دوستو سلام
سنڌي شاعريء جي دنيا ۾ خانصاحب عبدالڪريم پلي ۽ سندس ننڍي ڀاء ولي محمد وفا پلي به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي۔ تاريخ 7 ڊسمبر 1944ع ڌاري، ناري جي نواب خان صاحب عطا محمد پلي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ولي محمد وفا پليءَ بابت ڪنهن ٿي ڄاتو ته اڳتي هلي پلي خاندان جو هي خوبصورت گل مستقبل ۾ سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر بڻجندو ۽ سنڌي شاعري جي شفق لالاڻ ۾ هڪ روشن ستاري جيان چمڪندو.
سنڌي غزل ۾ نين تشبيحن ۽ تخليقي فن جي مهارت رکندڙ سنڌ جي هن ڀلوڙ شاعر، سنڌي ٻوليءَ کي شاعريءَ جا ٻه خوبصورت ڪتاب پڻ ارپيا آهن. جن ۾ ” لئون لئون منجهه لغار“ ۽ ”درد هزارين هڪڙي دل“ شامل آهن. اڪثر طور هاڻوڪي ادبي محفلن ۽ ميڙاڪن ۽ شامن کان پري رهندڙ هن شاعر، تنهائيءَ دوران جيڪي گيت ۽ غزل تخليق ڪيا آهن، سي سنڌ جي لکين عوام لاءِ اتساهه جو سبب بڻيا آهن. پنهنجي مزاج ۾ انتهائي نفيس ۽ ملنسار طبعيت جي شاعر، سنڌ جي سماجي ترقي ۾ پڻ هڪ مضبوط ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ڪافي ۽ غزل جي مشهور راڳي سينگار علي سليم، راڳ جي راڻي عابده پروين تائين سنڌ جا اڪثر ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جا پارکو ڳائيڪ هن شاعر جي حلقا احباب ۾ رهيا آهن.
سندس هڪ لازوال غزل پيش آهي، جيڪو عابده پروين پڻ ڳايو آهي۔
تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو
آ وڇوڙي جو موت ماري ٿو
زهر ڏيندين سو به پي ويندس
ڪوئي ويڄن جو هٿ به واري ٿو!
وقت وارن جا وار سهبا پر
دوستن جو سلوڪ ماري ٿو
ڪا تمنا ڪا آرزو ڪانهي ڪا
ڪو ائين به زندگي گذاري ٿو
چند لمحا ته سک سمهان ليڪن
درد تنهنجو اچي اٿاري ٿو
ڪو به ايندو نه ريگزارن ۾
راه ڪنهنجي وفا نهاري ٿو
وفا ولي محمد پلي

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: