افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
جمهوريت ڇا آهي؟
جمهويت لفظ پنهنجي اصل عربي زبان جي لحاظ کان ڪو خراب ڪونهي . علامه ابن منظور رح جمهوريت جي تعريف هن طرح ڪئي آهي ” جمهوريٽ ” ڀِٽ “ يعني هن ڍير کي چئبو آهي جيڪا پنهنجي چوڌاري زمين کان مٿائين ۾ هجي ۽ گڏ ٿيل ۽ ته مٿان ته ريتيلي مٽي جي وڏي ميدان کي به ” جمهوره“ چئبو آهي . جمهور الناس کان مراد آهي ته ماڻهن جي ممتاز ۽ نمايان فردن جي ڪثرت “ (لسان العرب)
حديث ، فقه ۽ لغت جي ڪتابن ۾ لفظ جمهور هن ئي مفهوم ۾ بار بار اچي ٿو . معنى اها نڪتي ته نمايان ۽ بلند مرتبه فردن جي مفهوم جي اعتبار سان هن جي استعمال ۾ ڪو قباحت ناهي . اسلامي رياست جو سربراه ” جمهور الناس “ يا هنن جي نمائندن (اهل الحل و العقد) جو منتخب ٿيل ۽ معتمد هجڻ ضروري آهي ۽ هن لحاظ کان اسلامي نظامِ حڪومت به جمهوري ۽ شورائي نظام آهي ، پر هتي زير بحث لفظ جمهوريت مان عالمن ۽ فقيهن جو متعارف ٿيل ۽ معروف لفظ جمهور نه آهي بلڪه ” ڊيموڪريسي “ جو متاردف لفظ مراد آهي . اوله وارن جمهوريت جو تصور عربي اصطلاح مان نه بلڪه يوناني لفظ ڊيموڪريسي کان اخد ڪيو آهي جنهن جي معنى عوام جي حڪومت عوام جي ذريعي عوام جي لاءِ .
هن نظام ۾ معيار حق ۽ ماخدِ قانون عوام جي مرضي تي رکيل هوندي آهي . جمهور الناس مختارِ ڪل ۽ مقتدر اعلى هوندا آهن ( يعني اڇي ڪاري جا مالڪ) ۽ جمهوريت رڳو ڇڙواڳ هوندي آهي . هن نظام ۾ قومي ۽ عوامي نمائندن لاءِ دين ۽ آسماني ڪتابن يا اخلاقي قدرن جي تابعداري ضروري ناهي هوندي ، بلڪه عوام جي مرضي ۽ هنن جي پسند جي اطاعت ۽ وفاداري لازمي هوندي آهي مطلب عوام ئي خدا ۽ عوامي نمائندا نعوذ بالله هنن جا رسول هوندا آهن .
ڊيموڪريسي جو پسِ منظر
ڊيموڪريسي دراصل بادشاهت ۽ پاپائيت (ٿياڪريسي) جي رد عمل ۾ آئي . ماڻهو جڏهن بادشاهن جي بربريت ۽ پوپ جي ڏاڍ کان تنگ ٿيا ته هنن بي لغام آزادي جو رستو اختيار ڪيو ۽ سيڪيولر جمهوريت کي آزادي جو منزل ڪوٺيائون . آزادي جي شوق ۾ اهي ماڻهو بادشاه ۽ پوپ سان گڏ خدا ، رسول ، مذهب ۽ اخلاقي قدرن کان به آزاد ٿي ويا .
تاريخي دور کان اڳ برطانيه جي جزيري ۾ مختلف نسلن جا ماڻهو آيا جيڪي مختلف هندن کان اچي آباد ٿيا هئا . هنن مان گهڻائي برطنن جي هئي جنهنن جي نسبت سان هن جزيري جو نالو برطانيه پئجي ويو
57 ق م کان 450 عيسوي تائين انگلستان ۾ رومي شاهنشاهيت جو قبضو رهيو يعني 507 سال برطنن آزادي جي جدوجهد ڪئي پر ناڪام رهيا ، هنئي آزادي جي سلسلي ۾ ملڪه بوڊيشيا کي اڄ تائين قومي هيرو جو درجو حاصل آهي .
رومين کان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ برطانيا جي عوام فيبروري 1689 ع ۾ بنيادي حقن جو اعلان ڪيو 1235 ع ۾ مختلف غير ملڪين خاندانن ڇرواگيت ، موروثي بادشاهت ۽ نوازيل جاگيردارن جي غلامي ۾ گرفتار رهيا . جيتوڻيڪ 1214 ع ۾ ميگنا ڪارٽا يعني ” وڏي منشور“ تي بادشاه دستخط ڪري ڇڏيا هئا جنهن کي انگلستان جي تاريخ ۾ جمهوريت جو سنگ بنياد چيو وڃي ٿو ، پر حقيقت اها آهي ته اهو منشور رڳو وڏن صنعت ڪارن ۽ سرمايه دارن لاءِ هو ، هارين ، محنت ڪشن ۽ غريب عوام لاءِ هن ۾ ڪو فائدو ڪون رکيل هو ، هن ئي نموني 1240 ع ۾ ”شاهي وڏي مجلس“ کي ”پارليمنٽ“ جو نالو ڏنو ويو پر اهو سڀ ڪجه نالي ماتر هو ، حقيقت ۾ جاگيردارن ۽ اميرن جي من مانيون هلنديون رهيون . 1649ع ۾ هن وقت جي بادشاه چارلس اول (پهريون) کي جمهوريت پسندن ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو ۽ جمهوري حڪومت به قائم ڪري ورتي پر ٺيڪ يارهن سالن کان پوءِ 1660 ع ۾ پارليمنٽ چارلس ثاني (ٻئي) کي بادشاهت جي گدي تي وهاري ڇڏيو .
1689 ع کان وٺي اڄ تائين آئيني بادشاهت کي ماڻهن سيني سان لڳائي رکيو آهي ۽ قوم جو خزانو هن سکڻي نالي جي ” تاج برطانيه“ مٿان خرچ ڪيو پيو وڃي .
مغربي (اوله) تمدن جو شجرو قديم يوناني ۽ رومي تمدن سان ملي ٿو ۽ اهوئي هنن جو مرڪز آهي .هن ئي تمدن مان اهل مغرب نه رڳو شهنشاهيت سکي بلڪه ماده پرستي به هنن کي هتان ئي ميراث ۾ ملي آهي . يوناني تهذيب جي اصل خاصيت ئي ماده پرستي آهي . افلاطون پنهنجي ڪتاب ” رياست “ ۾ نوجوانن کي بي قيد زندگي ۽ نه ختم ٿيڻ واري حرص وڏي درد ۽ ڪرب سان ذڪر ڪيو آهي . هو پاڻ توحيد ۽ اخلاقي قيودن جو قائل هو پر هن جو ماحول خدا جو منڪر ۽ ماده پرست جو پرستار هو . يونانين جا جانشين رومي هئا پر ماديت ۽ حيوانيت ۾ اهي پنهنجي اسلافن کان به اگتي نڪري ويا . ماده پرستي جي سيلاب کي روڪڻ لاءِ رهبانيت (1) ايجاد ڪئي وئي پر هن پاپائيت جي شڪل اختيار ڪري دنيا پرستي جي ماضي جي سڀني رڪارڊن کي ٽوري ڇڏيو ۽ عقليت پسندي جو قتل عام شروع ٿي ويو . عوام بادشاهت ۽ پاپائيت جي ٻٽي مظالمن ۾ گرفتار ٿي ويا * غلامي جي ٻٽي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويا .
عوام حقيقي دين اسلام کان ناواقف هئا ۽ بادشاهن ۽ پاپائيت مان تنگ ٿي چڪا هئا ، هن ڪري رد عمل جي طور تي مذهبي روايتن جي خلاف هنن جي اندر دشمني ۽ تعصب جنم ورتو ، شروع ۾ مغرب جي فلسفي نيچرل ازم مادي اشياءَ جي تصور سان گڏوگڏ خدا جي هستي جا قائل هئا . ”ڊيڪارٽ“ (ُوفات 1650ع) ڱي مغربي فلسفي جو ابو سمجهيو ٿو وڃي هڪڙي پاسي هو خدا جو قائل هو ۽ ٻئي پاسي چوندو هو ته اهو عالم طبعي قوانينن جي آڌار تي پنهنجي پاڻ هلي رهيو آهي ۽ خدا جو هن سان ڪو به تعلق ناهي . ”لوتهر“ 1866ع ۾ اصلاحي تحريڪ هلائي پر هو ماديت ۽ تذبذب ۽ شڪ شبه جي جيوڙن جو مقابلو نه ڪري سگهيو .
شڪ شبه ۽ تذبذب جو دور هلي رهيو هو پوءِ 1859ع ۾ ” ڊارون“ جو نظريو کڙ کنيو هن پنهنجي ڪتاب ( اصل انواع) شائع ڪيو هن اهو نظريو ڏنو ته انسان ڀولڙي جيان ڪنهن مخلوق جي ترقي يافته شڪل آهي ۽ هن جو اصل مقصد خواهش نفس جي تڪميل ، دنيا جي آراشن مان لطف حاصل ڪرڻ ۽ هن مان فائدو وٺڻ آهي . ڪائنات جو هي سارو نظام طبعي قوانين ۽ نيچريت جي آڌار تي هلي رهيو آهي ، نه ڪو خدا آهي نه ڪو رسول ۽ نه ڪو آخرت ۽ نه روح انسان آهي .
” ڪارل مارڪس“ ” اينگلس“ جي تعاون سان 1847 ع ۾ هڪ ” ڪميونسٽ ليگ“ جو بنياد وڌو. هنن ٻنهي ملي ڪري ” ڪميونسٽ ميني فيٽو“ مرتب ڪيو مارڪس ڊارون جي ارتقائي فلسفي کي بنياد بڻائي چيو ته انسان محض هڪ جانور آهي جيڪو ماني گپي لاءِ وڙهندو ٿو رهي ، طبقاتي ڪشمڪش ۽ فلسفهِ جدليت ماڪس ازم جو اصل بنياد آهي هن چيو ته مذهب هڪ ” افيون“ آهي ۽ ڪميون ازم مذهب جو خاتو ڪري ٿو ۽ مذهب جي آڌار تي مبني اخلاقي قدرن جو خاتمو ڪري ٿو .
