• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جسقم چيئرمين بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙو

هڪ قومي هيرو جو وڇوڙو

اڄ صبح ننڊ مان اٿندي ئي اها خبر انتهائي ڏکوئيندڙ ملي ته سنڌ جو قومي هيرو جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين بشير خان قريشي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، (ترجموع اسين به الله جا آهيون ۽ الله ڏانهن ئي موٽندڙن آهيون) يقينن هي وڏو سانحو آهي ۽ سنڌ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. اسان سنڌ واسين کي انتهائي ڏک ٿيو آهي جنهن کي اسان قومي نقصان تصور ڪيون ٿا. بشير خان قريشي جهڙا دلير صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن اسان دعا ٿا ڪيون ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سندس جي خاندان، پارٽي ڪرڪنن ۽ همدردرن کي صبر عطا فرمائي آمين.
 
4ttzd5.jpg


نهايت ڏک ڀري خبر آهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين ۽ سنڌ جي حقن لاء جدوجهد ڪندڙ بشير قريشي رات دير سان ٽي بجي خيرپور ويندي سڪرنڊ ڀرسان دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي۔

انا لله و انا اليه راجعون

بشِر قريشي جي اوچتو وڇوڙي سبب سڄي سنڌ غم ۽ سڪتي جي عالم ۾ آهي۔ سڄي سنڌ سوڳوار آهي ۽ هر اک آلي آهي۔ بشير قريشي پنهنجي آخري جلسي ۾ لکين ماڻهن جي ميڙ کي ڪيل تقرير ۾ سائين جي ايم سيد جي ڳالهين کي ورجائيندي سنڌ جي آزادي جو مطالبو ڪيو هو۔

بشير قريشي 10 آگسٽ 1959ع ۾ رتيديري ۾ جنم ورتو۔

سندس وڇوڙي تي سڄي سنڌ سان گڏ سنڌ سلامت جو سٿ به سندس خاندان سان هن ڏک جي گهڙي ۾ سوڳوار آهي۔ دعاگو آهيون ته رب پاڪ مرحوم جي مغفرت ڪري کيس جنت نصيب ڪري ۽ سندس پوئلڳن ۽ گهر ڀاتين کي صبر جي تلقين ڪري۔۔۔۔۔۔ آمين​
 
جواب: جسقم چيئرمين بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙو

الله تعالى اسان سنڌي قوم کان هڪ سٺو هيرو کسيو آهي ۽ الله تعالى سندس مائٽن کي صبر ڏي۔ ڏک جي خبر آهي۔
 
جواب: جسقم چيئرمين بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙو

الله اڪبر

ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو

اصل دل لاهي وڌي آهي هن خبر، نڀاڳي خبر چئبي جنهن صبح سان ئي اکيون آليون ڪري ڇڏيون ۔۔۔۔ ايئن به ٿيندو آهي ڇا جو اڃان منزل جي طرف قدم کي مس کنيو ويو ته فرشتن ۔۔۔۔ !!!!!!

رب جي رضا جي آڏو ڪير ٿو دانهن ڪري سگهي ۔۔؟؟؟؟؟

لفظ ڪونهن جو ڏک جو اظهار ڪري سگهجي يا افسوس کي بيان ڪري سگهجي ۔۔۔ سنڌ جي حب الوطن دوستن جي آسمان جو هڪ سج لهي ويو آهي ۔۔۔۔

نه سي ووڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون۔

انا لله وانا اليه راجعون
 
جواب: جسقم چيئرمين

” منهنجي سنڌڙي آهي سڏڪن ۾ “​
محترم بشيرخان قريشي جو اوچتو موڪلائي وڃڻ نهايت ڏک وارو سانحو آهي ۔ هي وڏو قومي نقصان آهي ۔ الله پاڪ سندس مغفرت ڪري ۽ جنت ۾ مقام اعلى عطا فرمائي۔ آمين
 
جواب: جسقم چيئرمين بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙو


http://imageshack.us

جان جان هئــي جيئري، ورچـي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيئي، ساريندي کـي سڄڻين.

اي سهڻا دوست؛
الوداع ... الوداع ... الوداع

سنڌ توکي ياد ڪندي ۽ تنهنجو روح سنڌ جي مٿان ڦيريون پائيندو رهندو جيستائين سنڌ آزاد نه ٿيندي،

اي دوست! رهبر سنڌ محترم سائين جي ايم سيد سان گڏجي الله جي در وڃي ٻاڏائجو ته سنڌ جي مالڪي ڪري.

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلـــدار! عالـم سڀ آباد ڪرين.
 
جواب: جسقم چيئرمين بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙو


انا لله و انا اليه راجعون

لاش منھنجي کي مٽي ۾ دفنائجو.
گيت آزادیء جا ئي ورنائجو.ا
جسقم جي چيئر مين محترم بشير خان قريشي جي اچانڪ انتقال تي اسان سنڌ سلامت جي انتظآميه ۽ تمام ميمبر سندن جي وڇوڙي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي پوئلڳن ۽ تمام سنڌي عوام سان تعزيت پيش ڪريون ٿا —
 
قومپرست اڳواڻ ۽ جسقم چيئرمين بشير خان قريشي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري وي

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) جديد قومپرست سياست جي حوالي سان سنڌ جو هڪ قدآور سياسي اڳواڻ ۽ جسقم جو چيئرمين بشير خان قريشي رات دير سان سڪرنڊ ويجهو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، بشير خان قريشي خيرپور ۾ اڳوڻي قومپرست اڳواڻ مجتبيٰ شاهه راشدي جي ورسي تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته دڙي مگسي ڀرسان سندس بلڊ پريشر گهٽجي ويو، کيس ويجهي اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته سندس دم ڌڻي حوالي ٿي چڪو آهي، بشير خان قريشي جنهن پنهنجي سڄي زندگي قومپرستي جي حوالي سان وڏي جدوجهد ۾ گذاري ۽ زندگي جو ڪيترو ئي عرصو جيلن ۾ گذاريو، تنهن جي اوچتي لاڏاڻي سبب سڄي سنڌ ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي، بشير خان جي لاڏاڻي جي خبر ملڻ شرط سندس سوين ڪارڪن سڪرنڊ لڳ اسپتال پهچي ويا، جيڪي اوڇگارون ڏئي روئي رهيا هئا،جڏهن ته سندس ٻيا پارٽي اڳواڻ ۽ ساٿي سندس ڪراچي ۽ رتيديري واري رهائشگاهن تي پهچي رهيا هئا، بشير خان قريشي سنڌ جي عظيم قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد جو وڏو عقيدتمند ۽ عاشق هو ۽ هن پنهنجي زندگي سيد جي فڪر جي ڦهلاءَ ۾ گذاري ڇڏي، بشير خان قريشي 10 آگسٽ 1959ع ۾ پيدا ٿيو، هن 1976ع کان سياست جي شروعات ڪئي ۽ پهرين جساف جو ڪارڪن ۽ بعد ۾ جساف جو مرڪزي اڳواڻ پڻ چونڊيو ويو، بشير خان قريشي کي 1996ع جسقم جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ۽ بعد ۾ جسقم جو چيئرمين ٿيو ۽ آخري وقت تائين ان عهدي تي رهيو، بشير خان قريشي پنهنجي پويان هڪ گهرواري، 4 پٽ ۽ 4 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن،جسقم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل آصف بالادي بشير قريشي جي لاڏاڻي تي چيو آهي ته بشير خان قريشي جي فوت ٿيڻ جو جائزو وٺي رهيا آهيون، تدفين جي هنڌ جو فيصلو پارٽي ۽ خاندان گڏجي ڪندا،هن چيو ته بشير خان انتهائي بهادر ۽ سيد جي سياسي فڪر جو امين هو، ٻئي طرف جسقم جي مرڪزي اڳواڻ نياز ڪالاڻي چيو ته هن سڄي زندگي سنڌ ۽ سيد لاءِ وقف هئي، هن چيو ته ڪراچي فريدم مارچ کانپوءِ پنجاب ۽ ايجنسين جو وڏو دٻاءُ هو ۽ اهي پريشان ڪري رهيون هنيون.هڪ خانگي چئنل مطابق بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ بشير خان قريشي جي تدفين سن ۾ ڪئي ويندي.
 
جواب: قومپرست اڳواڻ ۽ جسقم چيئرمين بشير خان قريشي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري وي


اوچتو هليو وئين تون، درد بيشمار آهي
اي بشير ! تنهنجي لئه، سنڌ سوڳوار آهي

سنَ جي به سائين جو، روح اڄ رنو آهي
سنڌ جي سياست جي، اک اشڪبار آهي

دل جو ڄڻ ته دورو آ، سنڌ کي پيو پيارا
اڄ ته صرف سيني تي، سور ئي سوار آهي

مسرور پيرزادو
 
جواب: جسقم چيئرمين بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙو

موت پويئي موت اڻ مدائتو آئين
سوين سڪندر ماريئي ارڏا ۽ اڻ موٽ
گهايئي اهڙا گهوٽ جن مند نه هئي مرڻ جي
 
Back
Top