• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جسقم چيئرمين بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙو

جواب: جسقم چيئرمين بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙو

سنڌ جو ارڏو ۽ جوڌو اڳواڻ سڄي سنڌ جي ماروئڙن کي روئيندو ڇڏي ايئن هليو ويندو.. ڪنهن کي خبر هئي..
سندس ڪردار صدين تائين ياد رکيو ويندو.. قبائلي جهڳڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ ميڙ ڪري وڃڻ ۽ سنڌو ديش جي لاءِ عملي جاکوڙ سندس سڃاڻپ هئي.. جيڪا ٻئي ڪنهن ليڊر ۾ نه ڏٺيسين.. سندس اکين ۾ سچ جي ٻارڻ سان اهڙي باهه هئي جو ڪنهن کي به ساڻس اکيون ملائڻ جي جرئت نه هئي.. هئه ڙي موت....​
 
جواب: جسقم چيئرمين بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙو

انا لله وانا اليه راجعون
نهايت ڏک جي خبر ٻڌي اکين مان لڙڪ وهي پيا هاڻي تازو ئي 23 مارچ تي سندن سڏ تي سنڌي ماڻهن جو ڪراچيء ۾ هيڏو هجوم ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ائين پئي محسوس ٿيو سنڌي ماڻهو اتحاد تحت منظم ٿي ڪا هڪ راه اختيار ڪري پنهنجو وجود دنيا کي تسليم ڪرائيندا ليڪن هن ڪونڌر جي اچانڪ وڇوڙي هنياء جهوري وڌو۔
 
جواب: جسقم چيئرمين بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙو

انا لله وانا اليه راجعون
الله تعلى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جايون عطا فرماءِ ۽ سندن اهل و عيال ۽ سموري سنڌي هڏ ڍوڪين کي صبر جميل عطا فرماءِ ،
هڪ اهڙو شخص جيڪو هميشه سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪئي ، مرحوم سنڌين کي متحد ڪرڻ ۽ قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرڻ ۾ اڳڀرو هوندو هو ، سندن خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ، مرحوم جي لاڏاڻي کان پوءِ هڪ خال پيدا ٿي ويو آهي جنهن کي ڀرڻ ناممڪن ته ناهي پر مشڪل ضرور آهي ،
 
جواب: جسقم چيئرمين بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙو

انا الله وانا اليه رجعون۔

هڪ بااصول۔ثابت قدم ، سنڌ ۽ سنڌين جي هڏ ڏوکي انسان جي موت تي اسان دل جي گهرائين سان پنهنجي ڏک جو اظهار ٿا ڪيون۔الله پاڪ شل هنن جي لاء هر مسئلي ۾ آسانيون پيدا ڪري ۽ هن جي مغفرت ڪري،هن جي پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي۔
 
بشير خان قريشيءَ جهڙي فضيلت ڀري سياسي ڪارڪن/اڳواڻ جو ڪُمهلو موت

بشير خان قريشيءَ جهڙي فضيلت ڀري سياسي ڪارڪن/اڳواڻ جو ڪُمهلو موت مون سميت سڄيءَ سنڌ لاءِ وڏي ڏک جو باعث آهي. سنڌ کي موجوده ڏکين حالتن ۾ هن جهڙي ماڻهوءَ جي سخت گهرج هئي ۽ سندس موت يقيني طور هڪ قومي سانحو آهي. سنڌ پنهنجي هن بهادر پٽ کي هميشه ياد رکندي!

گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا
 
Back
Top