توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2012۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌي ۾ چوڻي آهي ته "گهر جي پنڊي تي به نالو به نه اٿس، پاڻ کي وري ملڪ جو والي ٿو سمجهي"

    پر مان پڪ سان چئي سگهان ٿو ته منهنجو نالو"پنڊي ":dancinglock::bounce-grn::chilli: تي لکيل آهي۔
    [​IMG]
    ۽ هيٺين تصوير ۾ پنڊي سان گڏ۔۔۔
    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    ها ها ها ها

    مطلب ته هاڻ ملڪ جا والي ٿي ويا ۔۔۔ وڏي لئه آ يار تنهنجي ... اصل پنڊيءَ تي نالو ۔۔۔

    ڀلا ان پنڊيءَ کي کائڻ لاءِ به استعمال ڪبو يا ڀت تي ٽنگڻ لاءِ ۔۔۔ اڄڪلهه ماني پنڊيءَ تي گهٽ کاڌي ٿي وڃي بلڪ پنڊيون ڀت تي ٽنگڻ لاءِ وڌيڪ ٿيون استعمال ٿين۔

    خئير اسانکي فخر آهي ته اسانجي دوست جو نالو پنڊيءَ تي آهي۔ هو جمالو

    لک ٿورا
     
  3. Abdul Khaliq Gadani

    Abdul Khaliq Gadani
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 مارچ 2012
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    ھاری
    ماڳ:
    خانپور مھر
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    واھ زبردست گالھ پوست کئی آھی اوھان اھڑو اگ ن بدو سی پر اج اکین سان ڈتھوسی شال خوش ھجو اسان جی اھا دعا
     
  4. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    ادا مبارڪون هجن۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    ها ادا توهان ته مثال واري ڳالهه ڏيکاري ڇڏي ته توهان جو پنڊي ته نالو لکيل آهي ۽ توهان جي گهر ۾ ضرور هلندي هوندي پر جيڪڏهن ڪنهن جو نالو لکيل ڪونه هوندو ان جي به ضرور هلندي هوندي۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    پنڊي سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ پڻ آهي۔ اسان کي مختلف قسم جون پنڊيون نظر اينديون آهن۔ اوهان خوشنصيب آهيو جو اوهان جو نالو پنڊيء تي موجود آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل واهه واهه ٿي وئي
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    کجيءَ يا تيلين مان ٺهيل ماني رکڻ جي پِنڊي يا ٿانوَ ، ڇَٻِي ، ڇاٻَ.۔۔۔ تي اوهان جو نالو ڏسي ڪري مون کي پنهنجي ڳالهه ياد اچي وئي، ڪجهه سال پهرين مان پنهنجي هڪ دوست غلام فريد جماڻي صاحب ((((((( جيڪو اصل خيرپور ميرس جو رهاڪو هو۔۔خيرپور سنڌ جو ٻارهون وڏو شهر آهي. خيرپور شهر، هاڻوڪي ضلعي خيرپور ۽ اڳوڻي خيرپور رياست جو گاديءَ جو هنڌ آهي.تاريخ خيرپور ميرس، جيڪو کارڪن لاءِ مشهور آهي، هن شهر ملڪ جا ڪيترائي شاعر، سياستدان، فنڪار ۽ اديب پيدا ڪيا. مير علي نواز ناز، محمد عالم زيدي، استاد حامي، عطا محمد ڀمڀرو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، مظهر ابڙو هفت زبان شاعر سچل سرمست ، تاجل بيوس ، مشهور شاعر ۽ براڊڪاسٽر عنايت بلوچ ، مشهور شاعر هدايت بلوچ، شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ ،ٽي وي پروڊيوسر ۽ شاعر سميع بلوچ ، مشهور صوفي ڳائڻي سهراب فقير ۽ مشهور آرٽسٽ سعيد منگي سرمد سنڌي، استاد گلزار (اميد خيرپوري) ۽ محمد علي حداد انهن مان ڪجھ مشهور شاعر ۽ اديب آهن.سنـڌ جي سياست جي ميدان ۾ هن شهر جو اهم ڪردار آهي ۽ پاڪستان جي وڏين پارٽين جا صوبائي سربراه جو تعلق هن ضلعي سان آهي جنهن ۾ پير پاڳارو، سيد غوث علي شاه، سيد قائم علي شاه شامل آهن...۔))))))) سان هت ڪراچي ۾ گڏ رهندو هئس، ۽ اتفاق سان ان چيو ته وگهيه هت پنڊي پئي هئي اها ڪيڏانهن وئي، ۔۔ ان تي مون هن کان پڇيو ته اها ڪهڙي شيء آهي، ان تي ان دوست پاٽنر مون کي ويهي سمجهايو، جنهن کانپوء مون کي خبر پئي ته پنڊي اها آهي جنهن کي اسان ( دٻڪي ) چوندا آهيون، سو ادا اسان کي ته اهيا ئي خبر نه هئي ته پنڊي آهي ڇا؟، ادا اسان جي سنڌ ۾ ڪافي اهڙيون شيون آهن جن کي هر علائقي جي حساب سان الڳ الڳ نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته لاڙ ۽ اتر ۾ ته ڪافي فرق آهي مگر اتر جو اتر ۾ به ڪجهه فرق آهي، ( هن، عجب ۾ وجهندڙ حسين ۽ رنگين، ڪائنات جي جوڙيندڙ ڌڻي تعاليٰ جي ڌرتي چئن طرفن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ طرف جو نالو “اُتر” آهي. اولهه طرف جيان سنڌ ۾ “اُتر” کي به مقدس حيثيت حاصل آهي. عام مشاهدو آهي ته سنڌين جي اڪثر آبادي اُتر ڏي پير ڪري، ڪونه سمهي چي؛ “اُتر طرف ته يارهين واري پيران پير دستگير جو روضو مبارڪ آهي، اوڏانهن پير ڪري ڇو گنهگار ٿيون؟” جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ جي مٿئين يا اترئين ڀاڱي کي “سرو” يا “اُتر” چيو وڃي ٿو ۽ اُتان جي رهاڪن کي اُترادي ۽ سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي کي لاڙ ۽ اتان جي رهندڙن کي لاڙيچو سڏجي ٿو. وٽن اُترادي لفظ جو مفهوم ڪجهه اُگرو آهي. جنهنڪري هيٺين چوڻي مشهور ڪئي اٿائون:۔۔“اُترادي ڍڳو، لاڙ جو ماڻهو”يا“لاڙ جو ماڻهواُترادي ڍڳو”، ۔۔مٿين چوڻي مان مطلب اترادي، واتراڌي وارو وٺندا آهن. يعني “اُتر ۾ ڍڳا ۽ لاڙ ۾ ماڻهو رهندا آهن.” جڏهن ته اُترادي ساڳي چوڻي جو مطلب پنهنجي مفاد ۾ ڪڍندا آهن؛ لاڙ جي ماڻهن جو عقل اتر جي ڍڳي جهڙو آهي. سنڌ ۾ اهڙيون چوڻيون ٻيون به کوڙ آهن، جن جو ٻٽو يا متضاد مطلب ۽ مفهو م نڪرندو آهي. هيٺيون چوڻيون مثال آهن:1. سهتا، ستن نانگن جا کاڌل.2. ٻگهين جي مٽي کان وياءُ ويٺو ڀلو.3. ڀٽو ته ضد، نه ته ڪتي واري گوري.4. ٻرڙي جو ضد، جيئن الف تي مد.۔۔۔ٻڌڻ شرط، ٻڌندڙ ڌر برهم ٿيو وڃي ۽ جڏهن ٻي معنيٰ تي ويچار ڪندي آهي ته کل به نڪري ويندي اٿس يا نرم ٿي پوندي آهي. اهو ڳالهائيندڙ جي سوچ تي مدار ٿو رکي ته هو ڪاڏي ٿو لاهڻي لاهي ۽ وري ٻڌندڙ جي موڊ تي پڻ منحصر آهي ته مفهوم کي ڪاڏي ٿو ڇڪي!،،مزڪوره چوڻي مان لاڙ جا ماڻهو اها مُراد وٺندا آهن؛ “اترادين جي مقابلي ۾ پاڻ سڌا سنوان ۽ سادڙا آهن . بلڪل ائين جيئن اردو ۾ چئجي ته “الله ميان جي گانءِ آهن!”جڏهن ته پاڻ به چالاڪي ۾ گهٽ ڪونهن. عقل ۽ چالاڪي ۾ اُترادين جو به “اُتر” لهن .اُتر کي ته سنڌ جي سدا حيات ۽ دنيا جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ڏاڍي دلربائي سان پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو آهي. مثال طور:“سر نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين!”۔۔۔سنڌي ٻولي ۾ لفظ “اتر” ٻٽي معنيٰ رکي ٿو. هڪ؛ ڪنهن سودي، معاهدي ۽ ٺاهه ۾ واڌارو ورتل شيءِ يا منافعي کي اُتر چئجي ٿو. جڏهن ته ٻي معنيٰ؛ طرف جو نالو اٿس. سنڌي ۾ چوندا آهن:“هو سودو نه سلن ۽ اسان اُتر گهرئون.”“هو سودو نه سلي ۽ هيءُ اُٽل گهري.”“اُتراڻ اُتريو، اڌ سيارو ڪُتريو.”اتراڻ؛ اتر کان لڳندڙ هوائون ۽ اتريو معنيٰ لٿو يا لاٿ آيس. جيئن چوندا آهيون؛ “فلاڻي جي اتري آهي، تڏهن ٿو ٻين سان کينس ڪندو وتي.” وغيره.۔۔۔۔بھرحآل سنڌ ۾ اتر ۽ اُٽل، ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال ٿين ٿا. سنڌ جي رنگين ڪلام شاعر “اُستاد” بخاريءَ لفظ “اُتر” (اُٽل) کي پنهنجي شاعري ۾ هيٺين طرح استعمال ڪيو آهي. “جو ورتم سو واپس ڪيم، هاڻي ته لڙ لٿوم،اُتر ۾ رهندو ٻه آهون ڏيو ٿا وڃان”مٿئين بند ۾ شاعر جو خيال آهي، جا زندگي مون کي ڏني وئي سا ته موت مون کان واپس به وٺي ڇڏي پر هن دنيا ۾ ڏکن ۽ غمن کان مجبور ٿي جيڪي ٿڌا سُوساٽ ، آهون ۽ دانهون ڪيم سي دنيا کي “اُتر” ۾ ڏيون ٿو وڃان.۔۔۔ بحوالا ڪتاب اترادي پهاڪه ۽ چوڻيون ) مثلن۔۔۔ اسان دادو وارا ۽ شايد ڪجهه ٻين علائقن جا ماڻهون ڇانهين چوندا آهيون، جنهن کي اسان جا ڪجهه دوست هنداڻو چوندا آهن، يا وري اسان چوندا آهيون ته ۔۔ ٻار راند کيڏن پيا، مگر ڪجهه دوست وري چوندا آهن ته ۔۔ ٻار راند رهن پيا، يا وري اسان چوندا آهيو ته سامهون وڃي ڪري فلاڻي پاسي مڙي پئجان، يا لڙي پئجان، مگر ڪجهه دوست آهن جيڪي چوندا آهن ته نڪ پاسو وڃي ڪري ڇڻي پئجان۔۔ وغيره وغيرهه۔۔ مطلب ته اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي مالا مال آهي مگر افسوس جو روئڻ ٿو اچي۔۔۔ مگر دوست توهان جو ته نالو پنڊي مٿان آهي، ( پر دوست اسان کي صرف اهيو سوچي ويهي نه رهڻ گهرجي ته اسان جو نالو پنڊي مٿان لکجي ويو آهي، مگر ادا بقول سنڌ جي موجوده دور جي عظيم شاعر شيخ اياز صاحب ته هي دور عارفين جو نه پر صارفين جو آهي، جنهن لاء اسان کي پنهنجي منزل ماڻڻ لاء وڌيڪ ڪوشش جدوجهد ۽ محنت ڪرڻي پوندي۔۔

    [​IMG]
     
  8. سوجهرو

    سوجهرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جون 2011
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    ادا ممتاز علي وگهيو،

    مان گذريل ٻن سالن کان سنڌي پهاڪا، ورجيس ۽ اصطلاح گڏ ڪري رهيو آهيان ان اُميد سان ته هڪ ڏينهن اهڙي لغت يا ڪمپيوٽر سافٽويئر(اليڪٽرانڪ ڊڪشنري) ٺاهيندم جنهن ۾ انهن جو ڀنڊار معني سان گڏ رکندم۔ هن وقت تائين 580 پهاڪا ۽ چوڻيون، 250 کان مٿي ورجيس ۽ 400 کان مٿي اصطلاح گڏ ڪري چڪو آهيان۔ اوهان جو ذڪر ڪيل ڊاڪٽر سنديلو صاحب جن جو ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ پڻ پڙهيو اٿم۔ تنهن سان گڏوگڏ هِتان هُتان جتان به اهڙا انمول موتي ملندا آهن لکي وٺندو آهيان۔ چار پنج اهڙا پهاڪا مونکي هتي اوهان جي لکڻي مان ئي ملي ويا۔ اڄڪلهه مان غلام اصغر ونڊيو جو ڪتاب سنڌي اصطلاح (الف ب وار) پڙهڻ جو سوچي رهيو آهيان جيڪو وٺي رکيو اٿم ۽ ان کي ڏسي لڳي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ 100 اصطلاح ٻيا نوان مونکي اُن مان ملي ويندا۔
    منهنجو هڪ اندازو آهي ته سنڌي ٻولي ۾ جيڪڏهن سڀني لهجن کي (اُترادي ۽ لاڙي وغيره) کي مِلائي ڏسجي ته سنڌي ٻن هزارن جي تعداد ۾ پهاڪا موجود آهن ۽ اصطلاحن جو تعداد ته ڏهن هزارن ۾ به ٿي سگهي ٿو يا ان کان به وڌيڪ۔ اوهان جي لکڻي مان مون تمام گهڻو ڪجهه سکيو ۽ حاصل ڪيو۔ مان ڀانيان ٿو ته اوهان وٽ سنڌي پهاڪن، ورجيسن ۽ اصطلاحن جي تمام گهڻي ڄاڻ آهي ۽ توهان هن موضوع جو تمام گهرائي سان مطالعو ڪيو آهي۔ مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي جيڪڏهن اوهان منهنجي به ڪجهه رهنمائي ڪيو اِن ڏس ۾ جيئن مان پنهنجو ڪم اڳ کان بهتر بڻائي سگهان۔ ڪُجهه اهڙا ڪتاب يا ذريعا جن تائين مان نه پهچي سگهيو آهيان ۽ اوهان سمجهو ٿا ته اُهي تمام ڪارائتا ثابت ٿيندا ته برا مهرباني مونکي انهن بابت علم ڏيندا۔
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    ادا سوجهرو صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ننڍڙي محنت کي پسند ڪيو، ادا مون کي پڻ تمام گهڻي خوشي ٿي ته اسان جا دوست وچندا پيا وڃن جيڪي سنڌي ادب ۾ دلچسپي وٺي ڪري (اليڪٽرانڪ واري دور جي حساب سان ان کي متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن لاء منهنجي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ توهان کي توهان جي انهيء نيڪ مقصد ۾ ڪامياب ڪري آمين۔ادا مان توهان لاء ڪجهه لنڪ هت ونڊ ڪريان ٿو ان اميد سان ته انهن لنڪن مان ڪجهه لنڪون شايد توهان جي ڪنهن ڪم اچي سگهن۔ ادا مون وٽ ڪتاب پهاڪن جي پهاڙ ۽ ڪتاب سنڌي ورجيسي ٻوليءَ جو تنقيدي جائزو، موجود آهن پر توهان جي مون کي خبر نه آهي ته توهان سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ ٿا رهو، سو ان لاء عرض ته اهي ٻئي ڪتاب سنڌي ورجيسي ٻوليءَ جو تنقيدي جائزو ۽ پهاڪن جي پهاڙ توهان کي لنڪ جي صورت ۾ موڪلي رهيو آهيان اميد ته توهان کي پسند ايندا، ۽ ان کان علاوه ڪجهه هي لنڪون به حاضر آهن، ۽ توهان عنوان مٿان ڪلڪ ڪري اهي عنوان يا ڪتاب پڙهي سگهو ٿا، سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاحي جزن جي تنقيدي اکيڙ۔۔۔۔۔۔ورجيسون: پسمنظر ۽ ڪارج۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ورجيسون: پس منظر ۽ ڪارج ڪتاب بابت سادا اکر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سنڌي پهاڪه ۽ محاورا مرليڌر جيٽلي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڏوهيڙن وارا پهاڪه۔۔۔۔۔۔۔۔موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر۔۔۔اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر۔۔۔۔۔۔۔۔۔پهاڪه اصطلاح چوڻيون ۽ ورجيسون عبالجبار جوڻيجو۔۔۔۔۔۔۔پهاڪه ۽ چوڻيون نواز ڪنبر۔۔۔۔۔۔۔۔ مـُندون منھنجي مـُلڪ جون۔۔۔۔۔۔ محاورو۔۔۔۔۔۔

     
  10. سوجهرو

    سوجهرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جون 2011
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    ادا ممتاز علي وگهيو، اوهان جي ڏنل لنڪس کي ڪافي گهرائيءَ سان ڏٺو اٿم، سچ چوان ته اوهان مونکي علم جي ندي ڏئي ڇڏي آهي۔ انهن لنڪس کي ڏسي خبر پوي ٿي ته سنڌي پهاڪن، ورجيسن ۽ اصطلاحن تي ڪتابي دنيا ۾ گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي۔ مون اڳ به سائين محترم عبدالوهاب سهتي جن جو نالو ٻڌو هيو ۽ سندن ڪم تي لکيل ناز سنائي صاحب جن جا مقالا به پڙهيا اٿم۔ جيئن ته ڪتابي دنيا ۾ گهڻو ڪجھ ڪم ٿي چڪو آهي سو مون هاڻ سوچيو اٿم ته ان ڪم کي سافٽويئر جي شڪل ڏجي۔ جيئن ٻيون ڊڪشنريون هونديون آهن۔ مان جاوا ۾ پروگرامنگ ڪندو آهيان۔ اوهان منهنجو اڪائونٽنگ جو سافٽويئر هيٺ ڏنل لنڪ تان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا۔
    هاڻ سوچيان اِهو پيو ته هن ڀنڊار کي، هن ڪليڪشن کي، سافٽويئر جي شڪل ڏجي يا آن لائن ڊڪشنري جي صورت ۾ رکجي جيئن سنڌ گريٽ ڊاٽ ڪام ويب سائيٽ تي شاهه جو رسالو، قرآن شريف ۽ لغت رکيل آهن۔ جن ۾ سرچ ڪرڻ جي فيسلٽي آهي۔ ان ۾ اوهان جو ڪو به مفيد مشورو هجي ته ضرور ڏيندا۔ هڪ ڀيرو وري مان اوهان جا تمام گهڻا ٿورا مڃيان ٿو جو اوهان ايترو بهتر مواد ميسر ڪيو۔
     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    ادا سوجهرو منگي صاحب توهان وقعي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاء سوجهرو ٿئي آيا آهيو، ۽ مون کي اهيو ٻڌي ڪري اڃان به وڌيڪ خوشي ٿي ته توهان جاوا ۾ پروگرامنگ ڪندا آهيو۔۔۔ ادا توهان جيڪو ڪمکنيو آهي انشاءالله اهيو ڪم بهتر مان بهتر ٿيندو، ادا توهان صحيح پيا چئو ته انهن پهاڪن چوڻين تي به ڊڪشنري واري صورت ۾ الف ب جي ترتيب سان ڪم ٿيڻ گهجي، ادا سنڌ گريٽ ۾ قرآن مجيد ۽ شاهه جو رسالي تي تمام سٺو ڪم ٿيل آهي، ۽ توهان جي اهيا سائيٽ مان استعمال ڪندو رهندو آهيان، ۽ توهان جي اهيا سائيٽ مون وٽ فيوريٽ واري لسٽ ۾ شامل آهي، مگر مون کي اهيا خبر نه هئي ته اهڙو بهترين ڪم ڪنهن ڪيو آهي، ادا هاڻ خبر پئي ته اهيو ڪم توهان ڪيو آهي، ادا توهان پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي، باقي منهنجو تعارف پڙهڻ لاء توهان هت ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا توهان هاڻ ته ٻين شاعرن جو به ان ۾ اضافو ڪيو آهي، جنهن ۾ شيخ اياز صاحب جي به چونڊ شاعري تي ڪيو اٿوِ جيڪو پڻ مون کي پسند آيو،،نه تَڙَ تي تماچي، نه گندريءَ گذارا ،،.اسارا اسارا ڪينجهر جا ڪِنارا ،،،اُتر - واءُ اوتي، جتي عطر توتي ،،!هيا هنج! تنهنجا اتان هي اُڏارا ،،ڳنڌي وار ڪنهن لاءِ آئينءَ ڳهيلي؟ ،،!چري! چاڳ ڪهڙا! ڪٿي چاهه وارا ،،جڏهن کان وئين تون ورهه، راس آيون ،،.نه گهر تي گهٽائون نه سر تي ستارا ،،،اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي ،،!متان ايئن سمجهين مُئا مور سارا !وڏا وڙ ڪيا نڙ، ڀلي آئين چارڻ،،!جڏا جيءَ جاڳي پيا او جيارا ،،،اڙي هي اُمارا! مُئي ناهه مڪلي
    .ايـــــــــــاز" اڄ وتاسين پٿر جا پنارا
    "۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔
    ادا سوجهرا صاحب توهان کان هڪ ڳالهه پڇان اگر توهان ناراض نه ٿيو ته،، ادا توهان پنهنجو سوجهرو منگي پنهنجو نالو ڇو؟ تجويز ڪيو آهي ان ۾ ڪو راض آهي ڇا ؟، ادا ٻئي مزي جي ڳالهه توهان کي ٻڌايان ته ته جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين ته اسان جي پاڙي ۾ ڪجهه دوست رهندا هئا ۽ انهن جو تعلق جيئي سنڌ پارٽي سان هو ۽ اهي پنهنجا عزازي نالا سڏرائيندا هئا، هڪ جو نالو هو ڪهاڙو سنڌي، ۽ ٻئي جو نالو هو ڏاٽرو سنڌي، ٽئين جو نالو هو ٺونشو سنڌي، چوٿين جو نالو هو سروٽو سنڌي، سو ادا ڪٿي توهان به انهن دوستن مان ته نه آهيو ۔۔۔ اهيو ضرور ٻڌائيندا ته مهرباني۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    مهرباني ادا ممتاز

    اوهان هميشه ڄاڻ وارا ۽ تفصيلي ڪمينٽس ڪندا رهندا آهيو۔

    اوهان پاران شيئر ڪيل لنڪس به گهڻا قيمتي آهن۔ سائين سوجهرو صاحب جا به قرب جو سنڌ سلامت تي پنهنجا قيمتي رايا پيش ڪندا رهن ٿا۔

    ٿورا دوستن جا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  13. سوجهرو

    سوجهرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جون 2011
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    سائين سائين سائين۔۔۔ اِها منهنجي نااهليت چئي سگهجي ٿي جو مان پنهنجي ڳالهه کي صحيح نموني سمجهائي نه سگهيم ۽ اِها غلط فمهي پيدا ٿي وئي ته سنڌ گريٽ ويب سائيٽ مون ٺاهي آهي۔ دراصل اها ويب سائيٽ مون نه ٺاهي آهي پر ڪامران کٽي صاحب جن ٺاهي آهي۔ منهنجو ادنى ڪم اوهان کي هيٺ ڏنل لنڪس تي ملندو۔ مان فقط وڊيو ليڪچرز ٺاهيندو آهيان۔ ان کان اڳ مان ۽ منهنجي ڀا سارنگ منگي گڏجي ڪري سنڌي فليش ميڊ وڊيو گيمز ٺاهيندا هئاسين۔ انهن کي ڏسڻ لا هتي ڪِلڪ ڪندا۔
    منهنجو تعارف پڙهڻ لا اوهان هتي ڪلڪ ڪندا۔ توهان سنڌ گريٽ ويبسائيٽ جي تعريف ۾ ايترو ڪجهه لکيو آهي سو به مون سان منسوب ڪندي مونکي ته سمجهه ئي نه ٿو اچي ته مان ڇا چوان۔ ڇو ته اهو ڪم منهنجو آهي ئي نه پر کٽي صاحب جن جو آهي ۽ پاڻ ان سڀ تعريف جا مستحق آهن۔ سو مان اوهان جي اِها تعريف انهن ڏانهن منسوب ڪيان ٿو۔ ٻيو ڪٿي نه پر رڳو مٿين واري پوسٽ ۾ منهنجو نالو جتي ويبسائيٽ سان لاڳاپيل نظر اچي اُتي پڙهندڙن کي گذارش اٿم ته سمجهي وڃن ته اهو مان نه پر ڪامران کٽي صاحب جن آهن۔
    سائين منهنجو نالو سوجهرو هڪ تاريخي نالو آهي۔ منهنجي ڏاڏا سائين منهنجو نالو اڪبر رکيو هو۔ منهنجو بابا جيڪو اديب ۽ صحافي آهي سو سنڌي ٻولي سان محبت ناتي پاڻ منهنجو نالو سوجهرو رکيائون۔ اڪبر نالو منهنجو گهڻو ڪري مائٽن ۾ مشهور هو۔ هڪ رات اسان جي گهر ۾ چور آيا (هڱورجا ۾)۔ مان 7 يا 8 مهينن جو هئم۔ گهرڀاتي سڀ ستل هئا۔ چور پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئا۔ اوچتو ڪنهن پريشاني جي ڪري مون روئڻ شروع ڪيو۔ مون کي ته ياد نه آ ته ڇو رُنم؟ خير، منهنجي روئڻ جي آواز تي چور به ڊنا ۽ امي به اُٿي وئي۔ جڏهن نظر چورن تي پئي ته گهر ۾ واويلا مچي وئي۔ پو ته چور سڀ سامان اُتي ڇڏي وٺي ڀڳا۔ گهر ڀاتي چورن جي پٺيان ڀڳا اوستائين جو چور هڪ ڀت ٽپي پرئين پاسي هليا ويا۔ سو تنهن کان پو گهر ۾ اهو چيو ويو ته هي همراهه ته واقعي ۾ سوجهرو آهي۔ اڄ هن گهر ۾ سوجهرو ڪيو ۽ ائين رات جي اونڌاهي ۾ چور پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه رهيا۔ سو ائين منهنجو نالو پو سوجهرو ئي مشهرو ٿيو۔
     
  14. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    منهنجا سٍڄڻ دوست ممتاز علي وگهيو صاحب، لک قرب جو توهان منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش جي ڪري توهان اسان جهڙن سنڌي ادب کا اٻوجهه ۽ ان ڄاتل سنڌي پهاڪن توڙي سنڌي چوڻين جو ذخيرو ونڊويو، مان تمام گهڻو خوش آهيان جو منهنجو نالو پنڊي يا دٻڪي تي لکجڻ ڪري توهان جهڙن دوستن جي علم جي ذخيري مان لاڀ حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو۔۔توهان سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان جو توهان پنهنجا ويچار ونڊيا۔۔۔۔۔ سدائين ًگڏ
     
  15. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

    سائين اهي سڀئي نالا به ته پنهجي سنڌ جي سنڌي ٻولي مان ورتل آهن، پر ير توهان جي هي فني انداز تمام وڻيو،، خوش هجو
     
  16. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: توهان مان ڪنهن ڪنهن جو نالو پنڊي تي لکيل آهي؟

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو