وقت وارن جا وار سهبا پر ، دوستن جو سلوڪ ماري ٿو (وفا پلي)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستو سلام

    سنڌي شاعريء جي دنيا ۾ خانصاحب عبدالڪريم پلي ۽ سندس ننڍي ڀاء ولي محمد وفا پلي به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي۔ تاريخ 7 ڊسمبر 1944ع ڌاري، ناري جي نواب خان صاحب عطا محمد پلي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ولي محمد وفا پليءَ بابت ڪنهن ٿي ڄاتو ته اڳتي هلي پلي خاندان جو هي خوبصورت گل مستقبل ۾ سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر بڻجندو ۽ سنڌي شاعري جي شفق لالاڻ ۾ هڪ روشن ستاري جيان چمڪندو.

    سنڌي غزل ۾ نين تشبيحن ۽ تخليقي فن جي مهارت رکندڙ سنڌ جي هن ڀلوڙ شاعر، سنڌي ٻوليءَ کي شاعريءَ جا ٻه خوبصورت ڪتاب پڻ ارپيا آهن. جن ۾ ” لئون لئون منجهه لغار“ ۽ ”درد هزارين هڪڙي دل“ شامل آهن. اڪثر طور هاڻوڪي ادبي محفلن ۽ ميڙاڪن ۽ شامن کان پري رهندڙ هن شاعر، تنهائيءَ دوران جيڪي گيت ۽ غزل تخليق ڪيا آهن، سي سنڌ جي لکين عوام لاءِ اتساهه جو سبب بڻيا آهن. پنهنجي مزاج ۾ انتهائي نفيس ۽ ملنسار طبعيت جي شاعر، سنڌ جي سماجي ترقي ۾ پڻ هڪ مضبوط ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ڪافي ۽ غزل جي مشهور راڳي سينگار علي سليم، راڳ جي راڻي عابده پروين تائين سنڌ جا اڪثر ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جا پارکو ڳائيڪ هن شاعر جي حلقا احباب ۾ رهيا آهن.

    سندس هڪ لازوال غزل پيش آهي، جيڪو عابده پروين پڻ ڳايو آهي۔


    تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو
    آ وڇوڙي جو موت ماري ٿو

    زهر ڏيندين سو به پي ويندس
    ڪوئي ويڄن جو هٿ به واري ٿو!

    وقت وارن جا وار سهبا پر
    دوستن جو سلوڪ ماري ٿو

    ڪا تمنا ڪا آرزو ڪانهي ڪا
    ڪو ائين به زندگي گذاري ٿو

    چند لمحا ته سک سمهان ليڪن
    درد تنهنجو اچي اٿاري ٿو

    ڪو به ايندو نه ريگزارن ۾
    راه ڪنهنجي وفا نهاري ٿو

    وفا ولي محمد پلي


    [​IMG]

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 جنوري 2015
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: وقت وارن جا وار سهبا پر ، دوستن جو سلوڪ ماري ٿو (وفا پلي)

    ڪا تمنا ڪا آرزو ڪانهي
    زندگي ايئن به ڪو گذاري ٿو

    تمام خوبصورت تخيل
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: وقت وارن جا وار سهبا پر ، دوستن جو سلوڪ ماري ٿو (وفا پلي)

    محترم سائين! سھڻي چونڊ سان گڏ اوھان جي بھترين ڊزائين
     
  4. سنڌي دانيال

    سنڌي دانيال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 اپريل 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    larkana
    جواب: وقت وارن جا وار سهبا پر ، دوستن جو سلوڪ ماري ٿو (وفا پلي)

    [​IMG]
    بهترين ادا
    راھَ ڪنهن جي وفا نهاري۔
    بهترين ان جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي ادا
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: وقت وارن جا وار سهبا پر ، دوستن جو سلوڪ ماري ٿو (وفا پلي)

    وقت وارن جا وار سهبا پر
    دوستن جو سلوڪ ماري ٿو

    چونٿا ته سرمد کي جڏهن ماڻهن پٿر ٿي هنيا ته هن اهي پٿر آرام سان برداشت ٿي ڪيا، پر جڏهن سندس هڪ دوست گل کڻي هنيو ته سرمد کان رڙ نڪري وئي۔

    ٻيو هڪ قول يا دعا عام آهي ته ” اي خدا، آ دشمن سان پاڻ منهن ڏيندس مونکي منهنجن دوستن کان بچا“

    مطلب چوڻ جو ته پلي صاحب مٿي غزل ۾ به ساڳي ئي ڳالهه ڏانهن شايد اشارو ڪيو آهي۔

    سهڻي شاعري ۽ اعلا پيشڪش سهڻي سليمان جي۔

    پپيون ۽ پيار قبول پوي
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وقت وارن جا وار سهبا پر ، دوستن جو سلوڪ ماري ٿو (وفا پلي)

    مهرباني پسند ڪرڻ جي

    پنهنجي دور جو مشهور غزل، جيڪو اڄ به ايتري ئي چاهه سان ٻڌو وڃي ٿو۔ هر بند هڪ ڪهاڻي آهي۔
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: وقت وارن جا وار سهبا پر ، دوستن جو سلوڪ ماري ٿو (وفا پلي)

    لاجواب ونڊ سائين
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وقت وارن جا وار سهبا پر ، دوستن جو سلوڪ ماري ٿو (وفا پلي)

    قرب پيارا استاد عاشق

    اڄڪلهه ديدار کان ته وياسين پر چيٽ ڪرڻ کان به وياسين
     
  9. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: وقت وارن جا وار سهبا پر ، دوستن جو سلوڪ ماري ٿو (وفا پلي)

    لاجواب ونڊ سائين۔۔”!
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وقت وارن جا وار سهبا پر ، دوستن جو سلوڪ ماري ٿو (وفا پلي)

    اوهان جو پورٽريٽ وڻيو ۔۔۔

    واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀلا اهي رنگ صرف پنهنجي لاء آهن يا ڪنهن ٻين جو به وارو ايندو ؟

    مهربانيون
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وقت وارن جا وار سهبا پر ، دوستن جو سلوڪ ماري ٿو (وفا پلي)

    سائين نثار مهربانيون

    ڪڏهن ڪڏهن اسان کي به دوستن جي عجيب سلوڪ ۽ نرالي سوالن جوابن ڪري پوئتي هٽڻو پوندو آهي ۽ پوء اسان پولارن ۾ گم ٿي ويندا آهيون۔

    اوهان جو پيار ۽ پپيون محسوس ڪيم ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهي محبتون شال سدا قائم رهن۔

    پلي صاحب جي هن غزل جو هر بند ڪهاڻي آ ۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو