سنڌي اداڪارن جي تاريخ ۾ انور سولنگي جو نالو هميشه نمايان رهندو. سندس جنم ۽ وفات بابت، سندس فني سفر ۽ خوبصورت ڪارڪردگيءَ بابت ڪيترا ئي مضمون سندس لاڏاڻي وقت شايع ٿيا ۽ سندس حياتيءَ ۾ سندس ڪيترا ئي انٽرويو شايع ٿيا، پر آهسته آهسته وقت گذرڻ سان هو اسان کان وسري ويو، جيئن سڀ وسرندا پيا وڃن. -انور سولنگي- ٽي وي ۽ ريڊيو جو نامور اداڪار هو . -انور سولنگي- جو جنم 1944ع ڌاري شهدادپور ۾ ٿيو . ريڊيو تي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1970ع ۾ ڪئي. هن ٽي وي ۽ ريڊيو جي پنج سئو کان وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو . جن ۾ سنڌي ۽ -اردو- ڊراما شامل آهن . -انور سولنگي- جي مقبول ڊرامن ۾ ” راني ڪي ڪهاني “ ، ” ڇوٽي سي دنيا “ ، ” ديوارين “ ، ” جنگل “ ، ” هوائين “ ۽ ” ماروي “ شامل آهن . گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته -انور سولنگي- اداڪار سان گڏوگڏ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هو . 2008ع ۾ سندس شاعري ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ” زهر ڀريا پيالا “ ڇپيو . مرحوم جو هڪ اسٽيج ڊرامو، جيڪو شايد مرحوم انور بلوچ صاحب جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروڊيوسر هو، ان جو لکيل ۽ ان جي ئي هدايت ۾ نيو ميجسٽڪ سنيما حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ويو، مونکي اتفاق سان اهو ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ اهو شايد 1968-69ع جو دور هو. ان ڊرامي ۾ انور بلوچ ۽ انور سولنگيءَ مرڪزي ڪردار ادا ڪيا هئا، مونکي اڄ به ٻنهي جي خوبصورت پرفارمنس ياد آهي ۽ هميشه ياد رهندي. ان کانپوءِ جڏهن ڪراچي ٽيليويزن تان سنڌي ڊرامن جو دور شروع ٿيو ته ابتدا ۾ عبدالڪريم بلوچ سنڌي ڊراما ٺاهيا، ان کانپوءِ هارون رند، منظور قريشي، محمد بخش سميجو، بيدل مسرور، عبدالحق عظيم، فدا حسين بلوچ، اقبال لطيف ۽ ذوالفقار نقوي ”ناٽڪ رنگ“ لاءِ ڪيترائي سنڌي ڊرامه ٺاهيا. ريڊيو پاڪستان جي انهن صداڪارن جن بلوچ صاحب سان گڏ ڪم ڪيو، انهيءَ کيپ کي بلوچ صاحب ڪراچي ٽيليويزن تي آندو، انهن ۾ نور محمد لاشاري، اي آر بلوچ، سيما، زرينه بلوچ، عبدالحق ابڙو ۽ انور سولنگي شامل آهن ۽ انهن سنڌي فنڪارن پنهنجي فن جي پورهئي سان اڳتي هلي ڊرامه سيريل ”ديوارين“ ۽ ”جنگل“ جي ذريعي بلند مقام حاصل ڪيو، انهن سنڌي فنڪارن، رائيٽرن، هدايتڪارن ۽ اردو ڊرامن کي بين الاقوامي شهرت عطا ڪئي. انهن ڏينهن ۾ انور سولنگي ۽ مشتاق جسڪاڻي جي جوڙي مزاح ۾ هڪ سڃاڻپ بڻجي وئي، انهن جي شهرت جي سبب سنڌي فلمسازن به کين پنهنجي سنڌي ۽ اردو فلمن ۾ موقعو فراهم ڪيو. انور سولنگي ۽ مشتاق جسڪاڻي جي ”ڍولڻ ۽ مکڻ خان“ واري جوڙيءَ کي مرحوم شاهه اسد سنڌي فلم ”پرو“ ۾ انهن ئي نالن سان ڪاسٽ ڪيو. اڳتي هلي انور سولنگي کي نامور هدايتڪار نذرالاسلام اردو فلم ”خواهش“ ۾ اهم رول ڏنو، جيڪو هن خوب نڀايو. انور سولنگي هڪ حساس، سفيد پوش ۽ قدرتي ڏات سان نوازيل فنڪار هو، جنهن کي منهنجي نظر ۾ سندس صلاحيتن موجب، ڪڏهن به مڪمل ڪردار نه مليو، پر هن سوين ڊرامن ۾ سوين يادگار ڪردار ادا ڪيا، جنهن تي کيس پي ٽي وي ايوارڊ به مليو. مون ساڻس تمام گهڻن يادگار سنڌي اردو ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ڪيا، جن ۾ هڪ ڊرامو ”ڪونج“ هميشه ياد رهندو، جنهن جو پروڊيوسر محمد بخش سميجو مرحوم هو. مرحوم سان جڏهن به گڏ ڪو منظر رڪارڊ ٿيندو هو، ته هو هر طرح سان اسان کي زيرِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ڊرامه سيريل ”ڪونج“ جي هڪ منظر ۾ مرحوم ريهرسل دوران جيڪا اداڪاري مون سان گڏ ڪئي ۽ آئون رڪارڊنگ دوران انهيءَ رسپانس جو منتظر هئس ته اچانڪ مرحوم غور سان موکي ڏسي، ڊائيلاگ مون ڏانهن ڏسي ڳالهائڻ بدران ڪنڌ ٻئي طرف ڪري آهسته آهسته ڳالهائڻ شروع ڪيو، مون کي سمجهه ئي نه پئي آيو ته پاڻ کي ڪيئن بچايان، مجبورن مون کي پنهنجي ڳري آواز ۾ مڪالمه ڳالهائيندي کيس مون ڏانهن ڏسڻ تي مجبور ڪيو. مرحوم منهنجي لکيل ڪافي سارن ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ مون سان گڏ ڪم ڪيو. منهنجي سنڌي فلم ”علي گوهر“ ۾ ڪيريڪٽر ايڪٽر جي ڪردار ۾ محمود صديقي ۽ مون سان جيڪي ڊرامائي منظر فلمبند ڪرايائين، سي هميشه مون کي ياد رهندا. ان کان پوءِ منهنجي فلم ”محب شيدي“ ۾ هڪ ظالم صوبيدار جو ڪردار بهترين انداز ۾ ڪيائين. اهڙي طرح اسان سنڌي فنڪارن مان جنهن به، جڏهن ساڻس گڏ ڪنهن منظر ۾ اداڪاري ڪئي هوندي ته محتاط انداز ۾ ڪئي هوندي. سندس زندگيءَ ۾ ڪئين لاڙها چاڙها آيا، ايڪسيڊنٽ ۾ ڄنگهه ڀڳيس، زال وڏي خدمت ڪيس، سندس گهر واريءَ جي ڀائرن تمام گهڻو ساٿ ڏنس، ڄنگهه ۾ راڊ لڳرائي کيس هلڻ جهڙو ڪرڻ کانپوءِ، کيس عمرو به ڪرايائون، جنهن کانپوءِ سندس طبعيت ۾ هڪ روحاني تبديلي به اچڻ لڳي هئي، پر وري سنڌي چينل کليا ته ڊرامن ۾ سندس ڪم جي مصروفيت وڌي وئي، هڪ اڌ ڊرامو سنڌي چينل تي پاڻ به ٺاهيائين پر ان جوکم جهڙي ڪم ۾ وري هٿ نه وڌائين. انور سولنگي قدرت جي ڏات سان نوازيل اهڙو ته فنڪار هو جو ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ هدايتڪار به سوچي سمجهي هدايتون ڏيندا هئا. سڀئي سندس سينئر ۽ حساس ترين فنڪار هئڻ جي ڪري، هميشه هيٺائين وٺندا هئا. پاڻ مرحوم به جهڙي تهڙي اداڪار ۽ هدايتڪار کي گاهه ئي نه وجهندو هو، ساڳئي وقت فنڪارن جي حقن حاصل ڪرڻ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو، ۽ ان مقصد لاءِ هر وزير يا آفيسر وٽ هلي به ويندو هو، ۽ اتي وڃي ڪڙو سچ به ڳالهائي ايندو هو. فنڪارن ۾ انور سولنگيءَ جو قد ڪاٺ، رهڻي ڪهڻي ۽ رويو بالڪل مختلف هوندو هو. سندس دوستن جو به دائرو گهٽ هوندو هو. آخر ۾ ثقافت کاتو، ڪراچي ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارا کيس ياد ڪن نه ڪن، پر آئون عوامي آواز جي ذريعي فن جي سمنڊ جي انهن سپن جون ساروڻيون ساريندو رهندس. انور سولنگي سنڌي فنڪارن جي تاريخ ۾ هڪ نمايان باب جي حيثيت ۾ هميشه نمايان ئي رهندو. مون ۽ مون جهڙن ڪيترن فنڪارن هن جي فن مان گهڻو ئي سکيو ۽ پرايو آهي. ڪيتري به تڪليف هجيس، ڪيتري بي روزگاري هجيس پر پنهنجو حق گهري وٺندو هو، وڙهي وٺندو هو، ويچارو ٿي ايلاز ڪندي مون کيس ڪڏهن به ڏٺو، بلڪه مون اهو ڏٺو ته جڏهن به ڪو پروڊيوسر پنهنجي سيريل جي ڪاسٽ ۾ انور سولنگي جهڙي فنڪار کي نظر انداز ڪري ويندو هو ۽ اوچتو وري انور سولنگي سامهون اچي ويس ته پوءِ اهو پروڊيوسر پاڻ کي “Guilty” محسوس ڪندي يا ته کيس ڪاسٽ نه ڪرڻ تي معافي وٺندو، يا وري اوچتو ان ڳالهه جي احساس ٿيڻ کانپوءِ کيس ڪاسٽ ڪرڻ جو ماحول ٺاهيندو هو، بهرحال مون جڏهن به کيس ٻڌو ته هڪ ڪامريڊ فنڪار وانگر تقرير ڪندي، يا حقن جي جدوجهد جي ڳالهه ڪندي ٻڌو. انفرادي مسئلن کي به اجتماعي مسئلن جي جدوجهد ذريعي حل ڪرائي ويندو هو. جنهن سان ٻين کي به فائدو ملندو هو. اانور سولنگي 4 -اپريل- 2008ع تي 64 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ گذاري ويو .سندس آخري آرمگاه سخي حسن قبرستان ڪراچي ۾ آهي.
جواب: انور سولنگي سائين عبد الواحد صاحب، اوهان ته لڪيل رستم نڪتا! سائين ماشاءَ الله اوهان جو ليک بهترين آهي...
جواب: انور سولنگي انور سولنگي سنڌي سان گڏ اردو ڊرامن ۾ ڪمال اداڪاري ذريعي نالو ڪمايو۔ سندس ڊراما يادگار رهيا آهن۔ نور محمد لاشاري، محمود صديقي، مشتاق جسڪاڻي ۽ قربان جيلاني جهڙن اداڪارن جو همعصر انور سولنگي سدائين ياد رهندو۔ ڇوٽي سي دنيا هجي يا ماروي، سندس ڪردار سدائين ياد رهندا۔ انور سولنگي جي اداڪاري ۾ حقيقت جا رنگ نظر ايندا هئا ۽ سندس لفظن جي ادائگي به خوب هئي. کيس ٻه دفعا پي ٽي وي جو بيسٽ ايڪٽر اوارڊ پڻ مليو. چون ٿا ته سندس ريڊيو جي نوڪري ان ڪري ختم ڪئي وئي جو هن شهيد ڀٽو جي شهادت جي موقعي تي هڪ غمگين گانو هلايو ۽ ڪجهه يادگار لفظ ادا ڪيا۔ رب پاڪ کيس جنت نصيب ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين
انور سولنگي اداڪار ۽ ليکڪ انور سولنگي پوليس جمعدار ميان غلام حسين جي گهر 5 جنوري 1944ع ۾ سهڻي ميهار جي عاشقن واري شهر شهداد پور ۾ جنم ورتو. عاشقن جي شهر ۾ ڄمندڙ ننڍڙي نينگر جان محمد عرف جانڻ جي ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته هي ٻالڪ وڏو ٿي سنڌ جو ناليوارو اداڪار ٿيندو. گهڻو بيمار رهڻ ڪري سندس مائٽن ڪجهه ماڻهن جي مشوري هيٺ سندس نالو مٽائي انورالدين رکيو جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اداڪاريءَ سان وابسته ٿيڻ تائين برقرار هئو پر ان بعد کيس صرف انور سولنگي سڏيو ويو ۽ اهو نالو کيس ايترو ته ڀانءِ پيو جو پاڻ جڳ مشهور ريڊيو ٽي وي ۽ فلم جو فنڪار ثابت ٿيو. تعليم جي ميدان ۾ هو گريجوئيٽ تائين سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهيو. پنهنجي آزاد طبيعت سبب هو ڪڏهن به نوڪري ڪري نه سگهيو. 1964ع کان ريڊيو سان زندگي جي آخري ڏينهن تائين وابسته رهيو ۽ اُتي ڊراما آرٽسٽ، انائونسر ۽ ليکڪ جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو ۽ بهترين آواز ۽ بهترين ڊراما رائيٽر جا ايوارڊ ماڻيندو رهيو. انور سولنگي ٽي وي ۾ ٻه ڀيرا بهترين اداڪار جا ايوارڊ حاصل ڪيا ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا ايوارڊ ”ڪراچي ميٽروپوليٽن ايوارڊ ۽ ماتر ڀُومي ايوارڊ“ پڻ شامل آهن. جڏهن ته ريڊيو ۽ ٽي وي ۾ سنڌي توڙي اڙدو جا ناٽڪ ڪيائين ۽ جيڪي ايتري تعداد ۾ آهن جن جو شمار نه ٿو ڪري سگهجي. ريڊيو ٽي وي ۽ فلم کانسواءِ پاڻ اسٽيج تي پڻ ڪيترا ڀيرا ڪم ڪيائين. انور سولنگيءَ جا وڏڙا اصل موري شهر جي ڀرسان گُچيري جا رهاڪو هئا جيڪي پوءِ معاشي ضرورتن خاطر گچيرو ڇڏي موري، شهدادپور ۽ ٻين شهرن ڏانهن هجرت ڪندا رهيا ۽ اهڙي طرح انور سولنگيءَ پڻ شهدادپور ۾ جنم ورتو. عاشقن جي شهر ۾ جنم وٺڻ سان سندس طبيعت تي پڻ اهو اثر پيو ۽ هو هر مرڪندڙ چهري کي دل ڏئي ويهندو هو ۽ پوءِ زندگيءَ سان شڪايتون ڪندي نظر ايندو هو. هن جو خيال هو ته دنيا ۾ نوانوي سيڪڙو ماڻهو مطلب جا يار هوندا آهن، بنا مطلب جي ڪوبه ڪنهن سان نه ملندو آهي. پاڻ هڪ ڪتاب ”وٽيون وهه گاڏڙيون“ جو مصنف پڻ رهيو آهي. جيڪو ڪتاب سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان شايع ڪرايو ويو آهي. انور سولنگي نه باقاعدي ڪنهن جو شاگرد ٿيو، نه ڪنهن جو مُريد ئي ٿيو. هو بنا تُرقي جي هن جيون ساگر ۾ هٿڙا هڻندو رهيو ۽ فني دنيا ۾ پنهنجو سفر جاري رکيو، انور سولنگي کي اولاد ۾ 2 نياڻيون ۽ هڪ پٽ طلحا آهي. جڏهن ته انور سولنگي فنڪارن جي فلاح بهبود لاءِ جوڙيل اداري سنڌ فنڪار تنظيم جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو، جنهن کانپوءِ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي ڊويزن جو صدر زندگي جي آخري ڏهاڙن تائين رهيو. انور سولنگي 4 اپريل 2008ع ۾ ڪراچيءَ جي سول اسپتال جي ايس.آءِ.يو.ٽي وارڊ ۾ شُگر ۽ گُڙدن جي بيماريءَ ۾ مبتلا هجڻ بعد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، کيس سخي حسن جي قبرستان ۾ هزارين سوڳوارن جي موجودگيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.جڏهن ته کيس بيماري دوران ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري شمس جعفراڻي گهر وڃي مالي مدد پڻ ڪئي جنهن تي انور سولنگي سندس ٿورا مڃيا ۽ انور سولنگي جي بيماري دوران شمس جعفراڻي جي مدد اهم رهي.