جمهوريت ڇا آهي؟جمهويت لفظ پنهنجي اصل عربي زبان جي لحاظ کان ڪو خراب ڪونهي . علامه ابن منظور رح جمهوريت جي تعريف هن طرح ڪئي آهي ” جمهوريٽ ” ڀِٽ “ يعني هن ڍير کي چئبو آهي جيڪا پنهنجي چوڌاري زمين کان مٿائين ۾ هجي ۽ گڏ ٿيل ۽ ته مٿان ته ريتيلي مٽي جي وڏي ميدان کي به ” جمهوره“ چئبو آهي . جمهور الناس کان مراد آهي ته ماڻهن جي ممتاز ۽ نمايان فردن جي ڪثرت “ (لسان العرب) حديث ، فقه ۽ لغت جي ڪتابن ۾ لفظ جمهور هن ئي مفهوم ۾ بار بار اچي ٿو . معنى اها نڪتي ته نمايان ۽ بلند مرتبه فردن جي مفهوم جي اعتبار سان هن جي استعمال ۾ ڪو قباحت ناهي . اسلامي رياست جو سربراه ” جمهور الناس “ يا هنن جي نمائندن (اهل الحل و العقد) جو منتخب ٿيل ۽ معتمد هجڻ ضروري آهي ۽ هن لحاظ کان اسلامي نظامِ حڪومت به جمهوري ۽ شورائي نظام آهي ، پر هتي زير بحث لفظ جمهوريت مان عالمن ۽ فقيهن جو متعارف ٿيل ۽ معروف لفظ جمهور نه آهي بلڪه ” ڊيموڪريسي “ جو متاردف لفظ مراد آهي . اوله وارن جمهوريت جو تصور عربي اصطلاح مان نه بلڪه يوناني لفظ ڊيموڪريسي کان اخد ڪيو آهي جنهن جي معنى عوام جي حڪومت عوام جي ذريعي عوام جي لاءِ . هن نظام ۾ معيار حق ۽ ماخدِ قانون عوام جي مرضي تي رکيل هوندي آهي . جمهور الناس مختارِ ڪل ۽ مقتدر اعلى هوندا آهن ( يعني اڇي ڪاري جا مالڪ) ۽ جمهوريت رڳو ڇڙواڳ هوندي آهي . هن نظام ۾ قومي ۽ عوامي نمائندن لاءِ دين ۽ آسماني ڪتابن يا اخلاقي قدرن جي تابعداري ضروري ناهي هوندي ، بلڪه عوام جي مرضي ۽ هنن جي پسند جي اطاعت ۽ وفاداري لازمي هوندي آهي مطلب عوام ئي خدا ۽ عوامي نمائندا نعوذ بالله هنن جا رسول هوندا آهن . ڊيموڪريسي جو پسِ منظر ڊيموڪريسي دراصل بادشاهت ۽ پاپائيت (ٿياڪريسي) جي رد عمل ۾ آئي . ماڻهو جڏهن بادشاهن جي بربريت ۽ پوپ جي ڏاڍ کان تنگ ٿيا ته هنن بي لغام آزادي جو رستو اختيار ڪيو ۽ سيڪيولر جمهوريت کي آزادي جو منزل ڪوٺيائون . آزادي جي شوق ۾ اهي ماڻهو بادشاه ۽ پوپ سان گڏ خدا ، رسول ، مذهب ۽ اخلاقي قدرن کان به آزاد ٿي ويا . تاريخي دور کان اڳ برطانيه جي جزيري ۾ مختلف نسلن جا ماڻهو آيا جيڪي مختلف هندن کان اچي آباد ٿيا هئا . هنن مان گهڻائي برطنن جي هئي جنهنن جي نسبت سان هن جزيري جو نالو برطانيه پئجي ويو 57 ق م کان 450 عيسوي تائين انگلستان ۾ رومي شاهنشاهيت جو قبضو رهيو يعني 507 سال برطنن آزادي جي جدوجهد ڪئي پر ناڪام رهيا ، هنئي آزادي جي سلسلي ۾ ملڪه بوڊيشيا کي اڄ تائين قومي هيرو جو درجو حاصل آهي . رومين کان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ برطانيا جي عوام فيبروري 1689 ع ۾ بنيادي حقن جو اعلان ڪيو 1235 ع ۾ مختلف غير ملڪين خاندانن ڇرواگيت ، موروثي بادشاهت ۽ نوازيل جاگيردارن جي غلامي ۾ گرفتار رهيا . جيتوڻيڪ 1214 ع ۾ ميگنا ڪارٽا يعني ” وڏي منشور“ تي بادشاه دستخط ڪري ڇڏيا هئا جنهن کي انگلستان جي تاريخ ۾ جمهوريت جو سنگ بنياد چيو وڃي ٿو ، پر حقيقت اها آهي ته اهو منشور رڳو وڏن صنعت ڪارن ۽ سرمايه دارن لاءِ هو ، هارين ، محنت ڪشن ۽ غريب عوام لاءِ هن ۾ ڪو فائدو ڪون رکيل هو ، هن ئي نموني 1240 ع ۾ ”شاهي وڏي مجلس“ کي ”پارليمنٽ“ جو نالو ڏنو ويو پر اهو سڀ ڪجه نالي ماتر هو ، حقيقت ۾ جاگيردارن ۽ اميرن جي من مانيون هلنديون رهيون . 1649ع ۾ هن وقت جي بادشاه چارلس اول (پهريون) کي جمهوريت پسندن ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو ۽ جمهوري حڪومت به قائم ڪري ورتي پر ٺيڪ يارهن سالن کان پوءِ 1660 ع ۾ پارليمنٽ چارلس ثاني (ٻئي) کي بادشاهت جي گدي تي وهاري ڇڏيو . 1689 ع کان وٺي اڄ تائين آئيني بادشاهت کي ماڻهن سيني سان لڳائي رکيو آهي ۽ قوم جو خزانو هن سکڻي نالي جي ” تاج برطانيه“ مٿان خرچ ڪيو پيو وڃي . مغربي (اوله) تمدن جو شجرو قديم يوناني ۽ رومي تمدن سان ملي ٿو ۽ اهوئي هنن جو مرڪز آهي .هن ئي تمدن مان اهل مغرب نه رڳو شهنشاهيت سکي بلڪه ماده پرستي به هنن کي هتان ئي ميراث ۾ ملي آهي . يوناني تهذيب جي اصل خاصيت ئي ماده پرستي آهي . افلاطون پنهنجي ڪتاب ” رياست “ ۾ نوجوانن کي بي قيد زندگي ۽ نه ختم ٿيڻ واري حرص وڏي درد ۽ ڪرب سان ذڪر ڪيو آهي . هو پاڻ توحيد ۽ اخلاقي قيودن جو قائل هو پر هن جو ماحول خدا جو منڪر ۽ ماده پرست جو پرستار هو . يونانين جا جانشين رومي هئا پر ماديت ۽ حيوانيت ۾ اهي پنهنجي اسلافن کان به اگتي نڪري ويا . ماده پرستي جي سيلاب کي روڪڻ لاءِ رهبانيت (1) ايجاد ڪئي وئي پر هن پاپائيت جي شڪل اختيار ڪري دنيا پرستي جي ماضي جي سڀني رڪارڊن کي ٽوري ڇڏيو ۽ عقليت پسندي جو قتل عام شروع ٿي ويو . عوام بادشاهت ۽ پاپائيت جي ٻٽي مظالمن ۾ گرفتار ٿي ويا * غلامي جي ٻٽي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويا . عوام حقيقي دين اسلام کان ناواقف هئا ۽ بادشاهن ۽ پاپائيت مان تنگ ٿي چڪا هئا ، هن ڪري رد عمل جي طور تي مذهبي روايتن جي خلاف هنن جي اندر دشمني ۽ تعصب جنم ورتو ، شروع ۾ مغرب جي فلسفي نيچرل ازم مادي اشياءَ جي تصور سان گڏوگڏ خدا جي هستي جا قائل هئا . ”ڊيڪارٽ“ (ُوفات 1650ع) ڱي مغربي فلسفي جو ابو سمجهيو ٿو وڃي هڪڙي پاسي هو خدا جو قائل هو ۽ ٻئي پاسي چوندو هو ته اهو عالم طبعي قوانينن جي آڌار تي پنهنجي پاڻ هلي رهيو آهي ۽ خدا جو هن سان ڪو به تعلق ناهي . ”لوتهر“ 1866ع ۾ اصلاحي تحريڪ هلائي پر هو ماديت ۽ تذبذب ۽ شڪ شبه جي جيوڙن جو مقابلو نه ڪري سگهيو . شڪ شبه ۽ تذبذب جو دور هلي رهيو هو پوءِ 1859ع ۾ ” ڊارون“ جو نظريو کڙ کنيو هن پنهنجي ڪتاب ( اصل انواع) شائع ڪيو هن اهو نظريو ڏنو ته انسان ڀولڙي جيان ڪنهن مخلوق جي ترقي يافته شڪل آهي ۽ هن جو اصل مقصد خواهش نفس جي تڪميل ، دنيا جي آراشن مان لطف حاصل ڪرڻ ۽ هن مان فائدو وٺڻ آهي . ڪائنات جو هي سارو نظام طبعي قوانين ۽ نيچريت جي آڌار تي هلي رهيو آهي ، نه ڪو خدا آهي نه ڪو رسول ۽ نه ڪو آخرت ۽ نه روح انسان آهي . ” ڪارل مارڪس“ ” اينگلس“ جي تعاون سان 1847 ع ۾ هڪ ” ڪميونسٽ ليگ“ جو بنياد وڌو. هنن ٻنهي ملي ڪري ” ڪميونسٽ ميني فيٽو“ مرتب ڪيو مارڪس ڊارون جي ارتقائي فلسفي کي بنياد بڻائي چيو ته انسان محض هڪ جانور آهي جيڪو ماني گپي لاءِ وڙهندو ٿو رهي ، طبقاتي ڪشمڪش ۽ فلسفهِ جدليت ماڪس ازم جو اصل بنياد آهي هن چيو ته مذهب هڪ ” افيون“ آهي ۽ ڪميون ازم مذهب جو خاتو ڪري ٿو ۽ مذهب جي آڌار تي مبني اخلاقي قدرن جو خاتمو ڪري ٿو . ” سگمنڊ فرائڊ“ 1900 ع ۾ پنهنجي ڪتاب ” تعبير خواب“ لکيو ۽ 1904 ۾ هن پنهنجي ٻي ڪتاب ” روزاني زندگي جي نفسيات“ شائع ڪئي . اهو شخص نئي علم مفسيات جو باني سمجهيو ويندو آهي . هنئي ڊارون نظريعي کي اڳتي وڌايو ۽ چيو ته انسان خواهشن ۽ شهوتن کان سواءِ زنده نٿو رهي سگهي . ڏوه هن جي فطرت ۾ سمايل آهي (2) . هن کي مڪمل آزادي ملڻ گهرجي ، خدا مذهب ۽ اخلاق سڀ معاشري جي دباو جي پيداوار آهي ۽ حقيقت ۾ اهي سڀ ڳالهيون وهم کان سواءِ ڪجه به ناهن. ............................................................................................................ (1) رهبانيت ؛ قرآن ۾ صورت الصف جي آيت مبارڪه آهي ته نصرانين (عيسائين) رهبانيت جنهن جو مطلب بيابانن ۽ جهنگلن ۾ رياضتون ڪرڻ ٻک ڪاٽڻ هو اختيار ڪيائون حالانڪه هن جو حڪم هنن کي ڪون هو . (2) حديث شريف ۾ اچي ٿو ته انسان پنهنجي فطرت تي ڄمي ٿو پوءِ هن جا والدين هن کي يهودي يا نصراني بڻاين ٿي ، مطلب انسان دين اسلام واري فطرت تي پيدا ٿئي ٿو پوءِ هن جي والدين هن کي ٻين مذهبن ڏي ڇڪي ويندا آهن . .......................................................................................................... نوٽ ؛ مضمون جي طوالت کان بچندي هتي ختم ڪريان ٿو جو مضمون ڊڳهي ٿيڻ جي صورت ۾ پڙهندڙن کي يڪسوئي قائم رکڻ مشڪل ٿي پوندو آهي ۽ مختصر مضمون ۾ اها خوبي هوندي آهي جو هر ڪو هن کي پڙهي سگهندو آهي . مضمون پيش ڪرڻ جو اصل مقصد ” جمهوريت تي روشني وجهڻ هئي پر اڳتي ڪي اهڙا پهلو اچي ويا جنهن کي بيان ڪرڻ ضروري سمجهيم ، مثلن اڄ ڪل مستشرقينن جون ٿيوريون ۽ ڪتاب اسان وٽ عام ڄآم ٿي ويا آهن ۽ اسان جا مسلمان ڀائر اڻڄاڻائي ۾ مستشرقين جي مڪارين کي بنا سمجهي هن کي بي خيالي ۾ اڳتي وڌائن پيا هن جو سدباب ڪرڻو هو ، جئين اڄ ڪل پاپائيت جي خباثتن کي اسلام جي غلط تشريح ڪندڙ کي هڪ ئي پليٽ فارم تي رکي عالمن کي مجموعي سطح تي ملائيت جو نالو ڏئي ڪري ساڳي نموني عوام کي گمراه ڪيو پيو وڃي ، عوام کي مخلص عالم ۽ اسلام جي لباس ۾ اسلام دشمن جيڪي برابر ڏاڙهيون به رکن ٿا اسلام جي ڳالھ به ڪن ٿا ۽ مختلف ذريعن سان عوام کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائن ٿا گمراه ڪن ٿا پر ٻنهن ۾ مجموعي سطح تي فرق نٿو ڪيو وڃي اسين ڏسون پيا ته اهڙي نموني گمراهي ڏينهن و ڏينهن وڌي پئي اسين اسلام جي دائري مان خارج ٿي ٿا وڃون ۽ اسان کي خبر به نٿي پئي ، اڄ ضرورت آهي ته اسين سڀ کان پهريان اسلام جي بنيادي علمن کي حاصل ڪريون ، قرآن مجيد جي تلاوت سان گڏ هن جي ترجمي جيڪو مستند هجي پڙهون ، نبي ڪريم ﷺ جي نقش قدم تي هلون ، وس آهر دين اسلام سان لاڳاپو قائم ڪريون ، جهڙي نموني ڪو انسان مٽ کڙڪائي وٺندو آهي اهڙي نموني اسلام جو اونهو مطالعو ڪريون ۽ حق باطل ۾ فرق ڪرڻ ڄاڻو ، دعا آهي ته الله تعالى اسين سڀني مسلمام ڀائرن کي دين سان محبت ۽ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي . ربي اشرح لي صدري و يسر لي امري واحلل عقد ة من لساني يفقهوا قولي. آمين يا رب العالمين دعائن جو طلبگار ؛ افتخار علي چوهاڻ
جواب: جمهوريت ڇا آهي؟ اڄ ضرورت آهي ته اسين سڀ کان پهريان اسلام جي بنيادي علمن کي حاصل ڪريون ، قرآن مجيد جي تلاوت سان گڏ هن جي ترجمي جيڪو مستند هجي پڙهون ، بني ڪريم ﷺ جي نقش قدم تي هلون ، وس آهر دين اسلام سان لاڳاپو قائم ڪريون ، جهڙي نموني ڪو انسان مٽ کڙڪائي وٺندو آهي اهڙي نموني اسلام جو اونهو مطالعو ڪريون ۽ حق باطل ۾ فرق ڪرڻ ڄاڻو ادا افتخار چوهاڻ اسلام عليڪم۔جمهوريت لفظ جي عربي ۽ يوناني حوالن سان ڪيل اوهان جي تشريح۔پڙهڻ سان اسان جي علم ۾ ڪافي اصعافو ٿيو آهي،انسان جي ارتقاء جي باري ۾ به سٺو مواد شامل آهي اوهان جي ليک ۾ ۔ادا سائين توهان جي مٿين ڳالھ کان اسان سوء فيصد متفق آهيون۔قران شريف اسان کي سمجهي پڙهڻ گهرجي ۽ ان ۾ ڏنل پرک جي تارازو تي ۽ محسن انسانيت نبي سڳورن جي فرمايل رستن تي پاڻ کي ۽ پنهنجي اسلامي عقيدن کي پرکڻ گهرجي ۽ اسان کي اسلامي تعليم حاصل ڪري اسلام جي اصلي روح کي سمجهي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي۔ ۔ماشالله جمهوريت تي لکندي لکندي۔انسان جي ڪمزورين جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ ۽ وري قران پاڪ جي روشني ۾ پاڻ کي پرکڻ ان ليک ۾ شامل ڪري۔هڪ ئي مضمون کي توهان پنهنجي ڏاهپ ۽ قلم جي رواني ۽ زور سان تمام گهڻو قيمتي ڪري ڇڏيو۔توهانجون محنتون تعريف جي لائق آهن ۔ادا هميشه خوش رهو۔
جواب: جمهوريت ڇا آهي؟ وعليڪم السلام ، محترم اوهان جي وڏي مهرباني جو ليک تي نظر وڌو ، اسين پنهنجي واعدي مطابق مضمون ونڊ ڪرڻ جي ابتدا ڪري ڇڏي آهي ، هن مضمون کي سنڌ سلامت جي اڳڻ تي نروار ڪرڻ ۾ اوهان دوستن جو ساٿ به شامل آهي ، يا ته پاڻ لکڻ ۾ تمام سستي جو پيا مظاهرو ڪريون ، آئون اڃان مزيد ڪوشش ڪرڻ جو سعيو ڪندس ، انشاء الله
جواب: جمهوريت ڇا آهي؟ مهرباني ادا افتّخار گهنن ڏينهن کانپوء اوهان پاران خوبصورت ليک فورم جي زينت بڻيو آهي۔ گهڻي ڄاڻ ملي ته جمهوريت آهي ڪهڙي بلا۔ اسان ته بس جهموريت جي تشريح عام ماڻهن ۽ گهڻن ماڻهن جي راء کي سمجهندا هئاسين پر اسانکي لفظي معنى جي خبر ڪانه هئي۔ جيتوڻيڪ جمهوريت پاڪستان ۾ به رهي آهي پر ان کي هلڻ ۽ وڌڻ ڪونه ڏنو ويو آهي۔ مان جمهوريت جو حامي رهيو آهيان ۽ اڳتي به رهندس۔ خوبصورت لکڻي
جواب: جمهوريت ڇا آهي؟ ادا افتخار علي چوهاڻ لک ٿورا تمام سٺي موضوع جي چونڊ ڪئي اٿوَ ۔ ڳالهه اِها به اٿوَ ته نام نهاد ترقي پسند جي ذهنن جي ککر ۾ کڙو ته هڻي ڪڍيو اٿوَ ، هاڻ برداشت جو به مظاهرو ڪجو ڇو ته اِن موضوع تي ٽيڪا ٽپڻي به ايندي ۔ ڪجهه صورتخطي جون غلطيون آهن انهن تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۔
جواب: جمهوريت ڇا آهي؟ علامه اقبال جو هڪ شعر ياد پيو اچي سائين جمهوريت ايڪ طرزِ حڪومت هي جس مين بندون ڪو گنا جاتا هي تولا نهين جاتا سائين اوهان جي بهترين تحرير پڙهي سون بهترين سمجهاڻي ۔ سائين حقيقت ۾ ڪو به نظام جڏهن وجود ۾ ايندو آهي ته ان جو منشور خراب ناهي هوندو پر ان نظام جي رائج ٿيڻ کان پوءِ ان ۾ جڏهن ذاتيات جنم وٺنديون آهن ۽ جڏهن ان نظام جي اصل شڪل باقي ناهي رهندي ته اهو نظام انساني معاشرن لاءِ ناصور بڻجي ويندو آهي ۔ جيڪي ماڻهون پاڻ کي جمهوريت جو هيرو سمجهن ٿا اڄ انهنجي گهر مان اها ڳالھ احتجاج طور سامهون پئي اچي ته هي نظام غلط آهي ۔ اليڪشن ۽ سليڪشن ۾ وڏو فرق هوندو آهي سائين ۔ اوهان جا لک ٿور جو اوهان فورم لاءِ اهڙو ليک ونڊيو ۔ وسلام
جواب: جمهوريت ڇا آهي؟ اوهان جا ڪامينٽس پڙهي خوشي ٿي ، جمهوريت کي جيڪر عربي لفظ جي تعبير بڻائي عمل ڪجي ته پوءِ آئون به هن جو مخالف نه رهندس باقي ادا اهڙي ڇڙواڳ جمهوريت جو الله ي حافظ آهي ، هنن قاعدن ۽ ضوابطن سان معاشري جو اصلاح ته نه ٿيندو بلڪه انساني خواهشن جي ڪري رڳو خسارو ئي خسارو نتيجي طور سامهون ايندو ، ضرورت آهي ته اهڙا نمائده اڳيان اچن جيڪي نيڪ سيرت ۽ باڪردار هجن ۽ اهڙن اشخاصن کي پاريمنٽ ۾ آڻجي پر امريڪه بهادر ڪڏهن به اهو نه چاهيندو ، اوهان کي ياد هوندو ته عالمي سطح جي سياست کي قبول ڪري جمهوري انداز سان حماس فلسطين ۾ ڪامياب ٿيا پر هنن کي اقتدار نه ڏنو ويو اهو چئي ڪري ته اهي دهشت گرد تنظيم سان وابسطه آهن ،
جواب: جمهوريت ڇا آهي؟ مهرباني دوست جيستائين صورتخطي جي غلطين جي ڳالھ آهي سا ڪوشش ڪري ختم ڪيون آهن ، باقي نام نهاد ترقي پسند جي اصلاح لاءِ مون اڳ ۾ به کوڙ ونڊون ڪيون آهن ۽ اڳتي به انشاء الله اهو سلسلو جاري رکبو ، باقي جيڪر ڪنهن کي ڪو اعتراض آهي ته اهي اعتراض ڪري سگهن ٿا ۽ هنن کي اهو حق به حاصل آهي ، اسين ڪوشش ڪري هنن جي اعتراضن جا جواب تحمل جو مظاهرو ڪري ڏينداسين ، انشاء الله !، هڪ دفعي وري به اوهان جي مهرباني مضمون پسند ڪرڻ ۽ ڪامينٽس ڏيڻ جي ،
جواب: جمهوريت ڇا آهي؟ سبحان الله اوهان جي شاعري چونڊ واه جي آهي ۽ مضمون سان پڻ ٽهڪي اچي ٿي ، ادا ڏاڏل معاف ڪجو اوهان جي ڳالھ سان سهمت ٿي نه سگهيس جو آئون هر هن نظام کي تسليم نٿو ڪريان جنهن کي خالص عقل جي بنياد تي ڄوڙيو ويو هجي ، ها جيڪر اسلام جي روشني ۾ ۽ نبي ڪريم ﷺ جي فرمودات ۽ صحابن سڳورن جي تعليمات سان مرتب ڪيون وڃن ته پوءِ نظام اهڙو مرتب ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ عوام ۽ انسان ذات جي ڀلائي منحصر ٿئي ، دوست مضمون پسند ڪرڻ لاءِ اوهان جو ٿورائتو آهيان ، شل ڄڙيا هجو ، والسلام
جواب: جمهوريت ڇا آهي؟ هوئن ته لغت جي ڊڪشنري ۾ جمهوريت جي لفظي معنيٰ آهي عوام جي حڪومت عوام جي لاءِ، پر جمهوريت جي ان لفظ جي معنيٰ ان وقت يڪسر تبديل ٿيو وڃي جڏهن اهو لفظ پاڪستان جي سياسي ڊڪشنري ۾ استعمال ٿئي ٿو. اهڙي حقيقت کي توهان پاڪستان جي ماضي جي سياسي تاريخ ۾ جھاتي پائي ڏسي سگھو ٿا، ماضي ته پري جي ڳالهه آهي پر جيڪڏهن موجوده سياسي حالتن کي به مدنظر رکيو وڃي ته پاڪستان جي سياست ۾ جمهوريت جو مفهوم سولي طرح سمجھي سگھجي ٿو. دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جو وجود آهي اتي اها حڪومت عوامي منشا ۽ مرضي جي تابع ئي هوندي آهي ۽ وڌ کان وڌ عوامي سهولتون ئي سندس جي ترجيح هونديون آهن. پر اسان وٽ بدقسمتي اها آهي آهي ته جمهوريت جي لفظ کي استعمال ڪندي غير جمهوري عملن جو رواج شروع کان وٺي پئجي رهيو آهي تمام سٺو ليک آھي
جواب: جمهوريت ڇا آهي؟ صحيح پيا چو ادا عبدالواحد سومروصاحب پرڪستان ۾ واقعي جمهوريت ڪجه اهڙي نموني ئي آهي جئين اوهان پيا ٻڌايو ، پر ساڳي جاءِ تي جتي جمهوريت درست نموني پئي هلي ڇا هن جو منطقي انجام اوهان محسوس ناهي ڪيو ، عوام جي آزادي ڪيتري نه ڇڙواڳي تائين اچي پهتي آهي ، ڪهڙي برائي نه آهي جنهن کي جمهوريت نالي انسان ذات مٿان لاڳو نه ڪئي وئي آهي ، هم جنس پرستي جو بل ، فحاشي جي بل ، وغيره غرض انسان هر برائي کي جمهوريت نالي پيو اپنائي ، رڳو اڪثريت جي بنياد تي ۽ مذهب کي سياست مان ڌار ڪرڻ جو انجام سڀنن جي اکين آڏو آهي ، ضرورت آهي درست ۽ سچي واٽ جي نه ته عقل جي بنياد ۽ اڪثريت جي راءِ سان ڪيريون ئي ٿيوريون ، تحريڪون جنم ته وٺن ٿيون پر انجام هميشه ڀيانڪ ۽ برو نڪتو آهي ، پوءِ ڇو نه اها جمهوريت هجي ، ڪميونزم هجي ، سيڪولرازم هجي ،