نوڪري جي تلاش

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مير اشفاق طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2012۔

  1. مير اشفاق

    مير اشفاق
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هو به سنڌ جي انهن ئي لکين نوجوانن مان هڪ هو جيڪي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ رٿابندي ۽ حڪمرانن جي طرفان واضح پاليسون نه هئڻ جي ڪري ائين ئي پريشان پنهنجي زندگي گذاريندا رهندا آهن هر صبح هو هڪ نئين اميد سان جيئڻ جا پساهه کڻندا آهن ۽ هر شام انهن جي مايوسين جي نمايان مظهر هوندي آهي. هن سان منهنجي واقفيت سنڌ يونيورسٽي جي طرفان استادن جي ڀرتي جي لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽ دوران ان وقت ٿي جڏهن هو منهنجي پاسي ۾ ويٺو هو. نهايت ئي سادي طبيعت جو مالڪ هي نوجوان انهي ڏينهن ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ پنهنجي قسمت آزمائي ڪرڻ آيو هو. اتان کان شروعاتي ٿيل حال احوال کان پوءِ هو منهنجو چڱو دوست بنجي ويو. بهرحال انهي ٽيسٽ ۾ بقول هن جي قدرت مٿس مهربان نه ٿي هي 60 سيڪڙو مارڪون کڻي پاس ته ٿي ويو هو پر کيس نوڪري نه ملي سگهي ڇاڪاڻ ته سيٽون ٿوريون هئڻ جي ڪري پروفيشنل ڊگريون رکندڙن کي ترجيح ڏئي هن جهڙن ڪيترن ئي نوجوانن کي پاسيرو ڪيو ويو هو.
    ان بعد به هن همت نه هاري ۽ هو به سنڌ جي انهن ئي لکين نوجوانن مان هڪ نوجوان هو جيڪي نوڪري کي ئي پنهنجي زندگي جو نصب العين سمجھي اپنائيندا آهن ۽ نوڪري اهڙن نوجوانن کان گھڻو ڪري ڪنهن مغرور محبوبا جيان رٺل ئي رهندي آهي. هن کي چيو هئم ته يار! پاڻ تعليم يافته آهيون ڌارين جي لاءِ ته سنڌ دبئي آهي ۽ پاڻ هت سڀ ڪجهه هئڻ جي باوجود به ڪئين ارمان کڻي جيئون ٿا. روز اڀرندڙ سج سان اسان ڪيتريون ئي اميديون کڻي اخبار نهاريندا آهيون پوءِ جيڪڏهن ڪو اشتهار نظر ايندو آهي ته انهي آيل اشتهار ۾ اميدين جا پئله ٻڌي نوڪرين جي لاءِ اپلاءِ ڪندا آهيون ۽ انٽرويو ڏيئڻ کان پوءِ آهستي آهستي اسان جون اميديون به وسامندڙ ٽانڊن جيان پاڻمرادو وسامي وينديون آهن ۽ اسان انهي کي ڇڏي وري نئين اشتهار جي پويان لڳي ويندا آهيون اچ ته انهي ڪرت کي ڇڏي سنڌ جي نوجوانن کي ٻڌايون ته نوڪري سڀ ڪجهه نه آهي محنت ۽ همت سان ماڻهو نوڪري کان بغير به پنهنجو گذارو ڪري سگهي ٿو. هن جواب ڏنو ته اهو سڀ برابر ٺيڪ آهي پر ڌنڌن جي موڙي، زمينن جي بربادي، امن جي خرابي ۽ سرڪار جي متبادل پرائيويٽ سيڪٽر جو نه هئڻ جي ڪري هن وقت سواءِ سرڪاري نوڪري جي حاصلات جي هن وٽ ٻيو ڪوبه بهتر آپشن زير غور نه آهي. هو انهي هڪڙي آپشن کي کڻي هلندو رهيو هڪ دفعي مونکي ٻڌايائين ته رڳو هن جمهوري حڪومت ۾ به هو تيرنهن کاتن جي نوڪرين جي لاءِ اپلائي ڪري ويٺو آهي جنهن ۾ هو ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف هنڌن تي ڪافي دفعا نوڪري جا انٽرويوز ڏيڻ ويو هو. سندس جو خيال آهي ته مٿئين گريڊ جون نوڪريون غريبن کي نٿيون ملي سگهن تنهن ڪري هو بي اي پاس هئڻ جي باوجود به صرف گريڊ هڪ جي نوڪري جي لاءِ ئي اپلائي ڪندو مثلن مالهي ۽ نائب قاصد وغيره.
    هن جو سلسلو ڪافي ڏينهن بلڪ سالن تائين ائين ئي هلندو رهيو. انهي دوران ڪافي دفعا هن بدين جي اقتداري ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي درن تي نوڪري جي لاءِ صدا به هنئي هئي پر کيس ڪابه موٽ نه ملي. هو بدين جي شريف ايم پي اي جي بارگاهه ۾ به نوڪري جي التجا کڻي پهتو هو پر اتان قانوني پوائنٽون سمجھڻ کان سواءِ ٻيو کيس ڪجهه به نصيب نه ٿيو هو. ۽ هو ٽنڊوباگو جي انهي ايم پي اي جي محلات ۾ پڻ ويو هو جنهن کي ڪنهن وقت شير سنڌ سڏيو پئي ويو پر هنجي رٺل محبوبه ڪٿان به پرچي نه سگهي ۽ هو پنهنجي ڦٽل نصيب جون ڪهاڻيون کڻي نا اميدين ۽ حالات جي ستم ۾ جيئندو ئي رهيو. اقتداري ايوانن جا چڪر ڪاٽڻ کان پوءِ هن مونکان پڇيو ته يار پاڻ وارا ايم پي اي ۽ ايم اين اي صاحبان آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهن؟؟؟ جو انهن جي درن تي هنيل هڪ نوڪري جي صدا به سندس جي اگهامي نه سگهي! کيس چيو هوم ته يار تون ۽ آئون جڏهن ووٽ ڏيندا آهيون تڏهن اسان وٽ حالات پيش نظر نه هوندا آهن اسان بس ”جيئي ڀٽو“ ۽ ”ڀيڻ بينظير“ جو نعرو ٻڌندا آهيون ۽ پوءِ دما دم مست قلندر ڪري نچندا ٽپندا ۽ ڪڏندا پنهنجي قسمتن جي لغام اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا آهيون چونڊڻ کان پوءِ ”سائين جن“ سان ملڻ اسان جي لاءِ آسمان جي ڪنهن اجنبي مخلوق سان ملڻ ئي هوندو آهي. کيس سختي سان نصيحت ڪندي چيو هئم ته هاڻ پاڻ کي سنڀالجين ڪٿي ائين نه ٿئي ته وري به ڀٽن ۽ شهيدن جي نالي تي پنهنجي ڀينگ ٿي وڃي. پر همراهه جو اهوئي جواب هو جيڪو اسان جي ٻهراڙين ۾ اڄ ڪلهه اٻوجهه ماڻهو ڏيندا آهن ته ”ادا اسان ته ووٽ بينظير کي ٿا ڏيون هنن کي ته ڪير پڇي به ڪونه ٿو“ پر انهن کي ڪير ٻڌائي ته هوءَ پنهنجي وارو وڄائي چڪي هاڻ انهن ماڻهن کي اقتدار کا وڌيڪ ڀٽن سان ڪوبه سروڪار ناهي هي ته صرف اقتدار جا بکيا اهي ڍنڍ جا پکي آهن جيڪي هڪ هنڌ تي کاڌ خوراڪ ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ اڏامي ٻي ڍنڍ تي هليا ويندا.
    نيٺ هڪ ڏيهن اهڙو آيو جو هن جو ستل نصيب ڪر کڻي اٿي بيٺو نوڪري جيڪا هن اقتداري ڀوتارن جي در در تي پني هئي سا اڄ خود هن وٽ هلي آئي هئي. هن جي هڪ مائٽ نوڪرين جي بازار جي هڪ دلال سان سندس جو رابطو ڪرايو ، دلال جو چوڻ هو ته بابا جهڙا پئسا تهڙي نوڪري هت پئسا پهينڪ تماشا ديکهه واري ڪار لڳي پئي اٿئي منڊي لڳل آهي هرڪو مال پنهنجي اگهه سارو وڪامندو سو جهڙي ناڻو هوندو تهڙي نوڪري ملندئي حڪم ڪر. هو به هلي هلي ٿڪجي پيو، پنڌن ۾ هن کي صرف مايوسيون ئي پلئه پيون انٽرويوز ۾ هو جتان ڪٿان نااهل نڪتو پئي. هن فيصلو ڪري ورتو ته هاڻ هو نوڪري حاصل ڪندو. هن دلال سان ڏيتي ليتي جي معاملي تي ڳالهايو.............................. ڳالهيون طئي ٿيون ڪجهه ايڊوانس ڏئي هو گهر آيو ٻئي ڏينهن اڃان هو ستو ئي پيو هو ته دلال سندس جي گهر تي اچي نوڪري جو آفر آڊر هن جي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيائين ته جلد باقي پئسن جو بندوبست ڪر ته جئين جوائنگ ڪري سگهين. هن کي يقين ئي نه آيو ته هي اهو پنو آهي جنهن جي لاءِ هو پوين ڪيترن ئي سالن کان پريشان هو. ه[JUSTIFY][JUSTIFY][JUSTIFY][/JUSTIFY][/JUSTIFY][/JUSTIFY]و پنهن
    [JUSTIFY][JUSTIFY][/JUSTIFY][/JUSTIFY]​
    جي آفر آڊر کڻي مون وٽ آيو چيائين ته يار قسمت جو پروانو مليو اٿم....................... جنهن ڪاعذ جي ٽڪري جي لاءِ پريشان هئس سو اڄ منهنجي گهر جي در تي پاڻ هلي آيو................. .پر انهي جي حاصلات جي لاءِ کيس گهر جو الهه تلهه ڳهه ڳنا سڀ ڪجهه وڪڻڻو پوندو. چيائين ته بابا ويو آهي ڳوٺ مال ڍور ۽ ڍڳا وڪڻي پئسن جو بندوبست ڪرڻ جي لاءِ ته جئين بقايا ادائيگي ڪري جوائننگ حاصل ڪري سگهان هن جي اها ڳالهه ٻڌي منهنجي زبان مان بي ساخته اهو نڪري ويو ”ايڪ زرداري سڀ په بهاري“.
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نوڪري جي تلاش

    ادا مير اشفاق اسان کي ته اهو دلال به ڪو نه ٿو ملي جنهن کي ڏوڪڙ ڏئي ڪا نوڪري وٺي سگهون!!۔۔۔۔
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: نوڪري جي تلاش

    ادا مير اشفاق صاحب اسلام عليڪم۔توهانجي ليک هن معاشري جي ڪرپٽ سياستدان۔جيڪي عوام جي وٽن سان ايوان اقتدار ۾ مزو ماڻي رهيا آهن کي پنهنجي ڪرتوتن جو آئينو ڏيکاري رهيو آهي۔عام مشاهدي مان توهان جي ٻڌايل ڳالهين ۾ صرف سچ ئي سچ نظرٿو اچي،قوم جي خدمت جو جذبو کڻي ايندڙ سياستدان صرف پنهنجي خدمت ۾ لڳا پيا آهن ۽ غريب انسان ويٺو تڪليفون ڏسي۔شل الله پاڪ اسان جي سياستدانن کي نيڪ هدايت ڏئي تاڪي ،هو عام ماڻهن جي خدمت ڪري سگهن۔توهانجو ليک هڪ تمام نازڪ موضوع جنهن کي اڄ ڪلھ نوڪري جي ڳوله ۾ هر ماڻهون کي منهن ڏيڻو ٿو پوي۔تي مشتمل آهي۔توهانجون مهربانيون۔
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نوڪري جي تلاش

    سٺو مضمون آهي ڳالھ اڃان پڄاڻي ته ناهي پهتي ، حالات حاضره جي تمام بهترين نموني عڪاسي ڪئي اٿو ، پر محترم مير اشفاق مون اهڙا دوست ڏٺا آهن جنهنن کي اهڙو پروانو دلالن کان ته مليو پيسه به هنن پورا ادا ڪيا ، پر ٻن ٽن پگهارن کان پوءِ نوڪري مان نيڪالي مقدر بڻي ، ڪي اهڙا دوست آهن جنهنن کي ڊيوٽي چوائنگ به ملي آهي پر پگهار اڃاڻ آڊيٽ نه ٿي سگهي آهي ، محترم اهڙن ڪمن ۾ 99 سيڪڙو ٺڳي آهي ، سو ڪي دوست شايد اهڙي نموني متان پنهنجو نصيب ڄاڳائن ڪٿي ائين نه ٿئي ته اردو چوڻي وانگر ” نه اِدهر ڪي رهي نه اُدهر ڪي “ جي مصداق ٿي وڃن
     