” سگمنڊ فرائڊ“ 1900 ع ۾ پنهنجي ڪتاب ” تعبير خواب“ لکيو ۽ 1904 ۾ هن پنهنجي ٻي ڪتاب ” روزاني زندگي جي نفسيات“ شائع ڪئي . اهو شخص نئي علم مفسيات جو باني سمجهيو ويندو آهي . هنئي ڊارون نظريعي کي اڳتي وڌايو ۽ چيو ته انسان خواهشن ۽ شهوتن کان سواءِ زنده نٿو رهي سگهي . ڏوه هن جي فطرت ۾ سمايل آهي (2) . هن کي مڪمل آزادي ملڻ گهرجي ، خدا مذهب ۽ اخلاق سڀ معاشري جي دباو جي پيداوار آهي ۽ حقيقت ۾ اهي سڀ ڳالهيون وهم کان سواءِ ڪجه به ناهن.
............................................................................................................
(1) رهبانيت ؛ قرآن ۾ صورت الصف جي آيت مبارڪه آهي ته نصرانين (عيسائين) رهبانيت جنهن جو مطلب بيابانن ۽ جهنگلن ۾ رياضتون ڪرڻ ٻک ڪاٽڻ هو اختيار ڪيائون حالانڪه هن جو حڪم هنن کي ڪون هو .
(2) حديث شريف ۾ اچي ٿو ته انسان پنهنجي فطرت تي ڄمي ٿو پوءِ هن جا والدين هن کي يهودي يا نصراني بڻاين ٿي ، مطلب انسان دين اسلام واري فطرت تي پيدا ٿئي ٿو پوءِ هن جي والدين هن کي ٻين مذهبن ڏي ڇڪي ويندا آهن .
..........................................................................................................
نوٽ ؛ مضمون جي طوالت کان بچندي هتي ختم ڪريان ٿو جو مضمون ڊڳهي ٿيڻ جي صورت ۾ پڙهندڙن کي يڪسوئي قائم رکڻ مشڪل ٿي پوندو آهي ۽ مختصر مضمون ۾ اها خوبي هوندي آهي جو هر ڪو هن کي پڙهي سگهندو آهي . مضمون پيش ڪرڻ جو اصل مقصد ” جمهوريت تي روشني وجهڻ هئي پر اڳتي ڪي اهڙا پهلو اچي ويا جنهن کي بيان ڪرڻ ضروري سمجهيم ، مثلن اڄ ڪل مستشرقينن جون ٿيوريون ۽ ڪتاب اسان وٽ عام ڄآم ٿي ويا آهن ۽ اسان جا مسلمان ڀائر اڻڄاڻائي ۾ مستشرقين جي مڪارين کي بنا سمجهي هن کي بي خيالي ۾ اڳتي وڌائن پيا هن جو سدباب ڪرڻو هو ، جئين اڄ ڪل پاپائيت جي خباثتن کي اسلام جي غلط تشريح ڪندڙ کي هڪ ئي پليٽ فارم تي رکي عالمن کي مجموعي سطح تي ملائيت جو نالو ڏئي ڪري ساڳي نموني عوام کي گمراه ڪيو پيو وڃي ، عوام کي مخلص عالم ۽ اسلام جي لباس ۾ اسلام دشمن جيڪي برابر ڏاڙهيون به رکن ٿا اسلام جي ڳالھ به ڪن ٿا ۽ مختلف ذريعن سان عوام کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائن ٿا گمراه ڪن ٿا پر ٻنهن ۾ مجموعي سطح تي فرق نٿو ڪيو وڃي اسين ڏسون پيا ته اهڙي نموني گمراهي ڏينهن و ڏينهن وڌي پئي اسين اسلام جي دائري مان خارج ٿي ٿا وڃون ۽ اسان کي خبر به نٿي پئي ، اڄ ضرورت آهي ته اسين سڀ کان پهريان اسلام جي بنيادي علمن کي حاصل ڪريون ، قرآن مجيد جي تلاوت سان گڏ هن جي ترجمي جيڪو مستند هجي پڙهون ، نبي ڪريم ﷺ جي نقش قدم تي هلون ، وس آهر دين اسلام سان لاڳاپو قائم ڪريون ، جهڙي نموني ڪو انسان مٽ کڙڪائي وٺندو آهي اهڙي نموني اسلام جو اونهو مطالعو ڪريون ۽ حق باطل ۾ فرق ڪرڻ ڄاڻو ، دعا آهي ته الله تعالى اسين سڀني مسلمام ڀائرن کي دين سان محبت ۽ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي . ربي اشرح لي صدري و يسر لي امري واحلل عقد ة من لساني يفقهوا قولي. آمين يا رب العالمين
دعائن جو طلبگار ؛ افتخار علي چوهاڻ