هو به سنڌ جي انهن ئي لکين نوجوانن مان هڪ هو جيڪي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ رٿابندي ۽ حڪمرانن جي طرفان واضح پاليسون نه هئڻ جي ڪري ائين ئي پريشان پنهنجي زندگي گذاريندا رهندا آهن هر صبح هو هڪ نئين اميد سان جيئڻ جا پساهه کڻندا آهن ۽ هر شام انهن جي مايوسين جي نمايان مظهر هوندي آهي. هن سان منهنجي واقفيت سنڌ يونيورسٽي جي طرفان استادن جي ڀرتي جي لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽ دوران ان وقت ٿي جڏهن هو منهنجي پاسي ۾ ويٺو هو. نهايت ئي سادي طبيعت جو مالڪ هي نوجوان انهي ڏينهن ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ پنهنجي قسمت آزمائي ڪرڻ آيو هو. اتان کان شروعاتي ٿيل حال احوال کان پوءِ هو منهنجو چڱو دوست بنجي ويو. بهرحال انهي ٽيسٽ ۾ بقول هن جي قدرت مٿس مهربان نه ٿي هي 60 سيڪڙو مارڪون کڻي پاس ته ٿي ويو هو پر کيس نوڪري نه ملي سگهي ڇاڪاڻ ته سيٽون ٿوريون هئڻ جي ڪري پروفيشنل ڊگريون رکندڙن کي ترجيح ڏئي هن جهڙن ڪيترن ئي نوجوانن کي پاسيرو ڪيو ويو هو.
ان بعد به هن همت نه هاري ۽ هو به سنڌ جي انهن ئي لکين نوجوانن مان هڪ نوجوان هو جيڪي نوڪري کي ئي پنهنجي زندگي جو نصب العين سمجھي اپنائيندا آهن ۽ نوڪري اهڙن نوجوانن کان گھڻو ڪري ڪنهن مغرور محبوبا جيان رٺل ئي رهندي آهي. هن کي چيو هئم ته يار! پاڻ تعليم يافته آهيون ڌارين جي لاءِ ته سنڌ دبئي آهي ۽ پاڻ هت سڀ ڪجهه هئڻ جي باوجود به ڪئين ارمان کڻي جيئون ٿا. روز اڀرندڙ سج سان اسان ڪيتريون ئي اميديون کڻي اخبار نهاريندا آهيون پوءِ جيڪڏهن ڪو اشتهار نظر ايندو آهي ته انهي آيل اشتهار ۾ اميدين جا پئله ٻڌي نوڪرين جي لاءِ اپلاءِ ڪندا آهيون ۽ انٽرويو ڏيئڻ کان پوءِ آهستي آهستي اسان جون اميديون به وسامندڙ ٽانڊن جيان پاڻمرادو وسامي وينديون آهن ۽ اسان انهي کي ڇڏي وري نئين اشتهار جي پويان لڳي ويندا آهيون اچ ته انهي ڪرت کي ڇڏي سنڌ جي نوجوانن کي ٻڌايون ته نوڪري سڀ ڪجهه نه آهي محنت ۽ همت سان ماڻهو نوڪري کان بغير به پنهنجو گذارو ڪري سگهي ٿو. هن جواب ڏنو ته اهو سڀ برابر ٺيڪ آهي پر ڌنڌن جي موڙي، زمينن جي بربادي، امن جي خرابي ۽ سرڪار جي متبادل پرائيويٽ سيڪٽر جو نه هئڻ جي ڪري هن وقت سواءِ سرڪاري نوڪري جي حاصلات جي هن وٽ ٻيو ڪوبه بهتر آپشن زير غور نه آهي. هو انهي هڪڙي آپشن کي کڻي هلندو رهيو هڪ دفعي مونکي ٻڌايائين ته رڳو هن جمهوري حڪومت ۾ به هو تيرنهن کاتن جي نوڪرين جي لاءِ اپلائي ڪري ويٺو آهي جنهن ۾ هو ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف هنڌن تي ڪافي دفعا نوڪري جا انٽرويوز ڏيڻ ويو هو. سندس جو خيال آهي ته مٿئين گريڊ جون نوڪريون غريبن کي نٿيون ملي سگهن تنهن ڪري هو بي اي پاس هئڻ جي باوجود به صرف گريڊ هڪ جي نوڪري جي لاءِ ئي اپلائي ڪندو مثلن مالهي ۽ نائب قاصد وغيره.
هن جو سلسلو ڪافي ڏينهن بلڪ سالن تائين ائين ئي هلندو رهيو. انهي دوران ڪافي دفعا هن بدين جي اقتداري ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي درن تي نوڪري جي لاءِ صدا به هنئي هئي پر کيس ڪابه موٽ نه ملي. هو بدين جي شريف ايم پي اي جي بارگاهه ۾ به نوڪري جي التجا کڻي پهتو هو پر اتان قانوني پوائنٽون سمجھڻ کان سواءِ ٻيو کيس ڪجهه به نصيب نه ٿيو هو. ۽ هو ٽنڊوباگو جي انهي ايم پي اي جي محلات ۾ پڻ ويو هو جنهن کي ڪنهن وقت شير سنڌ سڏيو پئي ويو پر هنجي رٺل محبوبه ڪٿان به پرچي نه سگهي ۽ هو پنهنجي ڦٽل نصيب جون ڪهاڻيون کڻي نا اميدين ۽ حالات جي ستم ۾ جيئندو ئي رهيو. اقتداري ايوانن جا چڪر ڪاٽڻ کان پوءِ هن مونکان پڇيو ته يار پاڻ وارا ايم پي اي ۽ ايم اين اي صاحبان آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهن؟؟؟ جو انهن جي درن تي هنيل هڪ نوڪري جي صدا به سندس جي اگهامي نه سگهي! کيس چيو هوم ته يار تون ۽ آئون جڏهن ووٽ ڏيندا آهيون تڏهن اسان وٽ حالات پيش نظر نه هوندا آهن اسان بس ”جيئي ڀٽو“ ۽ ”ڀيڻ بينظير“ جو نعرو ٻڌندا آهيون ۽ پوءِ دما دم مست قلندر ڪري نچندا ٽپندا ۽ ڪڏندا پنهنجي قسمتن جي لغام اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا آهيون چونڊڻ کان پوءِ ”سائين جن“ سان ملڻ اسان جي لاءِ آسمان جي ڪنهن اجنبي مخلوق سان ملڻ ئي هوندو آهي. کيس سختي سان نصيحت ڪندي چيو هئم ته هاڻ پاڻ کي سنڀالجين ڪٿي ائين نه ٿئي ته وري به ڀٽن ۽ شهيدن جي نالي تي پنهنجي ڀينگ ٿي وڃي. پر همراهه جو اهوئي جواب هو جيڪو اسان جي ٻهراڙين ۾ اڄ ڪلهه اٻوجهه ماڻهو ڏيندا آهن ته ”ادا اسان ته ووٽ بينظير کي ٿا ڏيون هنن کي ته ڪير پڇي به ڪونه ٿو“ پر انهن کي ڪير ٻڌائي ته هوءَ پنهنجي وارو وڄائي چڪي هاڻ انهن ماڻهن کي اقتدار کا وڌيڪ ڀٽن سان ڪوبه سروڪار ناهي هي ته صرف اقتدار جا بکيا اهي ڍنڍ جا پکي آهن جيڪي هڪ هنڌ تي کاڌ خوراڪ ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ اڏامي ٻي ڍنڍ تي هليا ويندا.
نيٺ هڪ ڏيهن اهڙو آيو جو هن جو ستل نصيب ڪر کڻي اٿي بيٺو نوڪري جيڪا هن اقتداري ڀوتارن جي در در تي پني هئي سا اڄ خود هن وٽ هلي آئي هئي. هن جي هڪ مائٽ نوڪرين جي بازار جي هڪ دلال سان سندس جو رابطو ڪرايو ، دلال جو چوڻ هو ته بابا جهڙا پئسا تهڙي نوڪري هت پئسا پهينڪ تماشا ديکهه واري ڪار لڳي پئي اٿئي منڊي لڳل آهي هرڪو مال پنهنجي اگهه سارو وڪامندو سو جهڙي ناڻو هوندو تهڙي نوڪري ملندئي حڪم ڪر. هو به هلي هلي ٿڪجي پيو، پنڌن ۾ هن کي صرف مايوسيون ئي پلئه پيون انٽرويوز ۾ هو جتان ڪٿان نااهل نڪتو پئي. هن فيصلو ڪري ورتو ته هاڻ هو نوڪري حاصل ڪندو. هن دلال سان ڏيتي ليتي جي معاملي تي ڳالهايو.............................. ڳالهيون طئي ٿيون ڪجهه ايڊوانس ڏئي هو گهر آيو ٻئي ڏينهن اڃان هو ستو ئي پيو هو ته دلال سندس جي گهر تي اچي نوڪري جو آفر آڊر هن جي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيائين ته جلد باقي پئسن جو بندوبست ڪر ته جئين جوائنگ ڪري سگهين. هن کي يقين ئي نه آيو ته هي اهو پنو آهي جنهن جي لاءِ هو پوين ڪيترن ئي سالن کان پريشان هو. هو پنهنجي آفر آڊر کڻي مون وٽ آيو چيائين ته يار قسمت جو پروانو مليو اٿم....................... جنهن ڪاعذ جي ٽڪري جي لاءِ پريشان هئس سو اڄ منهنجي گهر جي در تي پاڻ هلي آيو................. .پر انهي جي حاصلات جي لاءِ کيس گهر جو الهه تلهه ڳهه ڳنا سڀ ڪجهه وڪڻڻو پوندو. چيائين ته بابا ويو آهي ڳوٺ مال ڍور ۽ ڍڳا وڪڻي پئسن جو بندوبست ڪرڻ جي لاءِ ته جئين بقايا ادائيگي ڪري جوائننگ حاصل ڪري سگهان هن جي اها ڳالهه ٻڌي منهنجي زبان مان بي ساخته اهو نڪري ويو ”ايڪ زرداري سڀ په بهاري“.
ان بعد به هن همت نه هاري ۽ هو به سنڌ جي انهن ئي لکين نوجوانن مان هڪ نوجوان هو جيڪي نوڪري کي ئي پنهنجي زندگي جو نصب العين سمجھي اپنائيندا آهن ۽ نوڪري اهڙن نوجوانن کان گھڻو ڪري ڪنهن مغرور محبوبا جيان رٺل ئي رهندي آهي. هن کي چيو هئم ته يار! پاڻ تعليم يافته آهيون ڌارين جي لاءِ ته سنڌ دبئي آهي ۽ پاڻ هت سڀ ڪجهه هئڻ جي باوجود به ڪئين ارمان کڻي جيئون ٿا. روز اڀرندڙ سج سان اسان ڪيتريون ئي اميديون کڻي اخبار نهاريندا آهيون پوءِ جيڪڏهن ڪو اشتهار نظر ايندو آهي ته انهي آيل اشتهار ۾ اميدين جا پئله ٻڌي نوڪرين جي لاءِ اپلاءِ ڪندا آهيون ۽ انٽرويو ڏيئڻ کان پوءِ آهستي آهستي اسان جون اميديون به وسامندڙ ٽانڊن جيان پاڻمرادو وسامي وينديون آهن ۽ اسان انهي کي ڇڏي وري نئين اشتهار جي پويان لڳي ويندا آهيون اچ ته انهي ڪرت کي ڇڏي سنڌ جي نوجوانن کي ٻڌايون ته نوڪري سڀ ڪجهه نه آهي محنت ۽ همت سان ماڻهو نوڪري کان بغير به پنهنجو گذارو ڪري سگهي ٿو. هن جواب ڏنو ته اهو سڀ برابر ٺيڪ آهي پر ڌنڌن جي موڙي، زمينن جي بربادي، امن جي خرابي ۽ سرڪار جي متبادل پرائيويٽ سيڪٽر جو نه هئڻ جي ڪري هن وقت سواءِ سرڪاري نوڪري جي حاصلات جي هن وٽ ٻيو ڪوبه بهتر آپشن زير غور نه آهي. هو انهي هڪڙي آپشن کي کڻي هلندو رهيو هڪ دفعي مونکي ٻڌايائين ته رڳو هن جمهوري حڪومت ۾ به هو تيرنهن کاتن جي نوڪرين جي لاءِ اپلائي ڪري ويٺو آهي جنهن ۾ هو ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف هنڌن تي ڪافي دفعا نوڪري جا انٽرويوز ڏيڻ ويو هو. سندس جو خيال آهي ته مٿئين گريڊ جون نوڪريون غريبن کي نٿيون ملي سگهن تنهن ڪري هو بي اي پاس هئڻ جي باوجود به صرف گريڊ هڪ جي نوڪري جي لاءِ ئي اپلائي ڪندو مثلن مالهي ۽ نائب قاصد وغيره.