  5. مير اشفاق

    مير اشفاق
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: نوڪري جي تلاش

    جي بلڪل اسان کي به هن ڪهاڻي جي پڄاڻي جو انتظار آهي پر جئين به ٿئي اسين دعاگو آهيون ته دوست جي حق ۾ بهتر ٿئي۔ باقي مشاهدا ۽ تجربا ته واقعي ڪجهه ٻيو ٻڌائين ٿا۔ جو ڪجهه به لکيو اٿم انهي کي پسند ڪرڻ تي توهان دوستن جي مهرباني مون جئين هن جي قصي کي پرکيو آهي تئين بحيثيت هڪ نوجوان هئڻ جي لکيو اٿم۔ مون ڪوشش ڪئي آهي ته هن جو قصي مان انهي بيروزگار سنڌي نوجوان جي عڪاسي ٿئي جيڪو هن وقت بيروزگاري جي عذاب مان گذري رهيو آهي۔ ڪجهه دوستن لکيو آهي ته هو وري به خوشقسمت آهي جو کيس دلال ملي ويو نه ته اسان کي ته اهڙو ڪو دلال به نٿو ملي وغيره۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي ها بلڪل هو به ڪافي پريشان هو انهي مسئلي تي ته ڪو ڀروسي وارو ماڻهو نٿو ملي جنهن جي وات ۾ ٻه پئسا وجهي نوڪري وٺجي۔ پر پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ نه ڪو سفارشين جي ڪا ڪمي آهي نه ڪي وري دلالن جي۔ صرف ڀروسي وارو ماڻهو ڳولهڻ ڪجهه مسئلو آهي۔ هاڻ ويهي انهي سڄي ڪلچر تي سوچجي ته پئسا ڏئي يا سفارشي ڪلچر تي جڏهن ڪي ماڻهو سرڪاري دفترن ۾ پهچندا ته پو انهن دفترن جي ڇا حالت هوندي؟ اهي انهن کي پنهنجي ابي جي جاگير سمجهي هلائيندا يا عوام جي خدمت ڪندا؟؟؟ انهي جي سوچ پئسو ئي هوندو ڇاڪاڻ ته اهي واپار ڪري آيا آهن تنهن ڪري اهي ادارن ۾ پهچي ماڻهن جون ابتيون کلون لاهڻ کان به گريز نه ڪندا ته ٻي پاسي سفارشي ماڻهن جي ڪري تباهه حال ادارا ويتر وڌيڪ تباهي ڏانهن ويندا۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نوڪري جي تلاش

    سائين اشفاق صاحب اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار

    اوهان جي ڪهاڻي نه پر حقيقت تي ٻڌل سچ آهي۔ اڄڪلهه جون حالتون عجيب آهن، جتي ميرٽ ته ڪا نالي ماتر به ناهي بچي۔ عوام ويچارو سدائين بيوقوف بڻيو آهي ۽ اڃان به ڪا بهتري نظر ڪونه پئي اچي۔

    ڪاش ڪو اهڙو واء گهلي جنهن ۾ حقدارن کي پنهنجا حق ملن ۔۔۔۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔۔ اميد ته اوهان سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀريندا رهندا ۽ پنهنجا خيال اسان سان ونڊ ڪري ، ڪجهه اسان جي به رهنمائي ڪندا رهندا۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نوڪري جي تلاش

    اڳي زماني جي ڳالهين ۾ هڪ ڪردار هوندو هو جيڪو هڪ ئي وقت روئيند به هو ته کلندو به هو، پوءِ جڏهن ماڻهون کائنس پڇندا هيا ته ابا ”روئين به ٿو ۽ وري کلين به ٿو“ ان ۾ ڪهڙو راز ۔۔؟؟؟ ته اهو ڪردار پوءِ ڳالهه کڻي ٻڌائيندو ۽ ان کلڻ روئڻ واري ڳجهارت ڀڃي ٻڌائيندو هو ۔۔۔

    سو ادا اوهانجي آکاڻي پڙهي آءُ هر کلان ٿو هر روئان ٿو ۔۔۔

    اوهان پڇندا ته اهو وري ڪيئن؟

    ادا سائين کلان ٿو پنهنجي قوم جي جهالت تي ۽ روئان ٿو الله جي عذاب تي ۔۔۔ اڄ اسين جنهن جهالت جو مظاهرو ڪري پنهنجا نمائينده چونڊي ۽ سياسي ۽ رياستي سگهه انهن جي حوالي ڪريون ٿا، جن جو عوام سان ڪو واسطو ئي ناهي ۽ نه انهن جي ڪنهن مفاد جو اونو اٿن ۔۔۔

    ياد رکو ظالم حڪمران عذاب الاهي هوندا آهن ۽ عذاب الاهي قوم جي پنهنجن ڏوهن سبب ايندا آهن ۔۔۔۔ اچو ته اسين سڀ پنهنجي پنهنجي اندر مان ان ڏوهاري انسان کي ڪڍي ڦٽو ڪريون ته قسم آهي ان پروردگار جو ته الله جو رحم ٿيندو ۽ اسانجي حالت تبديل ٿيندي ۔۔۔

    نه ته اهڙيون آکاڻيون ڪروڙين ۔۔۔ نير کٽي ويندا پر حالت نه بدلبي۔۔۔۔

    رب العالمين اسانکي سمجهه عطا ڪري ۽ ڏوهن کان ٻاهر ڪڍي اچي ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو