[JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم ڪنهن مهربان پيار ڪندڙ هستيءَ چيو ته ناز پيار جي شاعري ونڊڻ ڇو ڇڏي ڏني اٿئي فوري ونڊ ڪري اطلاع ڪر، کيس ڪهڙي خبر ته ڏات جي ديوي رُسڻي محبوبه وانگر ٿي وئي آهي، خير هڪڙي پراڻي غزل کي نوان ڪپڙا پارائي انهي پيار ڪندڙ مهربان هستيءَ جي نظر ڪري ان کي ارپيان ٿو دوستو توهان کي جيڪڏهن دل وٽان لڳي ته کوڙ ساريون دعائون ان مهربان هستيءَ کي ڏيئي ڇڏجو بس اها ئي منهنجي نننڍڙي... وينتي آهي شال سڀئي مرڪندا رهو مسڪرائيندا رهو آمين[/JUSTIFY] غزل نثاراحمد ناز ڏُکيا اهڙا لمحا ڇا جي ڪري هِن پرين مُنهنجي ويجهو پوءِ ڀي پري هِن رُسي ويٺا آهن سي پرچن نه پل ۾، ڏُسو رُسڻا ماڻهو هُو ذر ذر ذري هِن اسان لئه اسان لئه يقينن اسان لئه گلابن سندا جهولَ آيا ڀري هِن وفا ۽ جفا جي اڻانگي سفر ۾، ويا هو به سمجهي ته کوٽي کري هِن نه چُوڙين جِي کن کن نه ڇمڪو نه ڇيرُن ، هُري ”ناز“ هينئڙي هُو آيا هري هن
جواب: ڏُکيا اهڙا لمحا ڇا جي ڪري هِن پرين منهنجي ويجهو پو ڀي پري هِن وفا ۽ جفا جي اڻانگي سفر ۾، ويا هو به سمجهي ته کوٽي کري هِن فعولن فعولن فعولن فعولن جي وزن ۽ بحر متقارب مثمن سالم ۾ خوبصورت لفظن سان سجايل ھي غزل ڏاڍو سٺو لڳو۔
جواب: ڏُکيا اهڙا لمحا ڇا جي ڪري هِن پرين منهنجي ويجهو پو ڀي پري هِن رُسي ويٺا آهن سي پرچن نه پل ۾، ڏُسو رُسڻا ماڻهو هُو ذر ذر ذري هِن سائين نثار ناز سلام گهڻن ئي ڏينهن کانپوء اوهانجي شاعري پڙهڻ لاء ملي ، ٿورا۔ ان هدتيء کي به سلام جنهن اوهان کي شاعريء لاء مجبور ڪيو۔ اميد ته اوهان جو شاعريء وارو سلسلو جاري رهندو۔