هن جو سلسلو ڪافي ڏينهن بلڪ سالن تائين ائين ئي هلندو رهيو. انهي دوران ڪافي دفعا هن بدين جي اقتداري ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي درن تي نوڪري جي لاءِ صدا به هنئي هئي پر کيس ڪابه موٽ نه ملي. هو بدين جي شريف ايم پي اي جي بارگاهه ۾ به نوڪري جي التجا کڻي پهتو هو پر اتان قانوني پوائنٽون سمجھڻ کان سواءِ ٻيو کيس ڪجهه به نصيب نه ٿيو هو. ۽ هو ٽنڊوباگو جي انهي ايم پي اي جي محلات ۾ پڻ ويو هو جنهن کي ڪنهن وقت شير سنڌ سڏيو پئي ويو پر هنجي رٺل محبوبه ڪٿان به پرچي نه سگهي ۽ هو پنهنجي ڦٽل نصيب جون ڪهاڻيون کڻي نا اميدين ۽ حالات جي ستم ۾ جيئندو ئي رهيو. اقتداري ايوانن جا چڪر ڪاٽڻ کان پوءِ هن مونکان پڇيو ته يار پاڻ وارا ايم پي اي ۽ ايم اين اي صاحبان آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهن؟؟؟ جو انهن جي درن تي هنيل هڪ نوڪري جي صدا به سندس جي اگهامي نه سگهي! کيس چيو هوم ته يار تون ۽ آئون جڏهن ووٽ ڏيندا آهيون تڏهن اسان وٽ حالات پيش نظر نه هوندا آهن اسان بس ”جيئي ڀٽو“ ۽ ”ڀيڻ بينظير“ جو نعرو ٻڌندا آهيون ۽ پوءِ دما دم مست قلندر ڪري نچندا ٽپندا ۽ ڪڏندا پنهنجي قسمتن جي لغام اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا آهيون چونڊڻ کان پوءِ ”سائين جن“ سان ملڻ اسان جي لاءِ آسمان جي ڪنهن اجنبي مخلوق سان ملڻ ئي هوندو آهي. کيس سختي سان نصيحت ڪندي چيو هئم ته هاڻ پاڻ کي سنڀالجين ڪٿي ائين نه ٿئي ته وري به ڀٽن ۽ شهيدن جي نالي تي پنهنجي ڀينگ ٿي وڃي. پر همراهه جو اهوئي جواب هو جيڪو اسان جي ٻهراڙين ۾ اڄ ڪلهه اٻوجهه ماڻهو ڏيندا آهن ته ”ادا اسان ته ووٽ بينظير کي ٿا ڏيون هنن کي ته ڪير پڇي به ڪونه ٿو“ پر انهن کي ڪير ٻڌائي ته هوءَ پنهنجي وارو وڄائي چڪي هاڻ انهن ماڻهن کي اقتدار کا وڌيڪ ڀٽن سان ڪوبه سروڪار ناهي هي ته صرف اقتدار جا بکيا اهي ڍنڍ جا پکي آهن جيڪي هڪ هنڌ تي کاڌ خوراڪ ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ اڏامي ٻي ڍنڍ تي هليا ويندا.
نيٺ هڪ ڏيهن اهڙو آيو جو هن جو ستل نصيب ڪر کڻي اٿي بيٺو نوڪري جيڪا هن اقتداري ڀوتارن جي در در تي پني هئي سا اڄ خود هن وٽ هلي آئي هئي. هن جي هڪ مائٽ نوڪرين جي بازار جي هڪ دلال سان سندس جو رابطو ڪرايو ، دلال جو چوڻ هو ته بابا جهڙا پئسا تهڙي نوڪري هت پئسا پهينڪ تماشا ديکهه واري ڪار لڳي پئي اٿئي منڊي لڳل آهي هرڪو مال پنهنجي اگهه سارو وڪامندو سو جهڙي ناڻو هوندو تهڙي نوڪري ملندئي حڪم ڪر. هو به هلي هلي ٿڪجي پيو، پنڌن ۾ هن کي صرف مايوسيون ئي پلئه پيون انٽرويوز ۾ هو جتان ڪٿان نااهل نڪتو پئي. هن فيصلو ڪري ورتو ته هاڻ هو نوڪري حاصل ڪندو. هن دلال سان ڏيتي ليتي جي معاملي تي ڳالهايو.............................. ڳالهيون طئي ٿيون ڪجهه ايڊوانس ڏئي هو گهر آيو ٻئي ڏينهن اڃان هو ستو ئي پيو هو ته دلال سندس جي گهر تي اچي نوڪري جو آفر آڊر هن جي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيائين ته جلد باقي پئسن جو بندوبست ڪر ته جئين جوائنگ ڪري سگهين. هن کي يقين ئي نه آيو ته هي اهو پنو آهي جنهن جي لاءِ هو پوين ڪيترن ئي سالن کان پريشان هو. ه