ڪرائي ورتا، ٻيا اهي جن کي نقصان ته رسي پر وري به بچي ويا ۽ هاڻي به رهڻ لاءِ خطرناڪ ناهن، ٽيان اهي جيڪي مڪمل پٽ ٿي ويا ۽ انهن جا رهائشي اڃان به تنبو اڏي ويٺل آهن (اهڙن گهر وارن کي ڪجهه فلاحي ادارن طرفان هڪ ڪمري جو گهر ٺاهي ڏيڻ جو ڪم جاري آهي جنهن ۾ الهديٰ انٽرنيشنل سرِ فهرست آهي). زمينن تي پهچي گهڻو ڪري هڪ ئي فصل نظر آيو جيڪو هو توريو (سرنهن). پڇا ڪرڻ تي ڪڙمين ٻڌايو ته ٻوڏ کان پوءِ نه اسان وٽ ڪجهه بچيو نه زميندارن وٽ. سو زمينن ۾ پوک ڪرڻ لاءِ خرچ پکو نه هو. نه وري سيٺ به تعاون ڪري رهيا هئا (جيڪي عام ڏينهن ۾ فصل لاءِ خرچ ڏيندا آهن ۽ جنس وٽن پهچڻ تي اهو ڪٽي وٺندا آهن). سو سڀني فيصلو ڪيو ته سرنهن جو ٻج زمينن ۾ اڇليون ٿا پوءِ جيڪو نصيب. وڏي عرصي کان سڪي ٺوٺ ٿيل زمينن کي جو هيڪاندو پاڻي مليو ته ريج ٿي ويون ۽ توقعات کان گهڻو سٺو فصل ٿين لڳو.

    [​IMG]
    هي تصوير يونس ڪجهه وقت اڳ فيس بوڪ تي شيئر ڪئي هئي. ۽ هاڻي اهو فصل پچي راس ٿي چڪو هو. سرنهن جو فصل گهٽ خرچ ۾ تاير ٿيندر فصلن مان هڪ آهي. جڏنهن پچي تيار ٿئي ٿو ته سبح وقت (ساٽ يا ماڪ هوندي) لڻبو آهي ته جيئن تاير ٿيل ٻج سڪي ويل خول مان گهٽ کان گهٽ ڪِري. جيڪو ڏينهن جي وقت صفا سڪل هجڻ ڪري وڌيڪ ڪرڻ جو انديشو هجي ٿو. جڏنهن ته صبح هوا م نمي جي ڪري اهو خول ڪجهه نرم هجڻ ڪري آساني سان ٻه ٽڪر ناهي ٿيندو. هڪ دفعو ڪٽائي پوري ٿيئي ٿي ته سٿليون (ڀريون) گڏ ڪري هڪ جڳهه تي رکيون وڃن ٿيون. هاڻي ٻج خول ۽ ٻوٽي جي سڪي ويل هيٺين حصي کان الڳ ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ ته ٿريشر سان جيڪو ڪنڪ لاءِ به استعمالل ٿيئي ٿو يا وري ٽريڪٽر سان ڳاهڻ (چيڀاٽڻ). پر ڳوٺ ۾ سڀني ٻيو طريقو پئي استعمال ڪيو ڇو ته ٿريشر ڪڻڪ لاءِ ته ٺيڪ آهي جو ڪڻڪ جو داڻو تورئي جي داڻي کان وڏو ٿئي پر تورئي لاءِ ٿريشر منساب ناهي جو اهو داڻو گهڻو اڏاري ٿو. انهي ويسٽيج کان بچڻ لاءِ ٽريڪٽر سان ڳاهڻ کي ترجيح ڏني پئي وئي.

    [​IMG]
    هي تصوير انهي عمل جي آهي. تورئي جو فصل ڪٽي هڪ هنڌ جمع ٿيل آهي جنهن کي ٽريڪٽر وسيلي چيڀاٽيو پيو وڃي. وچ وچ ۾ ڪڙمي اٿل پٿل به ڪندا رهن ٿا ته جيئن هيٺ رهجي ويل ٻوٽن ۾ داڻي تي وزن نه پئي ۽ اهو خول کان الڳ ٿيڻ کان رهجي وڃي. جڏنهن اڌ مني ڪلاڪ تائين ٽريڪٽر هليو تڏنهن ڪڙمين خالي خول ۽ ٻوٽا ميڙي الڳ ڪيا ۽ هيٺ گڏ ٿيل ٻج کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو جنهن کي بعد ۾ عام ڇاڻڻي سان ڇاني مٽي ۽ رهيل ڪکن کان الڳ ڪيو ويو.

    [​IMG]
    عام طور تي هي فصل هڪ ايڪڙ (يا تقريبا ٻه جريب) مان 10 کان 20 مڻ لهي ٿو. ۽ موجوده ريٽ 2 هزار کان ٻاويه سو آهي. مطلب ته ايڪڙ مان ٿوري خرچ سان 20 کان 40 هزار ڪمائي ٿيو وڃي. ۽ هن ٻوڏ کان پوءِ هي لهندڙ فصل ٻني پوکيندڙن لاءِ ڏاڍو سٺو رهيو آهي. اهو ڏينهن ڪڙمين جي انهي ڪم کي ڏسندي گذريو. جڏنهن ٿڪا ٿي ته ٻٻر جي ڇانوَ ۾ ويٺا ٿي جتي يونس جي ڀنيجي شعيب چانهه ٿي ٺاهي جيڪا سڀني گڏجي پئي پيتي ۽ سگريٽ جو ڪش هڻي وري ٿي ڪم تي لڳا. آئون ۽ يونس ڪڏنهن پنهنجن ته ڪڏنهن پروان جي زندگي جي چرخي تي ڳالهيون ڪندا رهياسين.
    ٻي ڏينهن به بنين تي چڪر پئي هنيوسين ته خبر پئي ته ٺٽي جي سائيڊ جا شڪاري آيا آهن سوئر مارڻ. ڪجهه وقت پهرين به يونس ڳالهه ڪئي هئي ۽ ڪجهه فوٽو به فيس بوڪ تي شيئر ڪيا هئا ته ڪي شڪاري شوئر مارڻ آيا هئا. مون کي شروع کان انهن ماڻهن جو اهو شوق سمجهه ۾ ناهي آيو ته آخر هو اهو خفو ڇو ٿا ڪن. ڪجهه هندو قومن لاءِ ته ٻڌو آهي ته اهي شايد کل جي لالچ ۾ ( يا شايد گوشت به) شڪرا ڪن ٿا. پر خبر پئي ته هي مسلمان آهن. يونس کي چيم هلو هلي اهو کيل ڏسون به سهي ته هنن همراهن کان پڇون به سهي ته اوهان کي لاچار آهي ڇو سوئر مارڻ جي. جڏنهن کين ويجهو پهتاسين ته خبر پئي ته پريان بيٺل چار شهزور گاڏيون هنن جون آهن ۽ هي ڪو ٻه چار نه پر 100 کن شڪاري ڪتا ۽ اوترا ئي همراه وٺي هتي لٿل آهن. اسان کي ته صرف 4،5 ماڻهو ۽ هر هڪ وٽ هڪ ئي ڪتو نظر آيو. پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته ء5،6 ايڪڙن تي موجود جهنگ جي چوڌاري سندن فوج موجود آهي ۽ ايئن 4،5 ماڻهن ۽ ڪتن جا اهڙا ويهارو کن ٽولا آهن جن مان هڪ سان گڏ اسان ويٺا هئاسين. پاڻ پهرين فرصت ۾ ٻڌايائون ته اسان ڪجهه ڪتا اندر جهنگ ۾ به ڇڏيا آهن جيڪي ڪنهن به وقت ڪنهن سوئر تي حملو ڪري سگهن ٿا. ۽ زخمي سوئر ڪنهن باسي فرار ٿيڻ لاءِ ٻاهر نڪتو ته نقصان رسائي سگهي ٿو. بين لفظن ۾ هتي ويهڻو آهي ته پنهنجي رسڪ تي ويهو اسان جي ڪا به ذميواري ناهي. ٿورو ڊپ ته ٿيو پر يونس مون ۽ انهي وچ ۾ سنڌ سلامت ميمبر شاهجهان به پهتو، ٽنهي اتفاق ڪيو ته هي کيل انهي ائدوينچر ۾ ئي ڏسجي ته ڀلو آهي.

    [​IMG]

    انهي وچ ۾ همراهن کان وقفي وقفي سان سوال ڪياسين. جن جو تت اهو نڪتو ته همراهه اهو ڪم شوق پلس ثواب سمجهي ڪن ٿا. ڇو ته اسان جي مذهب ۾ انهي جانور کي سٺو نه ٿو سمجهيو وڃي. هڪ همراه ته اهو ٻه چيو ته اهو خدائي نطام آهي. اوهان وٽ سوئر پئدا ڪيا اٿس جيڪي اوهان جي جان لاءِ به خطرو آهن ته فصل لاءِ به. جڏنهن ته اسان وت اهي ناهن پر اهو شوق ڏنو اٿس. سو ڪٿان کان پنڌ ڪري پنهنجو خرچ ڪري اچيو ماريو وڃون. يونس بڌايو ته هن سيز م سوئر ٿين به جام ٿا. ۽ چون ٿا ته انهي جو نسل تيزي سان وڌندو آهي جڏنهن به موسم ايندي آهي. . ڪجهه دير کان پوءِ عجيب شور ٿيو. جيستائين اڳتي وڌياسين ته خبر پئي ته سوئر ننڍو هجڻ ڪري جهنگ مان ٻاهر نه نڪري سگهيو ۽ شڪاري ڪتن جهنگ اندر ئي چيري رکيس. اسان صرف رت هانا ڪتا ۽ شڪارين پاران مئل ۽ گهلي ٻاهر ڪڍيل سوئر ڏٺو۔

    [/JUSTIFY]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,825
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: منهنجو ڳوٺ! 2011 واري ٻوڏ کان پو

    ٻيو ۽ آخري حصو حاضر آهي!

    [JUSTIFY]ڪجهه ڏينهن مِٽن مائٽن سان ملندي وقت گذريو. 21 مارچ تي منهنجي ڇهين ڪلاس کان ڏهين ڪلاس تائين جي ڪلاس فيلو ساجد آرائين جي شادي هئي. 1947ع ۾ ننڍي کنڊ (هندستان يا آل انڊيا) جي ورهاست مهل ڪافي ماڻهو اهڙا به هئا جن سنڌي ته کڻي نه ٿي ڳالهائي پر رهندا سنڌ ۾ هئا يا وري جڏنهن لڪير ڇِڪي سنڌ کي ڪڇ ڀڄ، راجستان کان الڳ ڪيو ويو ته هو، مسلمان گهڻائي واري آبادي جي بنياد تي هيڏانهن لڏي آيا. يا وري ايئن به هو ته سنڌ جو پراڻيون حدون اِهي ناهن جيڪي لڪير ڪڍي هي ملڪ ٺاهيندي طئي ويون يا ان کان به اڳ سنڌ جي چير ڦاڙ ٿيندي رهي. . . . . . خير قصو ٿيو کٽائڻو ته ساجد وارن جي فئملي 1947 کان به گهڻو گهڻو اڳ سنڌ ۾ آباد آهي ۽ سندن سڀ مٽ مائٽ هتي جا ئي آهن. توڙي جو سندن مادري زبان اڄ به پنجابي آهي پر هو پڙهيا سنڌي ميڊيم، اڄ به سندن اردو کان وڌيڪ پختي لکڻي سنڌي جي آهي. ساجد کي اتفاق سان هڪ نوڪري سانگي 2001 ۾ ميانوالي (پنجاب) وڃڻو پيو جتي هن سڄا سارا اٺ سال گذاريا پر سدائين چوي ته يار سنڌ سنڌ آهي. وٽس هڪ دفعو وڃڻ ٿيو. ۽ اسان فرمائش ڪئي ته ڪالاباغ ڊيم (سنڌ دشمن ڊيم) جي سائيٽ ضرور ڏسنداسين. ۽ پوءِ وياسين هڪ ڀورڙ جبل (اهو سچ آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي رٿا جنهن جبل تي ڪئي وئي آهي اهو ايڏو ته ڪمزور آهي جو موجده خيبر پختونخاه وارا سچا آهن ته اهو جبل تتو ته هو لڙهي ويندا) وچان ور وڪڙ کائي هلندڙ ڪچي رستي تي هلندا. جڏنهن سائيت تي پهتاسين ته ورڪرز لاءِ ٺهيل هڪ ڪالوني (جيڪا به زبون حالي جو شڪار هئي) کان وڌيڪ ڪو به ڪم ٿيل نه هو، جيڪا ڳالهه اسان لاءِ اطمنان جو باعث بڻي ته جڏنهن به هن ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ٿي آهي ته سنڌ هڪ آواز ٿي کڙي ٿي آهي جنهن جو پڙاڏو سامراج دشمن لاءِ ڪنن جا تاڙ بڻيو ۽ هو جتي هو اتي ئي بيهي رهيو. . . . . بهرحال ساجد 2008 ۾ سنڌ موٽي آيو ۽ ساڳي ڪمپني جي ميرپورخاص بيس ۾ نوڪري ٿو ڪري. آئون جڏنهن سندس ڪاڄ جي وليمي جي تقريب ۾ پهتس ته سڀني کي ٽوپي اجرڪ ڏسي خوشي ٿي. بلڪهه ساجد جي والد محترم کي ته چئي به ڏنم ته اوهان ته صفا سنڌي ٿا لڳو ته چوڻ لڳو اسان آهيون ئي سنڌي. ساجد به اسٽيج تي سنڌي ٽوپي پايو ويٺو هو. ساڻسس ملي شادي جون مبارڪون ۽ زندگي هاڻ به آرام سان گذرڻ جو دعائون ڏنم (الله اها دعا اگهائي باقي اها دعا پوري گهٽ ئي ٿيندي آهي. وڌيڪ سائين نثار انهي تي ڳالهائيندو آئون هتي بس ٿو ڪريان).

    [​IMG]


    ڳوٺ ملڪاڻي جي الهندي پاسي هڪ تاريخي ڍنڍ آهي جيڪا ٻهري جي نالي سان مشهور آهي. وڏڙن کان ٻڌو آهي ته اها ڍنڍ آڳاٽي زماني ۾ آڍي ۽ ٻڍي نالي همراهن کي تحفي طور ملي هئي جن حيدرآباد جي قلعي جو گيٽ ٺاهيو هو. آڍو ۽ ٻڍو نالي ٻه همراهه لغاري هئا جيڪي ڊيرا غازي خان کان آيا هئا. اهوئي سبب آهي جو اڄ به ملڪآڻي جي 80% کان وڌيڪ آبادي لغارين تي مشتمل آهي جيڪي شايد آڍي ٻڍي مان آهن. اها ڍنڍ آڳاٽي وقت ۾ پاڻي سان ڀريل رهندي هئي ۽ آس پاس زمينون آباد ٿينديون هيون. جيڪي پوءِ آهستي آهستي ويون بنجر ٿينديون. 1947 واري ورهاست کان ٿورو اڳ هتي پهريون دفعو بئراجي پاڻي به آيو. انهي پاڻي جي اچڻ جو سبب به اهو هو ته هتي پاڻي جي کوٽ ٿيڻ لڳي هئي. نه ته هي علائقو به لاڙ ۾ سڏبو هو (جيڪو هاڻي فقط نالي ۾ آهي. ڇو ته لاڙ لفظ “لاڙي” مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي پاڻي جو رخ يا لاڙو. مطلب ته جنهن علائقي ڏانهن پاڻي جو لاڙو هجي اهو ٿيو لاڙ. ظاهر آهي ته پاڻي پوري دنيا ۾ اتر کان ڏکڻ ئي رخ رکندو آهي سو ڏکڻ سنڌ سڄي لاڙ سڏجي ٿي ۽ اسان ڏکڻ سنڌ واسي لاڙي سڏجون ٿا جيئن اَپر يا اُتر سنڌ وارا اُترادي). پر هاڻي حالت اها وڃي بيٺي آهي جو انهي ڍنڍ ۾ سواءِ برساتي پاڻي جي ڪو به پاڻي ناهي ايندو. مون پنهنجي حياتيءَ ۾ اها ڍنڍ صرف ٻه دفعا پاڻي سان ڀريل ڏٺي آهي. هڪدفعو 1994 ۾ جڏنهن ٻوڏ آئي هئي ٻيو هيئنر 2011 کان هاڻي تائين. سو به ٻوڏ جو پاڻي مان. نه ته هنن علائقن ۾ فصلن جي پوک لاءِ به پاڻي اڻپورو آهي. ۽ اها کوٽ ايتري آهي جو هتي سارين جو فصل (جنهن لاءِ زمينون انتهائي موزون آهن) جي پوک ممڪن ئي ناهي ڇو ته انهي فصل لاءِ پاڻي هر وقت کپي سو به وافر مقدار ۾. هاڻي ته گورنمنٽ سارين جي پوک تي هن علائقي م پابندي به هڻي ڇڏي آهي جو اهو فصل پوکيندڙ همراهه يقينن پاڻي جي گهربل مقدار لاءِ غير قانوني طريقا استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ۽ ٻي جو پاڻي زيان ڪندو ڇو ته پنهنجي حصي جي پاڻي جو مقدار ايترو ته ٿورو آهي جو اهو فصل پوکڻ نا ممڪن آهي. . . .بهرحال گذريل ڏهه سالن کان خالي پيل هي ڍنڍ توڙي هن سان لڳ زمينون (جيڪي سنڌو دريا جي ڪچي جي زمينن وانگي آهن) ڪيئي سالن کان سڪل هيون جيڪي 2011 جي سيپٽمبر واري ٻوڏ ۾ پاڻي سان ڀرجي ويو جيڪو پاڻي اڃان به موجود آهي. ۽ ڳوٺ يا آس پاس جي ٻين ٻنين ۾ بيٺل پاڻي به انهي ڍنڍ ۾ نيڪال ڪيو ويو تنهڪري هي ڍنڍ اڃان به فُل آهي. توڙي جو ماڻهن جو نقصان ڪافي ٿيو آهي پر هن ڍنڍ جي هوندي ڪافي بچاءُ به ٿيو آهي ڇو ته اضافي پاڻي کي هن ڍنڍ ۾ لوڙهي ئي مڪمل تباهي کان بچاءُ ڪيو ويو. پر هڪ فائدو جيڪو قدرتي طور ٿيو اُهو اِهو ته آس پاس ۾ موجود ڪافي مڇي جا فارم لڙهي ويا جيڪي هن ڍنڍ ۾ اچي پيا ۽ هن ڍنڍ ۾ اسان جي يادگيري ۾ پهريون دفعو ايتري ته مڇي آئي آهي جو پري پري کان ملاح آيا آهن مڇي مارڻ ۽ جن جي زمينن ۾ پاڻي بيٺل آهي کين ملاحن مناسب پئسا به ادا ڪيا ۽ مڇي به ڏين ٿا. جنهن سان سندن ڪافي خرچ جو بار لهيو وڃي جيڪو ٻوڏ ۾ سڀ ڪجهه لڙهي وڃڻ سان ٿورو به گهڻو پئي لڳو. . . . . .هڪ ٻيو مزو به ٿيو آهي هن ڍنڍ ڀرجڻ سان ته هزارين ميل جو سفر ڪري پکي هتي آيا آهن جيڪي ڍنڍ ۽ آس پاس جي وڻن تي ديرو ڪري ويٺل آهن. خاص ڪري شام جي وقت جڏنهن داڻو پاڻي چُڳي اچي گڏ ٿين ٿا ته لهندڙ سج جي شفق ۾ الهندي کان هلندڙ واهوندي هوائن ۽ ڇوليون هڻدڙ پاڻي جي عڪس ۾ هنن پکين جو اڏرڻ سچ پچ ته اکيون ٺاريندڙ منظر پيش ڪندو آهي. آئون ۽ يونس ته روز شام جو ڍنڍ جي ڪناري وڃي سج لاهي ايندا هئاسين. . . . ماحولي آلودگي سبب پکين جو موت تمام خطرناڪ حد تائين وڌي وڃڻ ڪري هاڻي ته ڳوٺن ۾ به پکين جو آواز ڪو ورلي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ايستائين جو صبح ويلي به ڪنهن پکي پکڻ جو آواز ناهي هوندو جو خبر پئي ته اڄ ڳوٺ ۾ اک کلي آهي. اهڙي ۾ ايترن سارن پکين جو چهچٽو ۽ حسين انداز ۾ اڏرڻ سچ پچ ته ڏاڍو وڻندڙ هيو. هي تصويرون انهن منظرن جون آهن.

    [​IMG]

    [​IMG]
    واپسي کان اڳ هڪ دفعو ملڪاڻي جي واحد لائبريري به گهمڻ جو ارادو هو. اها لائبريري گهڻو وقت اڳي اسان جي ڳوٺ جي عالمِ دين (اسلام) مولوي محمد خان قائم ڪئي.
    [​IMG]
    هن لائبريري جو نالو “المکتبه المحمديه الاسلاميه” آهي جيڪا لائبريري 1984ع ۾ قائم ڪئي وئي. پهرين ته ڳچ عرصو (لڳ ڀڳ ٻه ڏهايون) اها لائبريري سندس گهر ۾ ئي رهي پر پوءِ جڏنهن ڪنهن مخير، ڳوٺ جي مسجد ڀرسان هڪ وڏو مدرسو تعمير ڪرايو تڏنهن اها لائبريري به انهي مدرسي جي ٻن ڪمرن ۾ شفٽ ڪئي وئي. توڙي جو مولوي محمد خان جي دلچسپي مذهب جي ڪتابن سان گهڻي هجڻ ڪري ڪتابن جو گهڻو تعداد مذهبي ئي آهي پر انهي کان علاوه به ڪافي موضوعن تي ڪتاب آهن. خاص ڪري وٽس مختلف سيريز يا جلدن ۾ شايع ٿيل ڪتابن جو وڏو ذخيرو آهي. جيئن سنڌي ڊپارٽمينٽ سنڌيونيورسٽي پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ڪينجهر جا سڀ شمارا، اردو ڊپارٽمينٽ سنڌيونيورسٽي پاران شايع ٿيندڙ تحقيق جا سڀ شمارا يا سنڌي ادبي بورڊ جو ٽماهي مهراڻ جا ڪافي سارا شمارا اهي به وائلي، قابلِ ذڪر آهن. هونئن به عام طور تي ڏسجي ته هن لائبريري ۾ ڪتابن جي لحاظ کان موضوعن جو دائرو ڏاڍو وسيع آهي: مثال طور:_ تفسير، علوم تفسير، حديث، عقيده، تاريخ، تقابل مذاهب، سفرناما، سنڌي ادب، سيرت نبي، سيرت صحابه، شاعري، لطيفيات، خطوط وغيره جي موضوعن تي لڳ ڀڳ 5000 کان وڌيڪ ڪتابن تي مشتمل هي لائبريري آهي. مون کي لائبريري وڃڻ جو شوق انهي ڪري به هو ته ڪافي ڏينهن کان الطاف شيخ جو سفرنامون “ڪوالالمپور ڪجهه ڪوه” گهربل هو. بلڪه ڇه مهينا پهرين به اهو ڪتاب ڳوليم پئي جڏنهن ڪوالالمپور وڃڻ جو موقعو مليو هو. پر اتفاق سان انهي ڪتاب کي حاصل نه ڪري سگهيو هوس. ايستائين جو حيدرآباد جي لطيف ڪتاب گهر (گاڏي کاتو) ۽ ڪراچي اردو بازار جي ڪاٺياواڙ وارن وٽ به نه مليو جن وٽ الطاف شيخ توڙي ٻين سنڌي ليکڪن جي ڪتابن جو گهڻو ذخيرو موجود آهي. مون کي ڪنهن ٻڌايو ته مولوي صاحب وٽ الطاف شيخ جي ڪتابن جو ڪافي ذخيرو موجود آهي. وٽس ويس ته خبر پئي ته اهو ڪتاب موجود آهي. مولوي صاحب قُرب ڪندي اهو ڪتاب فوٽو ڪاپي يا اسڪين ڪرڻ لاءِ ڏنو جيڪو انهي ڏينهن ئي ٿي ويو. ۽ کيس واپس ڪيم. ڇو ته لائبريري بچائڻ لاءِ مولوي صاحب جو زور آهي ته ڪو به ڪتاب کڻي نه وڃي. هتي ويهي پڙهو.

    ۽ اهڙي ريت منهنجو اهو سفر پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. اوهان دوستن کي ڪيئن لڳو راءِ جو انتظار رهندو.

    [​IMG]

    هي تصوير ڳوٺان ٻاهر نڪرندي ئي سورج مکي جي فصل جي آهي جيڪو پري پري تائين پکڙيل هو.
    [/JUSTIFY]
     
  3. نورحسين

    نورحسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 جولائي 2011
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ
    جواب: منهنجو ڳوٺ! 2011 واري ٻوڏ کان پو

    سائين اوهان جو ڳوٺ گُهمي آياسي۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام بهترين انگريزي مِڪس لکڻي فائقه جي تصوير سان اسان کي وڻي۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجو ڳوٺ! 2011 واري ٻوڏ کان پو

    سهڻا دوست، هون ته اسان سڀني جا ڳوٺ لڳ ڀڳ ساڳيا ۽ هڪ پاسي جي تصويرن ۾ به ائين ئي لڳندو ته ڄڻ ٻي پاسي جون آهن، ساڳيا گهر، ساڳي ثقافت، ساڳي رهڻي ڪهڻي ۽ ساڳيا فصل ۽ ساڳيا رنگ آهن ۔۔۔ سنڌ جهڙي سهڻي زرخيز ۽ ڪوه ڪوه ۾ سهڻا منظر سمايل ڌرتي مون ڪان ڏٺي ۔۔۔ سنڌ جو جهر جهنگ گهمندي جيڪو سڪون ملندو آهي سو دنيا جي محلن ۾ به ناهي ملندو۔

    ڳوٺ ته سڀ سهڻا پر جهڙي نموني اوهان پنهنجي ڳوٺ جي ڪٿا پيش ڪئي آهي، ۽ تفصيلي احوال ڏئي ڳالهيون واضح ڪيون آهن سو به تعريف جي لائق آهي ۔۔۔

    لک ٿورا ڳوٺ گهمائڻ جا، خاص ڪري پياري نينگر جو ماٽي ۾ مهي ٺاهڻ وارو منظر ۔۔۔ نينگر جي مٿي ته شفقت جو هٿ رکندا۔

    سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي لکان
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجو ڳوٺ! 2011 واري ٻوڏ کان پو

    ٻئي حصي جو انتظار آهي ۽ پوء ئي تفصيلي راء ڏبي۔ باقي اوهان جو انداز ۽ تصويرون وڻيون
     
  6. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: منهنجو ڳوٺ! 2011 واري ٻوڏ کان پو

    ادا عبدلحفيظ توهان جي ڳوٺ تفصيل سان گهمائيڻ جي مهرباني اڃان ايندڙ حصي جو انتظار رهندو
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,647
    ورتل پسنديدگيون:
    5,667
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: منهنجو ڳوٺ! 2011 واري ٻوڏ کان پو

    وڏڙا ڳالهيون ڪندا آهن۔۔۔ ته سنڌ ۾ ٻوڏون گهٽ ئي سهي پر اينديون رهيون آهن۔۔۔ ۽ جتي اچڻ سان ڪافي نقصان ٿيندا آهن اتي وري ٻوڏ کان پوءِ ڪجهه سالن تائين زمينون شاندار فصل ڏينديون آهن۔۔۔ ۽ اهي زمينون جن تي اڳ فصل نه پوکي سگهبو آهي۔۔۔ اهي پڻ فائديمند ٿينديون آهن۔۔۔
    خير توهان جو داستان جاري آهي ۔۔۔ ان ڪري وڌيڪ پڙهڻ جو اشتياق سان انتظار آهي۔۔۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجو ڳوٺ! 2011 واري ٻوڏ کان پو

    ٻيو حصو به پڙهيوسين، ايئن لڳو ڄڻ ته اوهان سان گڏ پئي گهمياسين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهي ڏينهن واقعي ڏکائتا ۽ ڀوائت هيا جڏهن اڌ سنڌ مينهن ۽ پاڻيء جي ور چڙهيل هئي ، خاص ڪري لاڙ پٽ وارو علائقو۔ سنڌي ماڻهن کي جس هجي جن پوء به همت ناهي هاري۔

    مطلب ته اوهان سوئر کان بچي ويا ۔۔ اهو به سٺو ٿيو نه ته اجايو ڀڄ ڀڄان ۾ پئو ها۔ سرنهن جو فصل ٿيو ۽ ماڻهن ۾ سرهائي ٿي اها به خوشي واري خبر، ڇو ته گهڻن ڏينهن کانپوء انهن لاء اها خوشي واري خبر آهي۔ سرنهن جا گل ۽ وري سورج مکيء جا کيت ڏسي دل خوش ٿي وئي۔ ااوهان خوبصورت انداز سان سفر بيان ڪيو آهي جيڪو تفصيلن سان گڏ وڻيو۔

    اميد ته اهڙي قسم جا ليک ونڊ ڪري اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا، نه صرف اهو پر سڀاڻي اوهان جا هي ليک تاريخ بڻجي ويندا ۽ حوالن طور پيش ڪيا ويندا۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سدا خوش هجو
     
  9. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: منهنجو ڳوٺ! 2011 واري ٻوڏ کان پو

    سھڻو ليک ۽ نظارا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو