سنڌي ادب جي برجستي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اخلاق انصاري جون بي تڪلف ڳالهيون

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ادب جي برجستي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اخلاق انصاري جون روزاني” سڪار“ سان بي تڪلف ڳالهيون!

    ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي/رضوان گل

    • ادبي سڃاڻپ؟
    ڪهاڻيڪار-ناول نگار.

    • ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا؟
    1. رڃ ۾ رابيل-ڪهاڻيون.
    2. مان ڪائنات آهيان-ڪهاڻيون.
    3. اڏوهي-ناول.

    • اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪيترو اٿئو؟
    ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب، ناول، خاڪا، ڪهاڻين جو مجموعو.

    • لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟
    ٻاراڻي الف ب کان شاعري ۽ ڪهاڻيون، گلن جهڙا ٻارڙا ۽ نظم.
    هڪ ننڍڙو ٻالڪ
    هندو ڌرم جو
    آيو آهي پاڻيءَ لاءِ
    هڪ ننڍڙو ٻالڪ
    مومن مسلم آيو آدمي پاڻيءَ لاءِ
    جدا گلاس، جدا مذهب
    پاڻ ۾ ويڇو، پاڻ ۾ نفرت
    پر آهن ٻئي انسان، ٻئي آدم جو اولاد.

    • مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
    غم جهان هو، رخ يار هو يا دست عدو
    سلوڪ جس هي ڪيا هم ني عاشقانه ڪيا-(فيض).

    • ادبي، ثقافتي ادارن جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيو؟
    نه ... بلڪل نه آهيان ... انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، انهن کي ايتري به خبر نه آهي ته انهن جو aim and Object ڇا آهي؟ ... ڪن ڪجهه ٻيو ٿا.

    • لکڻ وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي اٿئو؟
    مون ۾ آهين تون واري ڪيفيت جهڙي.

    • زندگيءَ جو ڪڙو سچ؟
    زندگي خود هڪ وڏو ڪڙو سچ آهي ... پر ان کي امرت سمجهي سدائين پيئڻو آهي ... ۽ پڻ ڀوڳڻو آهي.

    • دوستي توهان جي نظر ۾؟
    ڪنهن ڏاهي چيو آهي ... مون کي منهنجي دوستن کان بچايو، دشمنن سان پاڻهي پڄي پوندس.

    • نئين سرجندڙ ادب مان مطمئن آهيو؟
    ها ... بلڪل..

    • ڪا رهجي ويل خواهش؟
    خواهشون ته سدائين رهجي ويل هونديون آهن.

    • پيار توهان جي نظر ۾؟
    يه عجب قيامتين هين تيري ره گذر ۾ گذران
    نه هوا ڪي مر مٽي هم، نه هوا ڪي جي اٺي هم.

    • ادب جو بنيادي ڪارج ڪهڙو آهي؟
    دلين ۽ دماغ ڇانيل ڪٽ کي لفظن ۽ خيالن سان چمڪائي

    • مڪمل تخليقڪار ۾ ڪهڙيون خوبيون هجڻ گهرجن؟
    وسيع مطالعي، گهري مشاهدي کان پوءِ سپنن، ساڀيائن ۽ سونهن کي سچائي ۽ سادگيءَ سان پيش ڪري.

    • خوشي توهان جي نظر ۾؟
    انڊلٺ جا برسات کان پوءِ نڪري خوبصورت رنگ وکيريندي آ.

    • عورت توهان جي نظر ۾؟
    سامي سج تلاءُ ۾، آهي سهسين روپ
    ڪيترا روپ انوپ، سانجهي ويلي سونهن کي-(اياز).

    • گهڻي ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه تي ايندي اٿئو؟
    منافقي تي.

    • زندگيءَ جي ڪا سڀ کان پياري شيءَ؟
    يادگيريون.

    • زندگي جي وڏي حاصلات؟
    حاصلِ زندگي حسرتون ڪي سوا ڪڇ ڀي نهين
    يه ڪيا نهين، وه هوا نهين، يه ملا نهين، وه رها نهين.

    • لکڻ جو بنيادي محرڪ؟
    اهي سڀ حالتون جيڪي هر ڪنهن کي اتساهينديون آهن ... اڻ برابري ... نا انصافي ... ۽ ڪجهه ڪجهه بلڪه گهڻي پنهنجي تسڪين ۽ تڪميل.

    • پهرين ملاقات ۾ ماڻهو جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
    ” ... ته هو پنهنجي اصليت کي ڪيترو Own ٿو ڪري“.

    • اوهان جي وڏي ڪمزوري؟
    اصل ۾ ڪمزوري به Relation آهي، لمحاتي آهي ... اڄ ڪلهه ... لطيف سائين جي شاعري ٻڌڻ.

    • دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندا؟
    مين عشق ڪائنات مين زنجير هو سڪون
    مجهه ڪو حصارِ ذات ڪي شر سي رها دي-(پروين شاڪر).

    • زندگي توهان جي نظر ۾؟
    اهڙو خواب جنهن جي ٽٽڻ تي ڏک ٿئي.

    • آٽو گراف؟
    ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ-(شاهه).
    _____________________________
    روزانه سُڪار جي ادبي صفحي ڏات جي ٿورن سان

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌي ادب جي برجستي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اخلاق انصاري جون بي تڪلف ڳالهيون

    اخلاق صاحب پنهنجي طرز جو منفرد ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي سندس انٽرويو سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊڻ لا اوهان جون مهربانيون پيارا محمد سليمان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو