فطرت ۽ اسان جا رويا

'سنڌي ادب' فورم ۾ Abdul Wahid Soomro طرفان آندل موضوعَ ‏2 اپريل 2012۔

  1. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    اوهان ضرور ڏٺو هوندو ته اسان اڃان سماجي انسان به صحيح طرح سان ثابت ڪونه ٿيا آهيون. الائي ڪهڙا سبب آهن جن جي ڪري اسان هميشه فطرت دشمنيءَ سان وسان ڪين گھٽايو آهي. مان ڪجھ منظر هتي ڏيڻ ضرور چاهيندم.

    ننڍي هوندي منهنجي ڏاڏي مونکي پاڻ سان سمهاري ڪجھ پنهنجا قصا ٻڌائيندي هئي، جن ۾ هوءَ اڪثر چوندي هئي ته پاڻ جي ڳوٺ جي ٻاهران جيڪي واريءَ جا دڙا هوندا هئا اتي الائي گھڻا سوئر رهندا هيا. جن کي ماري ناس ڪيو ويو. مونکي جيئين تعجب ٿيندو هيو تيئن هاڻي ڪونه ٿيندو آهي ته هاڻي اهي ڪٿي آهن؟


    وري سن چوراسيءَ ۾ اسان سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ ريل ذريعي نوابشاه، اتان بس تي سڪرنڊ وري محراپور کان پيرين پنڌ ٻيلو طئي ڪري وڃي سن رسيا سون. مان پاڻ ٽي عدد سوئر ڏٺا جيڪي اسان کان اڳ دڳ مٽيندا گذري ويا.

    اڄ اهي ڪٿي آهن؟ سڀ جو سڀ شڪارين جي مهٽ هيٺ مري ويا.

    اهڙي نموني سان اوهان ڏسو ته اسان جو عام فطرت ۽ فطرتي لقائن سان ڪهڙو ورتاءُ آهي؟

    >> اسان جيئن ئي ڪنهن ڪتي کي ڏسون پنهنجي پاڻ کي جھڪائي ڪنهن ڦوڙه (پٿر) ۾ هٿ وجهنداسين. ماريوس!

    نانگ کي مارڻ ائين سمجھندا آهيون ڄڻ خيبر ۾ مرحب ماريو سين.

    >> شل نه ڪو خوبصورت گل ڪنهن ٻوٽي تي ڏٺوسين، پٽي سِنگھنداسين. اسان ان کي اتي رهڻ ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين.

    اوهان ٽرافگلر جا ڪبوتر ٻڌا هوندا. ته اتي ڪيئن نه ڪبوتر، پاريهل ماڻهن جي هٿن ۽ پيرن سان پيا کيچل ڪندا. ذرا اوهان هتي ڪنهن هڪ پکيءَ جو مثال نه ڏيئي سگھندا جيڪي اسان سان هريل هجن؟ ڇوته اسان سڀني پکين ۽ جنگلي جانورن کي مارڻ ئي سکيو آهي.

    >> وڻن سان ئي ناحق ڏسو؟ اسان وڻ ڪڏهن به پنهنجي ماحولائي ضرورتن کي سامهون رکندي نه پوکيا آهن پر انهن کي ڪٽڻ لاءِ. پنهنجي وحشي سطح اها آهي ته هڻي ٻيلا ختم ڪري ڇڏيا سين.

    >> گھرن ۾ اسان ڪڏهن ننڍڙن باغ باغيچن جو تصور ڪري اهي ٺاهيا آهن؟ ڪڏهن به نه.....

    >> گھرن ۾ ڪاڪوس خانن ٺاهڻ جي جڳهه اسان ٻاهر وڃي ماحول خراب ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهيون.

    >> پنهنجو گھر صاف ڪرڻ ته ڪنهن ٻليءَ کي به ايندو آهي، پر گھٽين ۽ رستن سان ڪهڙو ڪلور ڪندا آهيون منهنجي خيال ۾ اوهان سڀني کي خبر آهي.

    اهڙي قسم جا کوڙ سارا لقاءَ اوهان هر روز ڏسندا هوندا، جن کي ڏسي اوهان ڪنهن به ناتي سان پنهنجي پاڻ جي نِڇَ موهن جي دڙي وارن سان ملائڻ ۾ هڪ پل گھٻرائيندا هوندا.

    اهو سڀ ڇو ٿو ٿئي؟ هاڻي اسان ڇا ان لاءِ به ڪارل مارڪس جو ”داس ڪيپيٽل“ کوليون؟ ائين ناهين سائين. اصل ۾ اسان وٽ اڃان سماجي حقن ۽ فرضن (Rights & responsibilities of Social ethics) جي سُڌِ آهي ئي ڪونه. اڃان اسان کي پنهنجو گھر ئي ٺاهڻ ناهي آيو ۽ هليا آهيون آزاد ملڪ ٺاهڻ جا خواب ڏسڻ!

    سائين تمام گھڻو ضروري آهي ته سماجي ادارن کي پهريون مضبوط ڪريون. پوءِ برڙ باڪاس خيالن طرف وک وڌايون. اوهان نوٽ ڪيو آهي ته اسان وٽ سياست به ان ڪري ناڪام ٿيندي آهي جو ان جي مک بنياد يعني سماجي اخلاقيات سَري کان ئي موجود ناهي.

    مان هڪ ڳالهه وڏي واڪي ڪيان ٿو ته اسان مري کپي وينداسين، پر سنڌ سَدا سَرهي رهندي. ڪو به هيءَ ڌرتي پٽي کڻي ڪونه ويندو. ڪو به ان جو نالو نه مٽيندو، ها پر اسان پاڻ تباهه ٿي وينداسين. جيئين کوڙ ساريون تهذيبون فنا ٿي ويون، صرف پنهنجن بڇڙن افعالن جي ڪري، جيڪي ٺيڪ هاڻي اسان ۾ گھر ڪري ويا آهن. سنڌ سان اگر سچائي آهي ته ان جي ڌرتي تي رحم کاڌو وڃي. اتي جي جنگلي حياتيات کي بچايو وڃي، اتي جي فطري وهڪرن کي سلامت رکيو وڃجي.

    امر فياض ٻرڙو
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فطرت ۽ اسان جا رويا

    تمام سٺو مضمون امر فياض جو۔

    خوبصورت شيئرنگ ادا
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: فطرت ۽ اسان جا رويا

    امر فياض جا سهڻا ٻول ۽ بيشڪ اسانکي فطرت جو خيال ڪرڻ گهرجي، پنهنجي ڌرتي کي سهڻي کان سهڻي رکڻ جا جتن ڪرڻ گهرجن، پر افسوس جو اهڙي حالت ناهي ۔۔۔۔؟؟؟؟

    دنيا جي قومن وٽ وڃي ڏسجي ته هنن ڪيئن نه فطرت ۽ فطري شين جي حفاظت ڪيئ هوندي آهي ۽ انهن مان پيا لطف اندوز ٿيندا آهن ۔۔۔

    پاڻ وٽ حالت انتهائي خراب آهي ۔۔۔ انجا سبب ڪجه شخصي ڪجهه سماجي ۽ ڪجهه رياستي آهن ۔۔۔ هر طرف اوندهه لڳي پئي آهي

    الله ۾ اميدون آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو