Sindhi Media
سينيئر رڪن
فيس بُوڪ
تحرير، مُڪالما ۽ منظر ڪشي ـ عبدالرازاق ميمڻ
پنچ لائين ـ اڄ جي هن صديءَ ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ ايجادن جتي حضرت انسان لاءِ کوڙ سهولتون پئدا ڪيون آهن اُتي انسانيت جي تذليل ۾ به ڪا ڪسر نه ناهي ڇڏي ـ اُهي جيڪي ڇانوَ ٿي ٻانهن ٻيلي هُئا، ڪڏنهن دُشمن بڻجي اسان وٽ کاٽ هڻندا رهيا تانجو خبر اُن وقت پئي جڏنهن پاڻي مٿي تان به لنگهي ويو. هيءَ ڪهاڻي به هڪ اهڙي هوس پرستيءَ جو شڪار ٿيندڙ عورت جي آهي جنهن جو آئنده لاءِ فڪرڪرڻ به لازمي امر آهي.
ڊرامون ـ قمرالنساءِ فڪرمند هُئي ۽ اها ڳاله اُن جي مُڙس خالد گهر ۾ داخل ٿيندي ئي محسوس ڪري ورتي هُئي پر اُن بابت اُن وقت پُڇيائين جڏنهن هو ٻارڙن کي الله حافظ چئي پنهنجي بيڊ روم ۾ آيا هُئا۔ خالد پنهنجي ٽاءِ ٺيڪ ڪندي نرم لهجي ۾ پُڇيو” ڪا ڳاله ٿي آهي ڇا؟“ قمر، جيڪا لباس تبديل ڪرڻ کان پوءِ ڊريسنگ ٽيبل تي پنهنجي وارن کي بُرش سان سنواري رهي هُئي، ڇرڪ ڀري وئي ”نه.. نه.. اهڙي ته ڪا ڳاله ڪانهين.” ”پوءِ تون ايترو پريشان ڇو پئي ڏسجين؟“ قمر اسٽول تان لهي بيڊ وٽ آئي ”بس هڪ معمولي ڳاله آهي جنهن پريشان ڪري وڌو آهي. حالانڪه بظاهر ان ۾ پريشانيءَ جي ڳاله به ڪانهين.“ خالد پنهنجا ٻئي هٿ سندس ڪُلهن تي رکي سندس اکين ۾ جهاتي پائي پيار واري نظرن سان چوڻ لڳو”ڇا ڳاله آهي؟ مونسان شيئر نه ڪنديئن ڇا؟“ قمر ٿورڙي هچڪچاهٽ جو مظاهرو ڪيو پر پوءِ
چئي ڏنائين ” ماروي جوان ٿي وئي آهي“
ماروي ٻنهين جي وڏي اولاد هُئي ۽ گُذريل هفتي اُنهن سندس 14 سالگره به ملهائي هُئي۔ خالد کيس هڪ جديد ليپ ٽاپ تُحفي ۾ ڏنو هو ۽ قمر هڪ ايپل جو 4 جي ايس آئي فون گفٽ ڪيو هو، اين کان ننڍي جواد کيس هڪ خوبصورت لباس گفٽ ڪيو هو ته سڀني کان ننڍي ڀيڻ مومل پنهنجي پاڪيٽ مني مان هڪ ليدر جو شوز ڏنس۔ ماروي تمام گهڻي خوبصورت ۽ معصوم نظر اچڻ واري ڇوڪري هُئي ۽ سٺي صحت ڪري پنهنجي عُمر کان وڏي پئي ڏٺي ۽ ان ۾ ڪا به تعجب جي ڳاله نه هُئي ته هُن ۾ جُواني جا آثار نمودار پئي ٿيا۔
خالد مُسڪرائي چيس ” ڀلا ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳاله آهي، بلڪه اها ته سٺي ڳاله آهي“ ها! قمر بيدلي سان چئي ڏنو ” پر تون سمجهين ٿو ته مونکي ڊپ پيو ٿئي“ خالد سنجيده ٿي ويو هو قمر جي ڳاله جو مفهوم سمجهي ويو هو۔ هن نرمائي سان سندس ڪنڌن کي سهلايو ” تُنهنجو خوف ٺيڪ ناهي، ضروري ناهي ته جيڪو توسان ٿيو اُهو هر ڇوڪري سان به ٿئي، ۽ پو اسان ماروي جا ما پي به جي موجود آهيون؟ اسان ان جي سار سنڀال لهنداسون“
”ها مان ڄاڻان ٿي، ان جي باوُجود به مان اندر مان خوف ڪڍي نه سگهي آهيان“ قمر گهُمي خالد جي سيني تي پنهنجو مٿو رکندي ” شايد وقت سان هي خوف به ختم ٿي وڃي“
”ائين ئي ٿيندو“ خالد يقين سان چيو ۽ هو بيڊ تي ليٽي پيا، خالد هٿ وڌائي لائيٽ آف ڪري ڇڏي ” هاڻ تون به سمهي پئو“
خالد فورن سمهي پيو پر قمر کي ڪافي دير تائين ننڊ نه پئي آئي هو ماروي جي باري ۾ سوچيندي رهي۔ ماروي اڄ ڪله جي ڇوڪرين جي مُقابلي ۾ معصوم ۽ سڌي سادي هُئي، هن کي نه ته ڇوڪرن ۾ ڪا دلچسپي هُئي ۽ نه هو پارٽين ۾ وڃڻ جي شوقين هُئي۔ قمر چڱي طرح سان سمجهندي هُئي ته نوجوان نسل کي منشيات ۽ جنس سان متعارف ڪرائڻ ۾ پارٽين جو گهڻو هٿ هوندو آهي۔ ما پي پنهنجي ٻارن کي انهن پارٽين کان گهڻو بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن پر جوان ٿيندڙ ٻار ڪنهن نه ڪنهن طرح سان رستو ڪڍي وٺندا آهن۔ قمر کي احساس هو ته جلدئي ماروي به انهن پارٽين ۾ شامل ٿي ويندي ۽ ان کان پو سندس زندگي به هڪ نئون رُخ اختيار ڪندي، ان باري ۾ اڃا ڪجه به چوڻ ڏکيو هو، هي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي زندگي جو هڪ حساس ترين دئور هوندو آهي، ان ۾ ئي هو پنهنجي زندگي ٺاهي وٺندا آهن ته بگاڙي به ڇڏيندا آهن۔ هڪ زماني ۾ ما پي پنهنجي ٻارڙن کي روڪي به سگهندا هُئا پر اڄ ڪله هو ان معاملي ۾ بيوس ٿيندا پيا وڃن۔
پر قمر جو خوف ان کان به وڌ هو هو سوچيندي رهي ۽ پو گهري ننڊ ۾ سمهي پئي